بلاگنئون

ويو هليو!!

تيلو محبت ڀريل نظرن سان شلوءَ کي ڏسي چيو “ڪيڏو نه سٺو ٿئي جيڪڏهن پنهنجي شادي ٿي وڃي” شلو اهو ٻڌي مُرڪي پئي ۽ چيو “تو ته ڄڻ منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪيتري وقت کان آئون پڻ اهو ئي سوچي رهي آهيان، واقعي تو ته اهو چئي منهنجي هڪڙي مسئلي کي حل ڪري ڇڏيو آهي”.
“شلو” تيلو هن جي قريب ٿيندي چيو “جيڪڏهن تنهنجي به اها مرضي آهي ته پوءِ تو مون کي پهرين ڇو نه ٻڌايو؟”
شلوءَ هن جو هٿ جهليندي چيو “تيلو! تون سمجهين ٿو نه عورت اهڙي ڳالهه زبان تي نٿي آڻي سگهي، عورت محبت کي اشارن سان بيان ڪندي آهي. اگر تون ڪڏهن منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسين ها ته توکي سڀ ڪجهه معلوم ٿي وڃي ها. منهنجون نگاهون دل جي ترجماني ڪن ها، منهنجا اشارا محبت جو اظهار ڪن ها، تيلو مون کي توسان بيحد محبت آهي” تيلو اهو ٻڌي بيقرار ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو “شلو! شادي انسان جي زندگيءَ ۾ نهايت ضروري آهي، ان کان بغير زندگي اڌوري آهي.”
شلوءَ پنهنجي ڳري جسم کي هڪ طرف ڪندي چيو “بيشڪ! تنهنجو چوڻ درست آهي، هاڻي اسان کي پنهنجي زندگيءَ کي اڌورو نه رکڻ کپي، ست شخص مون سان محبت ڪري چڪا آهن ليڪن مون انهن سان شادي نه ڪئي، ماڻهو سمجهن ٿا ته آئون ست شاديون ڪري چڪي آهيان، ليڪن تيلو! توکي ته خبر آهي ته عورت جي شادي ايتري آسانيءَ سان نٿي ٿئي، جيستائين هوءَ قانوني طور نه ڦاسي تيستائين هوءَ ڪنهن جي به زال نٿي ٿي سگهي.
تيلو بوٽ لاهي ويهي رهيو ۽ چيو “رنگين مزاج عورتون ته قانون کي به ٽوڙي سگهن ٿيون، اڃان ڪالهه جي ئي ته ڳالهه آهي منهنجي زال امير بورچي سان ڀڄي ويئي آهي.”
“ڇا ڳالهه ڪجي تنهنجي ياداشت جي تيلو” شلو چوڻ لڳي “هن ڳالهه کي ته ست سال ٿي ويا آهن، پر تون ته جهڙو ڪالهه جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، سچ پڇين منهنجي ياداشت تمام گهڻي ڪمزور آهي، آئون ته ايترو به نٿي ڄاڻان ته جن جن ماڻهن سان آئون ڪيترائي مهينا رهي آهيان انهن جا نالا ڇا آهن؟ گذريل ويهن سالن ۾ آئون ڪئين ماڻهن سان گڏ رهي آهيان، ڪيترن ئي شهرن جي سير ڪيو آهي ۽ ڪئين ڏسڻ جهڙيون جڳهيون ڏٺيون آهن ۽ اهي سڀئي شيون آئون خواب وانگر وساري چڪي آهيان.”
تيلوءَ پنهنجون آڱريون شلوءَ جي هٿن ۾ ڦاسايون ۽ نهايت ئي پيار سان چوڻ لڳو “پياري شلو هاڻي اسان شادي ڪري رهيا آهيون ڇو نه هڪٻئي جا اعتراض پهريان ئي حل ڪري ڇڏيون، ڇا تون ٻڌائي ٿي سگهين ته شاديءَ کانپوءِ ڪهڙين شين جي تقاضا ڪندينءَ؟”
شلوءَ پنهنجي پيشانيءَ کي کنهيو ۽ اکيون بند ڪري چوڻ لڳي “مون کي ڪنهن به قسم جو ڪوبه اعتراض نه هوندو، آئون توتي بار نه ٿينديس، فقط ايترو چاهينديس ته شاديءَ کانپوءِ اسان ڪنهن مستقل جاءِ تي پنهنجي رهائش اختيار ڪريون، خانه بدوشن واري زندگيءَ کان بيزار ٿي پئي آهيان، آئون توسان گڏ فقط تنهائي ۽ سڪون سان رهڻ چاهيان ٿي.”
