ايڊيٽوريل

انساني حقن جو عالمي ڏينهن

سڄي دنيا ۾ اڄ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اهو سڀ ڄاڻن ٿا ته اقوام متحده پنهنجي 217هين قرارداد ۾ انساني حقن جو عالمي پڌرنامو منظور ڪيو هو ۽ سال 1950 کان انساني حقن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهايو وڃي ٿو. انساني حقن جو ڏينهن ملهائجي ئي انهيءَ ڪري ٿو ته جيئن سڄي دنيا جي حڪومتن ۽ عوام کي اهو معلوم ٿئي ته انساني حق اهم آهن ۽ انهن حقن جو خيال رکڻو آهي. انساني حقن جو احترام اسان بني نوع انسان جي بنيادي ذميواري ۾ اچي ٿو. 1948 ۾ اقوام متحده جي ميمبر ملڪن کي انهيءَ ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي ته انساني حقن جو تحفظ ضروري آهي، انهيءَ ڪري انهن ملڪن انساني حقن جي پڌرنامي کي وقت جي ضرورت سمجهيو ۽ هنن اهو به سمجهيو ٿي ته آئنده زماني ۾ به انساني حقن لاءِ انهيءَ جي ضرورت رهندي. انهي وقت کان وٺي اڄ تائين جتي حڪومتون ۽ حڪومتي نظام انساني حقن جو خيال ڪندا رهيا آهن. اتي اها به حقيقت آهي ته انساني حقن جي لتاڙ به ٿيندي رهي آهي ۽ اسانجي ملڪ ۾، نظام ۽ سماج ۾ انساني حقن جي صورتحال گهڻي بهتر نه آهي. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان سال 2022 جي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ انساني حقن جي لتاڙ جا لاتعداد واقعا شامل آهن. پر انهيءَ کان وڌيڪ اسين اهو سمجهون ٿا ته ماڻهن جي بنيادي حقن جي فراهمي حڪومت ۽ حڪومتي ادارا نه ڪري رهيا آهن. جيڪو انهن جو بنيادي فرض آهي. تعليم، صحت، رهائش، انصاف، امن امان، جمهوريت ۽ شهري حقن جي سلسلي ۾ به اسانجو رڪارڊ فخر جوڳو نه آهي. پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ انسان جي بنيادي گهرجن ۽ حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، اها هڪ ڊگهي فهرست آهي. صاف لڳي ٿو ته پاڪستان جي وڏي آبادي کي انساني حقن تائين رسائي نه آهي. انسانن جي خوشي انهيءَ ۾ آهي ته انهيءَ کي پنهنجا حق ملن. سٺيون رياستون اهڙو بندوبست ڪنديون آهن ته شهرين جي شخصي آزادي کان وٺي ان جي سمورن حقن جو خيال ڪيو وڃي. اسين هڪ اهڙي ملڪ ۾ رهون ٿا جنهن جو نظام 1973 جي آئين تحت هلي رهيو آهي. اسان وٽ تعليم، صحت کان وٺي نظامِ انصاف تائين سڀ ادارا قائم آهن، پر انهن جي پهچ عام عوام تائين ڪونهي ۽ اسانجي ملڪ ۾ انصاف جو حصول ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. انصاف جيڪو ماڻهوءَ جو بنيادي حق آهي. جنهن نظام ۾ انصاف جو حصول ئي ايترو ڏکيو هجي، اتي ٻين انساني حقن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. انساني حقن جي لاءِ اسانجي سماج جا ساڃاهه وند ماڻهو جدوجهد ڪندا رهيا آهن، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان وقت بوقت اسانجي ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ تي آواز اٿاريندي رهي آهي. اسانجي سماج ۾ عورتون، ٻار ۽ مذهبي اقليتون اهڙيون حقيقتون آهن جن کي حق ملن ئي ڪونه ٿا. انساني حقن جو پڌرنامو چٽي طرح ان ڳالهه کي بيان ڪري ٿو ته ماڻهوءَ جي حقن تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو ۽ نه ٿيڻ کپي. انساني حق ۽ بنيادي انساني آزاديون هڪ اهڙي معاشري ۾ ممڪن آهن، جتي جمهوريت هجي ۽ قانون جي حڪمراني هجي، اسان وٽ جيئن ته جمهوريت جي تاريخ ايتري قابل فخر ڪونهي ۽ قانون جي حڪمراني اسان وٽ اڃا پنهنجي اصل معنيٰ ۾ خواب آهي، اسانجي نظام ۾ مختلف اڪائين جيئن ٻار، عورت ۽ اقليت لاءِ انساني حق آهن ئي ڪونه. عورت جو استحصال اسانجي سماج ۾ نشانبر آهي. ان کي ڪڏهن ڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي ۽ ڪڏهن ننڍي عمر ۾ ان جي شادي ڪرائي وڃي ٿي. تعليم کان ان کي محروم رکيو ٿو وڃي. ٿورا گهڻا حق جيڪي اسانجي سماج مرد کي ڏنا آهن، اهي به ان کي حاصل نه آهن. عورت ۽ ٻار اسانجي سماج جو اهو مظلوم حصو آهن، جتي انهن جي جنسي استحصال کان وٺي جبري پورهيي تائين هر عمل ۾ انساني حقن کان انڪار آهي. اسان وٽ امن امان جي صورتحال بهتر ڪونهي، ڏوهه آهن، جبري گمشدگيون آهن. ماڻهوءَ جي جان و مال جو تحفظ جيڪو انهيءَ جو بنيادي حق آهي، انهيءَ تحفظ جو حصول اسانجي معاشري ۾ ناممڪن بڻايو ويو آهي. انساني حقن ۾ اظهار راءِ جي آزادي بنيادي ڳالهه آهي، پر اسان وٽ لڳي ٿو هر دور جي پنهنجي پنهنجي طريقي جي سينسرشپ آهي ۽ ماڻهوءَ کي اظهار راءِ جو حق ڪونهي ۽ سرڪار پنهنجي مدي خارج راءِ ماڻهن تي مڙهيندي رهي ٿي. اسين سرڪار ۽ ان جي ادارن، ملڪ جي ساڃاهه وند طبقن کي اهو چونداسين ته اسان کي سال 2023 ۾ پنهنجو پاڻ سان اهو واعدو ڪرڻ گهرجي ته معاشري ۾ 4 بنيادي ڳالهيون اسين هن سال ڪنداسين (1) اظهار راءِ جي آزادي، (2) اهڙو سماج جنهن ۾ خوف نه هجي، (3) معاشري ۾ محتاجي نه هجي، (4) رياست جو هر فرد پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري. اسان کي اهو يقين آهي ته جيڪڏهن انهن چئن ڳالهين تي عمل ڪري سگهياسين ته ايندڙ سال 2024 ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائيندي اسان کي خوشي ٿيندي.