بلاگنئون

ماتلي ۾ جسم فروشي جا اڏا، پوليس خاموش

ماتلي شھر جسم فروشي جي اڏن جي حوالي سان سنڌ جي چند مشھور چند شھرن مان ھڪ آھي، انگريزن جي دور کان جڏھن جسم فروشي تي قانوني پابندي نه ھئي تڏھن کان ماتلي ۾ ڳاڙھي بازار جي نالي سان خراب ڌنڌن واري بازار ھلندڙ رھي آھي، ان بازار ۾ ڌنڌي جي حساب مطابق ڪوٺيون به ٺھيل ھيون جن جا نشان اڄ به موجود آھن، پر ان پراڻي بازار جي بدنامي ۽ ان بازار تي پوليس جي عارضي وٺ وٺان سبب اھا بازار ھاڻ تقريبن ختم ٿي وئي آھي، جيڪي ڪردار ان بازار ۾ ھن وقت موجود آھن، انھن جي خاندانن جي مالي حالت بدتر آھي، ان بازار جا بيشمار ڪردار شھر جي ٻين حصن ۾ ساڳيو ڪم ھلائي رھيا آھن. ان کان علاوه ٻيا به گھڻا ان ڌنڌي وسيلي روزي ڪمائين ٿا، اسان کي اعتراض رڳو انھن اڏن تي آھي جيڪي دڪانن جي صورت ۾ ھي ڪاروبار ڪري رھيا آھن.

ماتلي ۾ ان ڌنڌي جي حوالي سان گھڻي آزادي رھي آھي. ماتلي ۾ تازو ٻه ٽي سال اڳ ھڪ اڏي تي حيدرآباد جي ھڪ طوائف جي ٿر جي پريمي سان پري پلاننگ سان شادي ٿي، جنھن شادي ۾ پريميڪا جو مڙس ڪنوار جو ڀاءُ ٿي ويٺو، ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ماتلي ۾ ھن ڌنڌي جي ڪيتري آزادي آھي، ميرپورخاص، ٽنڊوالھيار، حيدرآباد، ٽنڊو آدم جي اڏن جون ڇوڪريون ماتلي ۾ جسم فروشي جي اڏن تي اچن ۽ وڃن ٿيون، اھڙي دڪانداري مان عوام الناس کي پھچندڙ نقصانن بابت بي خبري واري صورتحال به آھي ڪجھ عياش ۽ بااثر ڌرين جي ان غير قانوني ڌنڌي کي دڪانداري واري شڪل ۾ کليو رکڻ ۾ دلچسپي به رھي آھي، ان ڪري اھڙو ڪڌو ڪم ۽ اوپن ڪاروبار بند نٿو ٿئي. ماتلي ۾ ھي ڌنڌو جنھن جو صحيح نالو “فحاشي جا اڏا” نه، پر “جسم فروشي جا اڏا” آھي، ان تي نوجوان عورتن جي عصمت فروشي جا سودا ٿيندا آھن، عورتون ٻين شھرن مان ھفتيوار يا ماھوار مسواڙ تي گھرائي ويھاريون وڃن ٿيون، انھن ڇوڪرين کي ڪلاڪن يا راتين لاءِ ڪرائي تي ڏيڻ واري ھن ڪاروبار خلاف سخت قانون به موجود آھن.

 جنھن تحت اھو ڏوھ عمر قيد تائين سزا جوڳو ڏوھ به آھي، زنا جي ڏوھ جي اسلام ۾ اڃان به وڏي سزا آھي، جسم فروشي وارا اڏا جوا ۽ شراب نوشي کي به ھٿي ڏيندڙ آھن، انھن اڏن تي ويندڙ ناجائز طور تي پئسا گڏ ڪرڻ ۽ لٽائڻ لاءِ ڪي ٻيا غلط ڌنڌا به ڪندڙ ھوندا، جن ڌنڌن ۾ جوا، ڌاڙا، چوريون، ڦرون به شامل ٿي سگھن ٿا. جنسي طاقت جون دوائون، آفيم، شراب توڙي ھيروئن جي واھپي جو ھڪڙو سبب اھا عياشي به آھي، انھن اڏن ذريعي ھيپاٽائيٽس- بي ۽ ايڊز (Hiv)جھڙيون خطرناڪ بيماريون به ڦلھجي رھيون آھن. ھيپاٽائيٽس- بي، ھيپاٽائيٽس- سي جي ڦھلجڻ جو ھڪڙو ڪارڻ جسم فروشي جو منظم ڪاروبار به آھي، جيڪي بيماريون جگر جي ڪينسر جو سبب بڻجن ٿيون، ان طرح چئي سگھجي ٿو ته جسم فروشي جا اڏا ايڊز ۽ ڪينسر جھڙين خطرناڪ ۽ لا علاج بيماري جو به ڪارڻ آھن. معصوم نياڻين جي اغوا کان پوءِ وڪرن جا اصل دڪان به اھي ئي جسم فروشي جا اڏا آھن، جن تي عياش شھري ۽ مھمان سرڪاري آفيسر پنھنجون نشانيون به ڇڏي وڃن ٿا. ماتلي جي اھڙن اڏن تي ڪھڙن ڪھڙن شريفن جون نشانيون ڇڏيل آھن، انھن جا نالا کڻڻ لاءِ اسان کي اسان جو اخلاق اجازت نٿو ڏئي. ماتلي توڙي بدين ضلعي جي ٻين شھرن ۾ ڌنڌو ڪندڙ جسم فروشي جا اڏا بند ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ ايڊز جي وڏي اشو باوجود پوليس اڃان پوري طرح آمادا نه پئي ٿئي. شھري تنظيمن، سماجي، سياسي ۽ مذھبي ڪارڪنن کي گھرجي ته پنھنجي شھر جي نوجوانن، ايندڙ نسلن، کي ايڊز، ڪينسر ۽ بداخلاقي، بي حيائي ۽ ٻين بيمارين، بڇڙائين، ڏوھن ۽ گناھن کان بچائڻ لاءِ جسم فروشي جي ڪاروباري اڏن خلاف ان طرح جو سخت احتجاج ڪن. جھڙي طرح جو سخت احتجاج انھن ماضي ۾ شراب جي گتي خلاف ڪيو ھو.