سوچ ويچار جو حقيقي مقصد اهو آھي ته جيڪي ڪجهه به ميسر آھي انهيءَ ۾ گذارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ان کي بهتر بنائڻ جي جدوجهد ڪئي وڃي. ليڪن اسان وٽ اڪثر مسئلو حڪمران ۽ اپوزيشن جو هوندو آھي ۽ ڪجهه لساني گروهه رياست کي ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏيندا آھن، پر ڪير انهن عقل جي انڌن جذباتي قبائلين کان اهو ته پڇي ته ميان 47ع کان اڳ اوهان ڪهڙي شداد جي جنت ۾ رهندا هئا، جيڪا 47ع کانپوءِ اوهان کان کسجي وئي؟
گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن نام نهاد سردارن، خانن، وڏيرن، چوڌرين، ميرن ۽ پيرن جا ٺٺ ٺانگر ته ڏسو، انهن وٽ ته اوهان جي ئي دولت آھي، اوهان جي نسلن جي آھي ۽ گڏ ئي انهن جي طاقت کي به ڏسو، اصل ۾ اوهان جو استحصال ڪرڻ وارا ته اهي ئي انگريزن جو اولاد آھن. بقول اوهان جي رياست ظالم ئي آهي، ليڪن ان جي شخصي ظلمن جي رستي ۾ رڪاوٽ به ته اهائي رياست ۽ ان جا قانون آھن. جيڪڏھن رياست نه رهي ته اوهان وري انهن ئي سردارن ۽ بنياد پرستن جي رحم و ڪرم تي هوندا. رياست جي شڪل ۾ گهٽ ۾ گهٽ اوهان وٽ گهر گهاٽ ته آھي، اوهان چاهيو ته پنهنجي ڏيڍ انچ جو عبادت گاهه ڇڏي ڪري سموري رياست کي پنهنجو ساٿي بڻائي هڪ انصاف پسند معاشري جي لاءِ جدوجهد ڪري سگهو ٿا. جيڪڏھن رياست نه رهي ها ته اوهان پوءِ انهن ئي سردارن، جاگيردارن، چوڌرين، خانن، پيرن، ميرن ۽ بنياد پرستن جي رحم و ڪرم تي رهو ها.
ٻئي پاسي رياست به مسئلن کي ايڊريس ڪرڻ جي بجاءِ مذھبي انتها پسنديءَ کي وچ ۾ آڻي کڙو ڪري ڇڏي ٿي ته ميان هاڻي جيڪو به ڳالهائيندو ته مذھب جي خلاف سمجهيو ويندو، جنهن جي لاءِ مضبوط قانون جيڪي فورن نه صرف چرپر ۾ اچي وڃن ٿا، پر چار هٿ وڌي ڪري تيزي پڻ ڏيکارين ٿا، جيڪي ڪنهن ٻئي اسلامي ملڪ ۾ ايستائين ته اسلام جي جنم ڀومي سعودي عرب ۾ به ناهن. جيڪڏھن مسئلي کي اڃان تيز ڪرڻو هجي ته رياست جي اشاري تي ڪٿان کان ڀاڙي جا مذھبي عالم ميڙ ڪري گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ ٽارگيٽ پورو ڪري ڪوئن جيان ٻرن ۾ ھليا وڃن ٿا، عدالتون جيڪي هر سياسي ۽ معاشي ننڍي وڏي مسئلي تي باز بڻجي ڪڙڪي پون ٿيون.
مهذب معاشرن ۾ بيماريون پيدا ٿي وڃن ته انهن جي دوا ڪئي ويندي آھي، پر جڏھن اهي وحشي معاشرن ۾ بيماريون پيدا ٿي وڃن ته اهڙا قدم کنيا ويندا آھن، جنهن سان مرض اڃان وڌيڪ وڌندو آهي ته جيئن ان جو علاج ئي نه ڪري سگهجي.
پهرين جنگ عظيم کانپوءِ آمريڪا ۾ ھڪ تحريڪ هلي ته شراب معاشري ۾ شديد ڇڙواڳي پيدا ڪري ٿو. ان ڪري انهيءَ تي پابندي هنئي وڃي. ان تحريڪ ۾ چرچ ۽ آمريڪي عورتون اڳڀريون هيون. تحريڪ جي زور کي ڏسندي شراب تي پابندي هڻڻي پئي. ليڪن ان سان گڏ ئي ملڪ ۾ معاشي ابتري پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مالي بحران پيدا ٿي ويو.
جنهن جو سبب اهو هو ته اهو روينيو جيڪو شراب جي وڪري سان حڪومت کي ملندو هو. هاڻي شراب جي اسمگلرن ۾ شفٽ ٿي ويو. نتيجي ۾ حڪومت ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وئي ۽ معاشي تنگي جي بيماري سڄي سوسائٽي کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ڪجهه اڪابر مٿي تي هٿ رکي ويٺا ته پتو پوين ته هيڏانهن ته حڪومت ڏيوالي ۾ آھي. ليڪن ڪجهه ماڻھو کربين رپين جا مالڪ بڻجي ويا آھن. جيتوڻيڪ هڪ قانون سازي ڪري شراب تي مڙھيل پابندي ختم ڪئي وئي ۽ آمريڪي بحيثيت رياست جي پنهنجن پيرن تي بيهندي وئي.
