ايڊيٽوريل

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ذاتي دشمني ڇو آهي؟

انسان ۾ ڪيتريون ئي ڪوتاهيون هونديون آهن. ڪوبه انسان ڪوتاهين کان مبرا نه هوندو آهي، پر جڏهن اسان ڪنهن شخص جي ذات جو تقابلي جائزو وٺنداسين ته پوءِ خامين ۽ خوبين جو وزن ڪنداسين، جيڪڏهن خوبين جو وزن وڌيڪ آهي ته اهو چئبو ته اهو انسان بهتر آهي.
قاضي فائز عيسيٰ هن وقت چيف جسٽس آف پاڪستان آهي، هن سان جهيڙو ان وقت شروع ٿيو جنهن وقت هي صرف سپريم ڪورٽ جو جسٽس هو. مشهور زمانه فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس کانپوءِ جيڪا هن شخص جي درگت ڪئي وئي هئي، اها لڪل ناهي، پر اها اڄ تائين جاري آهي. اهي ساڳيا ماڻهو، اهي ساڳيون طاقتون جيڪي نه ٿا چاهين ته دليل جي، انصاف جي ۽ قانوني جي ڳالهه ٿئي اهي هن وقت هن سان ذاتي دشمني تي لهي آيا آهن. گهٽ ته انهن ان وقت به نه ڪيو هو، هن تي صدارتي ريفرنس آيو، هن جي گهرواري کي سپريم ڪورٽ جي ان وقت جي جج صاحبان ايترو ته تنگ ڪيو هو جو هو ڪورٽ سڳوري ۾ روئي پئي هئي. شابس آهي هن مرد مجاهد کي جيڪو انهن سڀني چئلينجز جو مقابلو ڪري واپس پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺو، پر سندس چئلينجز اڃا تائين جاري آهن. جڏهن ڪنهن به ڪورٽ جو فيصلو ايندو آهي ته اهو پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي، ان فيصلي تي ڳالهائڻ کان ڪنهن کي به منع نه ٿو ڪيو وڃي. تنقيد ڪيوس، تعريف ڪيوس، نه مڃوس، اهو هر هڪ جو پنهنجو پنهنجو حق آهي، پر ان لاءِ تنقيد ڪندڙن کي ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي انهيءَ فيصلي جي پوري ڄاڻ هجي، پر جج تي ذاتي تنقيد نه ٿيندي آهي، پر هن وقت اهو ٿي رهيو آهي، انهي بينچ ۾ قاضي فائز عيسيٰ اڪيلو نه هو، هن سان هڪ ٻيو ساٿي جج به هو، پر ڪاوڙ صرف قاضي فائز عيسيٰ تي آهي.
اسان وٽ صرف ڪوڙين خبرن ۽ الزام تراشين جو دور هلي رهيو آهي ۽ ڪجهه صحافي دڪاندار جي روپ ۾ ڪوڙيون خبرون وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهو بجاءِ انهي تي عقل کي استعمال ڪرڻ جي ان کي جيئن جو تيئن مڃي رهيا آهن. اهڙو ئي واقعو ڪالهه کان وٺي سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زينت بڻيل آهي. ان فيصلي جو جواز ٺاهي قاضي فائز عيسيٰ تي ذاتي تنقيد ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي، پر اهو سوال ته ڪنهن مدلل ماڻهو کان پڇي سگهجي ٿو، پر جن جو ڪم ئي ڪوڙ کي پکيڙڻ آهي، انهن مان اهڙي قسم جي ٽرولنگ جي توقع هوندي آهي. 6 فيبروري تي آيل فيصلو جيڪو هينئر نه صرف سپريم ڪورٽ جي ويب سائٽ تي آهي، پر هر ساڃاهه وند صحافي جي ٽيبل تي پڻ موجود آهي. جنهن ۾ ڪٿي به سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ناهي ڏنو ته قادياني پنهنجي مذهب جي تشهير ڪري سگهن ٿا يا ڪتاب ڇپائي سگهن ٿا. باقي ڳالهيون ته بلڪل واضح آهن. جنهن کي به فيصلو ڏسڻو هجي سپريم ڪورٽ جي ويب سائٽ تي ڏسي. ساڃاهه وند صحافي پنهنجي ذميواري بهتر نموني ادا ڪري رهيا آهن ۽ اهي قاضي فائز عيسيٰ سان گڏ بيٺا آهن. عبدالواسع نالي هڪ شخص انهي فيصلي تي ڪوڙ ڳالهائي ڪوڙي خبر رکي جيڪا پي ٽي آئي جي ٽرولرز وڏي شوق سان، جوش سان ميڊيا تي ڦهلائڻ شروع ڪئي ۽ چيف جسٽس جي لاءِ اهڙا غليظ لفظ استعمال ڪيا ويا، جنهن سان محسوس ٿئي ٿو ته ان جي زندگيءَ کي پڻ خطرو ٿي سگهي ٿو. هي ماڻهو گرفتار ٿي چڪو آهي، پر هن جي گرفتاري سان مسئلو حل نه ٿيندو اهي ماڻهو جيڪي ڪوڙ کي پکيڙين پيا، الزام تراشيون ڪن پيا انهن کي هڪدم قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. اسٽيٽ جي خاموشي ۽ سستي اهڙي قسم جي شخصن کي هُشي ڏئي ٿي جيئن پنج ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڪمشنر راولپنڊي جي الزام جي وضاحت نه آئي آهي ته هن اهو بيان ڇو ڏنو هو، جنهن ۾ هن مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس کي ڦاسي ڏني وڃي. اسٽيٽ کي ساڃاهه کان ڪم وٺڻو پوندو هي مهرباني جن جي پکيڙيل آهي انهن کي پڻ عقل کان ڪم وٺڻو پوندو. ڪوڙ کي پکيڙي ملڪ کي انتشار کان بچائڻ هاڻي صرف انهن جي وس ۾ آهي.
هڪ طرف ڏسون ته چيف جسٽس آف پاڪستان هڪ وڏو آئيني عهدو آهي ٻئي طرف ڏسون ته جيڪڏهن هن سان اسٽيٽ گڏ نه ٿي بيهي ته هو ته هڪ 64 سال جو ڪمزور شخص نظر اچي ٿو، پر قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ذات ۾ هڪ بهادر ۽ مضبوط شخص آهي، هن کي موت جي ڌمڪي ڊيڄاري نه سگهندي، هو قانون ۽ آئين مطابق فيصلا ڏيندو رهندو، پر اسٽيٽ تي پڻ فرض آهي ته پنهنجي آئيني ادارن جو تحفظ ڪري، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته هي انتشار ملڪ کي هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيندو جنهن مان نڪرڻ جو رستو ملڻ مشڪل آهي. اسين قاضي فائز عيسيٰ سان گڏ بيٺا آهيون ۽ انهن سڀني ساڃاهه وند ماڻهن جي تعريف ڪيون ٿا، جيڪي هن اشو تي اونداهي واري پاسي نه، پر روشني واري پاسي بيٺل آهن.