پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ قبائلي نظام تمام گهڻو مضبوط آهي. جنهن جي ڪري اتان جون سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون به ٻين صوبن کان منجهيل رهن ٿيون. 20 جولاءِ 2025 تي بلوچستان ۾ ٿيندڙ هڪ سفاڪاڻي قتل جي وڊيو وائرل ٿي وئي. بي بي سي جي خبر مطابق اهو قتل عيد جي ٻئي ڏينهن تي ٿيل آهي، پر وڊيو 20 جولاءِ تي وائرل ٿي آهي. اسان جي سماج ۾ رياستي طور تي ڪجهه اهڙين ريتن، رسمن ۽ بندشن کي پٺڀرائي حاصل آهي، جنهن جي ڪري اسان جي سماجي نظام ۾ رهندڙ عورت اڄ به چوڏهن سئو سال اڳ واري زندگي گذاري رهي آهي.
چيو وڃي ٿو ته قتل ٿيندڙ ڇوڪري جنهن جو نالو شيتل هو، ان پنهنجي پسند سان هڪ نوجوان سان شادي ڪئي، جنهن تي سندس خاندان کيس سندس مڙس سوڌو قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ويران جابلوئي جڳهه تي وٺي وڃي گوليون هڻي ماري ڇڏيو، ڪنهن ان وقت جيڪا وڊيو ٺاهي سان هاڻي وائرل ٿي چڪي آهي. تازين خبرن موجب بلوچستان حڪومت ان خوفناڪ غيرت جي نالي تي قتل واري واقعي تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ هڪدم ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي، جنهن ۾ 11 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير هڪ بيان ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته غير انساني عمل ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
سوال اهو آهي ته آخر رياست عورت کي هڪ انسان ۽ پنهنجو شهري سمجهي تحفظ ڪڏهن فراهم ڪندي؟ ۽ اهڙن وحشياڻين رسمن کي ڪڏهن پنهنجي طاقت سان ختم ڪري اهڙو اعلان ڪندي ته اهڙين رسمن تي عمل ڪندڙ ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وينديون؟ جڏهن رياست پنهنجي Will ڏيکاريندي ته ان جو نتيجو به نظر اچڻ شروع ٿيندو. ڇو ته هتي هر طاقتور شخص صرف رياست جي طاقت کان ئي خوف کائي سگهي ٿو، نه ته هو پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ۾ بي خوف آهي ۽ پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪنهن هڪ ڏينهن جو مسئلو ناهي اهو هڪ دائمي مسئلو آهي، جنهن کي انتهائي سنجيدگيءَ سان سماجي، قانوني ۽ آئيني طور تي ڏسڻو پوندو، حل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن عورت کي تحفظ نه مليو ته عورت جيڪا زنده رهجي ويندي اها به نفسياتي مسئلن جو شڪار بڻجي ويندي.
جيڪا خوفزده هجڻ جي ڪري ترقيءَ جي راهن تي هلڻ جي قابل نه رهندي ۽ هڪ مفلوج زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندي. پاڪستان هڪ اسلامي رياست آهي ۽ اسلام جي تعليم ۾ ڪٿي به عورت کي عزت جي نالي تي قتل ڪرڻ جي اجازت مليل ناهي. جيڪڏهن اسلامي رياست ۾ عزت جي نالي تي قتل ڪيو پيو وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو عمل اسلام کي چئلينج ڪري رهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان جا شرعي ادارا ۽ ڪورٽون خاموش ڇو آهن؟ عورت سان جڏهن ظلم ۽ بربريت جو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ته ان وقت ان کي رسمن ۽ رواجن جو ڍڪ ڏئي سماج ۾ ڳالهائيندڙ ماڻهن کي خاموش ڪيو وڃي ٿو.