اسان جي رياست ڏسي ته هن مذھبيت تي اڏيل جيڪا قانون سازي ڪري رکي آھي اها ڪهڙو رنگ آڻي رهي آھي. انهن سمورن مذھبيت تي مشتمل قانونن کي ختم ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته جيڪو سعودي عرب ۾ ئي لاڳو ناهي ۽ نه ئي ايران ۾ ائين ٿيڻ جو ڪو شڪ به پئي، سعودي ۽ ايران مسلمانن جي ٻنهي فرقن جا رول ماڊل آھن، جيڪي قانون انهن ٻنهي ملڪن ۾ ناهن اهي پاڪستان جهڙي ڪلچرل ملڪ ۾ ڇو آھن؟
ڇا پاڪستان ۾ مذھب انهن ٻنهي ملڪن کان الڳ آھي جو انهيءَ قسم جو رويو اختيار ڪيو ويو آهي.
جيڪڏھن مذهبيت تي مشتمل اسلام کان اڳ جي دورن جو به سرسري جائزو ورتو وڃي ته اسان ڏسون ٿا ته نالي ماتر مشرڪن جو قبيلو واٽز ھڪٻئي جي خلاف ويڙھاند نه ڪري رهيا هئا؟
ڇا عرب مسيحي ۽ يهودي هڪٻئي جا دشمن نه هئا؟
ڇا هندو ۽ مجوسي هڪٻئي جا ويري نه هئا؟
تاريخ اهوئي ٻڌائي ٿي ته مذھب جي بنياد تي قائم رياستون آئيڊل نه هيون. ان ڪري انهن جو وجود نه رهيو. ان جي ڀيٽ ۾ جتي مذھبي ماڻھو هئڻ جي باوجود مذھبي رياستون نه هيون اهي اڄ تائين قائم آھن. اهو به عين ممڪن آھي ته اشتراڪي رياست جي ڪک کان هڪ شاندار رياست ظاهر ٿئي جيڪا سڀني جي خوشحالي جو سبب بڻجي وڃي.
پاڪستان کي جيڪڏھن هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بنائڻو آھي ۽ جيڪڏھن پاڪستان کي هڪ قوم بنائڻو آھي ته ان جو شافي حل اشتراڪيت آھي. جتي مذھب ڪاروباري زندگي کان الڳ هڪ پرائيويٽ پريڪٽس هجڻ گهرجي، چين جتي ستر سيڪڙو معيشت ڪميونسٽ جڏھن ته ٽيھ سيڪڙو ڪيپيلسٽ آھن ۽ ٻئي گڏجي چين جي لاءِ شاندار نتيجا حاصل ڪري رهيا آھن. اهوئي ماڊل اسان جي به قسمت بدلائي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي قبيلائي نظام جي پيروڪار گمراهن کي به گهرجي ته اهي آسمان تان ڪري کجيءَ ۾ اٽڪڻ جي لاءِ جدوجهد نه ڪن بلڪه حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪندي سڄي ملڪ جي مظلومن جو آواز بڻجن.
هي ڳالھ ذھن ۾ رهي ته مارڪس ۽ اينگلز ٻئي ايڊم سمٿ جا فين هئا. مارڪس جي داس ڪيپيٽل ايڊم سمٿ جي معاشي فارمولي تي هڪ چٽي تنقيد آھي. تنقيد يعني ڪريٽيڪ سدائين انهيءَ نظام تي ڪئي ويندي آھي، جنهن ۾ اوهان جي دلچسپي هوندي آھي ۽ ان کي اوهان ويچار سان پڙھو.
ان لحاظ کان جيڪڏھن ضرورت ٿئي ته مارڪسزم کي جدليات جي وسيلي موڊي فاءِ ڪري سگهجي ٿو.
هتي هڪ وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته مارڪس رياست جو مخالف نه هو. هن جڏھن هيگل جي بيان ڪيل خدائي رياست جي ڳالھ ڪئي ته ان تي علمي يا اڪيڊمڪ تنقيد ڪئي هئي. ان کي سمجهڻ جي لاءِ ائين سمجهو ته نه ته هيگل جي خيالي رياست ڪٿي وجود رکندي هئي ۽ نه ئي مارڪس جو خيال ڪٿي پاپولسٽ پوزيشن ۾ ھو بلڪه بعد ۾ عظيم مارڪسي سپوت لينن رياست کي وٺي ڪري ئي انارڪي اختيار ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين سال جي عمر واري دنيا پهريون ڀيرو مظلوم طبقي جو انقلاب پنهنجن اکين سان ڏٺو.
جرمن فلاسافر نيچي (نتشي) پروشيائي نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جڏھن اوبرمن يا سپرمين جو خيال ڏنو هو ته ڪافي سالن کانپوءِ هٽلر سياسي مقصدن جي لاءِ پاڻ کي نيچي جو سپرمين ثابت ڪرڻ چاهيو ته هڪ بربادي اڌ دنيا جي حصي ۾ آئي ۽ پاڻ جرمن قوم تباهه ٿي وئي. اهائي ساڳي صورتحال اسان وٽ به آھي، جتي رياست کي مذھبي بنياد پرستن جي حوالي ڪري ملڪ کي ڪمزور حالت ۾ وڌو ويو آهي.
اسان سڀني کي گهرجي ته گڏجي انهن مسئلن جي رستا روڪ ڪيون جيڪي رياست جي لاءِ نقصانڪار آھن ته جيڪي رياست کي ئي ختم ڪرائڻ جا آتا ٿي وڃن. ائين ٿيو ته هڪ الميو پيدا ٿيندو جيڪو سموري برصغير کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو، جتي ٻن اربن کان وڌيڪ انسان رهن ٿا.