تيلو گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ چيو “خوب! تو به منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي، آئون به اهڙي ئي زندگي گذارڻ چاهيان ٿو. اهڙي تنهائي ۽ سڪون ۾ انسان زندگيءَ جو حقيقي لطف حاصل ڪري سگهي ٿو. تنهائي ۾ جذبات جوان هوندا آهن ۽ جذبات جي جوان ٿيڻ سان انسان پنهنجو پاڻ کي جوان محسوس ڪرڻ لڳندو آهي.”
شلو اهو ٻڌي اداس ٿي وئي ۽ جڏهن تيلو اداس ٿيڻ جو سبب پڇيو ته چوڻ لڳي “تيلو! منهنجي عمر گهڻي ٿي وئي آهي، منهنجو رنگ به هاڻي بدلجي ويو آهي، شباب جا بادل هاڻي صاف ٿي چڪا آهن، حُسن جا آثار به باقي نه رهيا آهن، ڇا اهڙين حالتن ۾ تون مون سان محبت ڪري سگهندين؟”
تيلو اهو ٻڌي محبت سان شلوءَ جي هٿن تي هٿ ڦيريندي چيو “شلو، پنهنجو پاڻ کي منهنجي نظرن سان ڏس، تنهنجي حُسن تي ڪئين خوبصورتيون قربان ڪري سگهجن ٿيون، عمر تنهنجي اکين ۾ نئين قسم جي مستي ۽ ڪيف ڀري ڇڏيو آهي. تنهنجون اکيون شراب جا ٻه اهڙا جام معلوم ٿين ٿا جيڪي لبالب ڀريل هجن.”
“۽ وري منهنجا وار به اڇا ٿي رهيا آهن”
“انهن جو غم نه ڪر، وار ته منهنجا به اڇا ٿي رهيا آهن، انهيءَ حساب سان اسين ٻئي شاديءَ جي قابل آهيون ۽ اسان جي جوڙي موزون آهي.”
“ڇا واقعي؟”
“ها بلڪل سچ” تيلوءَ چيو “منهنجو خيال آهي ته هاڻي ڪافي ڳالهيون ٿي ويون ڇو نه ڪجهه کاڌي جو انتظام ڪري ڇڏجي.”
“تون ته وڏي ڪم جو آهين تيلو” شلو چوڻ لڳي “شايد تون ئي پهريون ماڻهو آهين جيڪو منهنجي دل جون ڳالهيون ٻڌائي سگهين ٿو. آئون ڪيتري خوشنصيب آهيان جو تنهنجي زال ٿينديس.”
اهو ٻڌي تيلوءَ کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ چوڻ لڳو “تون هتي ويهه آئون تنهنجي کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي ٿو اچان. درياهه جي ڪناري کائڻ ۾ وڏو مزو ايندو. ٻڌائي تون ڇا کائڻ پسند ڪندينءَ.”
“زال مڙس جي پسند هڪ جهڙي هوندي آهي”. شلوءَ کلي چيو” هاڻي اهڙن سوالن ڪرڻ جو وقت ڪونهي جيڪا تنهنجي پسند سا منهنجي پسند.”
۽ تيلو مسڪرائيندو هليو ويو. شلو پري تائين هن کي ويندو ڏسندي رهي.
ايتري ۾ هڪ نوجوان اتان گذريو ۽ هن کي ڏسي بيهي رهيو ۽ چيو “معاف ڪجو اوهان وٽ سگريٽ دکائڻ لاءِ ماچس هوندو؟”
“جي ها” هن نوجوان جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو “۽ ماچس لاءِ سگريٽ به هوندي.”
ٻئي کلڻ لڳا. شلوءَ سگريٽ جو پئڪيٽ ڪڍيو، هڪ نوجوان کي ڏني ۽ ٻي پنهنجن چپن سان لڳائي ۽ ماچس مان تيلي ٻاري ٻنهي سگريٽن کي دکايو، فضا ۾ آسماني رنگ جو دونهن ڦهلجي ويو. شلوءَ نوجوان کان پڇيو “ڇا تنهنجي شادي ٿيل آهي؟”
“شادي!” نوجوان ڇرڪي پيو “اڙي شادي ته اسان جي خاندان ۾ ڪنهن به نه ڪئي آهي، ڀلا ٻڌائي ته هو پوڙهو جيڪو ڪجهه دير پهرين هتي هو، اهو تنهنجو ڇا ٿو لڳي؟”
“تو ان کي ڪيئن ڏٺو؟”
“آئون ٻن ڪلاڪن کان توهان جي گفتگو ٻڌي رهيو هئس” نوجوان سگريٽ جو هڪڙو ڊگهو ڪش هڻندي چيو “ڇا هو تنهنجو مڙس هو، ڪيترو نه بدصورت هو اهو پوڙهو.”
