ذوالفقار علي ڀٽو ان ڏکئي وقت کي جرئت ۽ عزم سان منهن ڏنو، جنهن ۾ ڪنهن به روايتي سياستدان لاءِ اهو آسان ناهي هوندو ته هو ڪمپرومائيز ڪري يا ملڪ ڇڏي هليو وڃي، پر هي شخص ڪڏهن به ظالم فوجي حڪمران جي دٻاءَ هيٺ نه جهڪيو ۽ نه وڪيو. سندس زندگيءَ جا آخري ٻه سال سياست ۾ سندس اٺن سالن جي بلڪل ابتڙ گذريا، جڏهن هو غير چونڊيل حڪمرانن سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو. سندس حمايت ڪندڙن لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي سياست ۾ بهادريءَ جي علامت هو. هن غربت ۽ عدم مساوات جي خلاف جدوجهد سان گڏوگڏ جمهوريت ۽ سول بالادستي لاءِ قربانيون ڏنيون. ان ڪري ذوالفقار علي ڀُٽي جي لازاول خدمتن جي عيوض کيس تاريخ ڪڏهن به نه وساريندي. هو غريب عوام، جمهوريت ۽ ملڪ جي خود مختياري جو حقيقي علمبردار به هو. شهيد ڀٽو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ تڪراري شخصيت هو، سندس پارٽي پاڪستان توڙي جو مرڪز جي بهترين سياسي پارٽي هئي (۽ آهي) سندس ڌيءَ بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا وزيراعظم چونڊجي وئي ۽ سندس ناٺي ۽ بينظير صاحبه جو مڙس آصف علي زرداري ٻيو دفعو صدر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ملڪ جي بالادستي ۽ مسلم مقصدن جي لاءِ سندس اٿاريل آواز کي قوم اڄ به ياد ڪري ٿي. 4 اپريل 1979 پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي ملڪ هڪ عظيم ڪرشماتي عوامي ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڏٺو. اهو ڏينهن دراصل انسانيت ۽ عوام جي آواز جي موت جو ڏينهن هو. تاريخ اهڙي اڳواڻ جي قتل کي نه معاف ڪندي ۽ نه ئي وساريندي جنهن ملڪ کي ترقي پسند ۽ پرامن بڻائي، عوام کي با اختيار بڻائي قومي سالميت ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيو ۽ پاڪستان دنيا جو پهريون مسلم ائٽمي طاقت بڻجي ويو. هن کي خدشو هو ته پاڙيسري هندستان بيروني خطرو بڻجي هڪ ڏينهن سامهون اچي ويندو، تنهنڪري ڀُٽي صاحب اعلان ڪيو ته “اسان گاھ کائينداسين، بک مرنداسين، پر پنهنجو ائٽم بم ٺاهينداسين، ڇو ته اسان وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي.”