اهو هن رياست جي لاءِ به ٻٽو معيار مقرر ڪرڻ جو ڏوهه آهي. اسلام ۾ عورتن کي ڏنل حق ۽ عزت بيمثال آهن. قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ عورت کي پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ جو پورو پورو حق ڏنل آهي، جنهن ۾ شاديءَ جو فيصلو به شامل آهي. اسان جي ملڪ جي انهن عالمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪي واقعي اسلام جي سمجهه رکن ٿا ۽ صحيح تعليم جو فروغ چاهين ٿا، انهن کي گهرجي ته اهي اڳتي وڌي پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتلن جي سخت مذمت ڪن ۽ حڪومت کان ۽ رياست کان اهڙين ڪارروائين کي ٻنجو ڏيارڻ جي گهر ڪن.
ايئن به ناهي ته پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي خلاف قانون موجود ناهن، پر ڳالهه اها آهي ته ان تي موثر عمل نظر نٿو اچي. هن وقت شايد ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته قبائلي نظامن جي اندر اسلام جي عورت کي ڏنل اسٽيٽس ۽ حقن جي باري ۾ آگاهيءَ جي لاءِ تعليم ڏني وڃي ۽ انهن کي اهڙا ري فريشر ڪورسز ڪرايا وڃن جنهن سان اهي قبائلي سردار جيڪي هيستائين اسلام کي نه سمجهي سگهيا آهن انهن کي اسلام جي پوري سمجهه ڏني وڃي ته اسلام عورت کي ڪيترو مان، مرتبو، عزت ۽ حق عطا ڪري ٿو.
هن وقت عورت جي قتل ڪرڻ جو ريشو تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ان جو تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته شايد ان جا ڪجهه بنيادي سبب اسان کي ڏسڻ ۾ ايندا. هڪ ته عورت تعليم يافته ٿي رهي آهي ۽ باشعور ٿيڻ سان کيس پنهنجي بنيادي حقن جي آگاهي اچي وئي آهي. ٻيو ته هوءَ باشعور ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي خانداني وراثت مان حصو وٺڻ جي لاءِ به عدالتن تائين پهچي وڃي ٿي، شايد اها ئي ڳالهه هن سماج ۾ رهندڙ انهن مردن لاءِ ناپسنديده ٿي چڪي آهي. عورت کي جيڪڏهن تحفظ فراهم ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي جديد بنائڻو پوندو.
مرد ۽ عورت جي وچ ۾ جيڪا تفريق آهي ان کي ختم ڪرڻو پوندو. خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ جتي اهڙي تعليم اڃان تائين نه پهچي سگهي آهي جيڪا انساني سوچ کي تبديل ڪري سماج ۾ تبديلي آڻي سگهي، اهڙن ڏورانهن علائقن کي اها جديد تعليم ڏئي تبديل ڪرڻو پوندو ته جيئن سماج ۾ اهڙا دردناڪ واقعا رونما نه ٿي سگهن. مرد ۽ عورت کي اهو سيکارڻو پوندو ته اهي گڏجي ڪيئن رهي سگهن ٿا.
ڇوڪرين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ تمام اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن نياڻيون اعليٰ تعليم حاصل ڪري اهڙن فرسوده نظامن کي ٽوڙي اڳتي نڪري سگهن. اسان جي ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي به پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن حڪومت تي دٻاءُ وجهي اهڙن مجرمن کي قانون جي ڪٽهڙي تائين آندو وڃي ۽ کين انجام تائين رسايو وڃي. ان سان گڏوگڏ اسان جي نوجوان نارين کي به گهرجي ته جڏهن سندن گهرن ۾ يا سندن ارد گرد اهڙو ڪو خطرو موجود هجي ته اهي ڪنهن خير خواهه سان ان ڳالهه جو ضرور ذڪر ڪن ۽ مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن يا پنهنجي خطري جي آگاهي پوليس تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن سندن جان ضايع ٿيڻ کان پهرين بچائي سگهجي. انهن سڀني ڳالهين جي ڪندي آخر ۾ سڄي ذميداري وري به اسان جي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي رياست تي اچي ٿي، جيڪا هن رياست ۾ رهندڙ عورت کي اسلامي شريعت مطابق تحفظ فراهم نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ان کي اهي شرعي حق پوري طرح ڏيئي سگهي آهي، جنهن جي دعويٰ هيءَ اسلامي رياست ڪري ٿي.