“هو منهنجو مڙس نه هو” شلوءَ چيو،
“ته پوءِ ڪير هو؟”
“منهنجو نوڪر هو” شلو قصو ئي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. “خير اهو نه ٻڌايي ته تو پنهنجي شاديءَ متعلق ڇا سوچيو آهي؟”
“توکي ڏسي مون ارادو ڪيو آهي ته شادي ڪري ڇڏيان.” نوجوان شلوءَ کي چيو “پر مون کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن مون ڪنهن کي شاديءَ جي درخواست ڪئي ته ڪٿي اها ٺڪرائي نه ڇڏي.”
“ته ڇا توکي ڪنهن سان محبت آهي؟” پوڙهي شلوءَ نوجوان کان پڇيو.
“ها! پر هاڻي هاڻي ئي ٿي آهي، صرف چند منٽ پهرين ۽ دل ٿي چاهي ته… ايتري ۾ تيلو سڀ ڪجهه وٺي آيو ۽ شلوءَ وٽ هڪڙي اجنبي نوجوان کي ڏسي پڇيو “هي ڪير آهي پياري؟”
شلوءَ هڪڙي حسين نوجوان کي ڏسي ترڪي پئي هئي ۽ نوجوان جو رجحان ڏسي هن جي حالت خراب ٿي چڪي هئي ۽ هن ارادو ڪيو ته اگر شادي ڪرڻي ئي آهي ته پوءِ ڇو نه هن نوجوان سان ڪجي. پوڙهي تيلو سان شادي ڪرڻ به هڪ حماقت آهي ۽ هن کي پنهنجي حماقت تي افسوس ٿيڻ لڳو. سنجيدگيءَ سان چيائين “تيلو! هاڻي ته پاڻ تقريبن زال مڙس ٿي ويا آهيون، شادي ته پنهنجي ٿي ويندي پر هڪ ڳالهه آهي.”
“اها وري ڪهڙي؟” تيلوءَ بيقرار ٿي پڇيو.
“آئون چاهيان ٿي نه شاديءَ کان پهرين تون مون سان واعدو ڪر ته تون منهنجي هڪ ڳالهه مڃيندين.”
“شلو، آئون تنهنجي اشارن تي نچندس، آخر تو تيلوءَ کي سمجهيو ڇا آهي.” تيلو پنهنجين لڙڪيل مُڇين کي تاوَ ڏيندي چيو.
“مون کي يقين نٿو اچي” شلوءَ چيو.
“آزمائي ڏس”
”اڇا” شلوءَ ڳالهايو “اگر اها ڳالهه آهي ته منهنجي هڪ ڳالهه مڃ.”
“ڪهڙي؟”
“هڪ سال کانپوءِ مون سان شاديءَ جي درخواست ڪجينءِ.”
“هڪ سال کانپوءِ؟” تيلو ڏڪي ويو.
“ها هڪ سال کانپوءِ”
“آخر ڇو؟”
“ڳالهه هيءَ آهي ته شلو آڱرين کي گهمائيندي چيو” شادي معمولي ڳالهه نه آهي هوندي آئنده زندگيءَ جو دارو مدار شاديءَ تي ئي هوندو آهي. آئون چاهيان ٿي ته شادي ڪرڻ کان پهرين اطمينان سان سوچ ويچار ڪري وٺان.”
“ڇا سڄو سال تون سوچيندي رهندينءَ؟”
“تون وري منهنجي حڪم کي مڃڻ کان لنوائي رهيو آهين. اگر واقعي تون مون سان شادي ڪرڻ ٿو چاهين هڪ سال انتظار ڪرڻو پوندو ۽ تيستائين مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي”
“پر هي نوجوان…”
“ان جو تون فڪر نه ڪر، تو وڃ آئون هن کي به موڪلي ٿي ڇڏيان.”
۽ تيلو بڙبڙائيندو هليو ويو.
“ته تون ڪنهن سان محبت ڪندو آهين؟” شلو نوجوان کان پڇيو
“توسان” هن فورن جواب ڏنو.
“ته پوءِ مون سان شادي ڪر” شلو بيقرار ٿي وئي.
“شادي ته آئون توسان ڪرڻ ٿو چاهيان” نوجوان چيو،
“پر تون پوڙهي آهين ۽ آئون نوجوان، چڱو هاڻي مون کي اجازت ڏي،
جڏهن آئون پوڙهو ٿي ويندس ته پوءِ تو وٽ ايندس ۽ ضرور توسان شادي ڪندس، ڏس انتظار ڪجانءِ، سگريٽ ۽ ماچس لاءِ مهرباني.”
ايئن چئي نوجوان اتان هليو ويو ۽ شلو هٿ مهٽيندي رهجي وئي.
تيلو به نظرن کان اوجهل ٿي چڪو هو.