ماتلي ويجهو ڳوٺ محمد عثمان مزاري ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول عثمان مزاري 1992 کان قائم آهي، پر افسوس جو اسڪول ۾ نه فرنيچر آهي نه ئي بلڊنگ آهي، مطلب بنيادي سهولتن کان محروم آهي. اڄڪلهه هر والدين جو خواب آهي ته انهن جا ٻار بهتر تعليم حاصل ڪن، پر سرڪاري اسڪول جيڪي غريب عوام جي لاءِ سستي ۽ معقول تعليم فراهم ڪن ٿا، انهن ۾ بنيادي سهولتون فراهم نه آهن ته ٻارن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول عثمان مزاري جو هڪ اهم مسئلو بلڊنگ ۽ فرنيچر آهي، جنهن ڪري ٻار کلي آسمان هيٺ پڙهڻ لاءِ مجبور آهن. تعليم هڪ اهم عنصر آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ٻار مناسب جڳهه ۾ پڙهڻ کان محروم آهن ته انهن جي تعليمي معيار تي اثر پوندو آهي. اسڪولن ۾ بلڊنگ نه هجڻ سبب ٻار مختلف قدرتي حالتن جهڙوڪ: بارش، سخت سردي ۽ گرمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور آهن.
اهو صرف انهن جي جسماني صحت تي اثر انداز نٿو ٿئي، بلڪه انهن جي دماغي توجهه ۽ سکيا تي به اثر پوي ٿو. اسڪول ۾ مناسب بلڊنگ نه هجڻ سان استاد ۽ شاگردن کي سکيا جا جديد طريقا ۽ ٽيڪنالاجي کان فائدہ حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ان کان علاوه بلڊنگ جو فقدان هڪ انصافي مسئلو آهي، جنهن سان تعليم جا بنيادي حق پورا ٿيڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن. انهيءَ صورت ۾ حڪومت ۽ تعليمي ادارن کي گهرجي ٿو ته پرائمري اسڪول عثمان مزاري لاءِ مناسب بلڊنگ فراهم ڪري ۽ شاگردن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري. اهو سڀ ڪنهن ٻار لاءِ بهترين سکيا ماحول فراهم ڪري سگهندو، جيڪو انهن جي تعليمي سفر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته مستقبل ۾ مضبوط ۽ فلاح واري قوم ٺهي ته اسان کي پنهنجن ٻارن کي بهترين تعليمي سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن ۽ انهن جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. هڪ اسڪول جو مقصد صرف تعليمي مواد ڏيڻ تائين محدود ناهي، بلڪه هڪ مناسب ماحول فراهم ڪرڻ جو پڻ آهي جتي شاگرد سکڻ ۾ آساني محسوس ڪن. ان مقصد لاءِ هڪ اسڪول کي بنيادي سهولتون ڏئي تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ سرڪار جو فرض آهي. سو هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ شاگرد کلي آسمان هيٺ هجن ۽ انهن کي هڪ ڇت ئي نه ملي سگهي مناسب فرنيچر نه ملي سگهي ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. سرڪار جو ڪردار ان سلسلي ۾ اهم هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسڪولن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ هڪ حڪومتي ذميواري آهي. سرڪار کي لازمي آهي ته اسڪولن ۾ مناسب فرنيچر، صفائي ۽ تعليمي وسيلن جي فراهمي لاءِ موثر پاليسيون ۽ منصوبا ترتيب ڏئي.
ان سان گڏ اسڪولن کي مستحڪم ۽ مناسب فنڊنگ فراهم ڪرڻ گهرجي، جيئن انهن کي بهترين بنيادي سهولتون ملي سگهن ۽ تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهن. جيڪڏهن سرڪار اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون فراهم نٿا ڪري سگهن ته ان جو اثر شاگردن جي سکيا ۽ تعليمي ڪارڪردگي تي وڏو ٿيندو. ان لاءِ ضروري آهي ته سرڪار اسڪولن جي بنيادي ضرورتن کي اهميت ڏئي ۽ انهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري، جيئن هر شاگرد کي هڪ بهترين تعليمي ماحول ملي.