لطيف سائينءَ تي ٿيل ايم فل ٿيسز بابت آگاهي ڏينداسين. جن جو تعداد اسان کي صرف 9 ملي سگهيو آهي، جيڪي هند ۽ سنڌ جي مختلف درسگاهن مان ٿيون آهن. سڀ کان پهرين لطيفي ايم. فل ٿيسز سن 1989 M انڊيا ۾ ٿي. وڌيڪ ٻين ايم. فل ٿيسز جو سن وار احوال هيٺ لکي رهيا آهيون:
1. شاھ جا سرموڙ- ڊاڪٽر منوهر بختراءِ مٽلاڻي-1989، (ڇپجڻ جو سال 1991) ممبئي يونيورسٽي انڊيا.
2. شاھ ۽ سچل جو تقابلي اڀياس- ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي-1994، (ڇپجڻ جو سال 2003) ممبئي يونيورسٽي انڊيا.
3. شاھ عبداللطيف جي ڇپيل رسالن جو تنقيدي جائزو- ڊاڪٽر مسز خورشيد عباسي-1994، (اڻ ڇپيل) ڪراچي يونيورسٽي.
4.Bhitai’s Shah jo Risalo as a source of reconstruction the history of sindh-Dr Bashir Ahmed Jatoi-2014 (un published)-Quaid e Azam University Islamabad
5. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سسئيءَ جي سرن جو فڪري مطالعو- ڊاڪٽر امداد علي مجيداڻو-2021، (اڻ ڇپيل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
6. شاھ جي رسالي ۾ سر سارنگ جي منظر نگاري- ڊاڪٽر فهد حسين مانڊڻ-2021، (اڻ ڇپيل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
7. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ خوش مزاجي وارا رويا، هڪ اڀياس- ڊاڪٽر منظور احمد خلجي-2022، (اڻ ڇپيل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
8. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو- ڊاڪٽر مير محمد تنيو-2022، (اڻ ڇپيل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
9. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ سر مارئي جو فڪري اڀياس- ڊاڪٽر فهميده لغاري-2022 (اڻ ڇپيل)، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
***