سپريم ڪورٽ پاڪستان 22 مارچ تي هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڏنو، جنهن فيصلي هڪ جسٽس کي انصاف ڏنو. 21 جون 2018 تي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي راولپنڊي بار کي خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو ته آئي ايس آئي جو چيف ججن کي فيصلا ڊڪٽيٽ ڪرائي ٿو، بينچون پنهنجي مرضي مطابق ٺهرائي ٿو ته ملڪ ۾ طوفان مچي ويو هو.
اسلام آباد جي جسٽس جيڪو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيڻ وڃي رهيو هو، انهيءَ طرفان اهڙو انڪشاف ڪرڻ هڪ وڏي جرئت وارو قدم هو ۽ ان سان گڏ طاقت جي انهن ايوانن کي وائکو ڪيو، جيڪو پنهنجي ڪم ڇڏي ٻين جي ڪم ۾ دخل اندازي ڪندا رهيا آهن. ظاهر آهي ته پوءِ طاقت جا ايوان اهو ڪيئن برداشت ڪندا ته هڪ جج انهن جون ڳالهيون ظاهر ڪري، چند ڏينهن جي اندر سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس شوڪت صديقي کي صفائي جو موقعو ڏيڻ کان بغير کيس برطرف ڪيو ويو ۽ هن کان جسٽس جو ٽائٽل پڻ واپس ورتو ويو، پندرنهن ڏينهن جي اندر پنهنجي برطرفي خلاف پٽيشن کڻي جسٽس شوڪت صديقي سپريم ڪورٽ ۾ پهتو. آڪٽوبر 2018 کان آڪٽوبر 2023 تائين جيتوڻيڪ سندس ڪيس جون پندرنهن ٻڌڻيون ٿيون، پر ڪوبه فيصلو نه آيو. انهيءَ دوران جسٽس ثاقب نثار، جسٽس گلزار، جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس رهيا ۽ رٽائر ٿيا، پر انهن انهيءَ ڪيس کي منطقي انجام تائين نه پهچايو. جيڪا ڀوڳنا شوڪت عزيز ڀوڳي اها عوام جي سامهون هئي، سندس ڪيس کي عدالت جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو.
موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جيڪو پڻ اهڙي انتقامي ڪارروائي کي منهن ڏئي چڪو آهي. ان اهو ڪيس کنيو، 4 ٻڌڻيون ڀرپور نموني سان ٻڌيون. جنوري ۾ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ۽ 22 تاريخ تي فيصلو ٻڌايو ته جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي کي غلط نموني سان بغير ڪنهن انصاف جي، بغير صفائي جو موقعو ڏيڻ جي برطرف ڪرڻ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. جسٽس شوڪت صديقي کي پينشن ۽ جيڪي مراعات هڪ رٽائرڊ جج کي ملندا آهن، اهي ڏنا وڃن. کيس واپس بحال ان ڪري نه ٿو ڪري سگهجي جو ان جي عمر رٽائرمينٽ جي عمر کان وڌي چڪي آهي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي، وقتائتو آهي ۽ جسٽس رٽائرڊ شوڪت صديقي خوش قسمت آهي جو انهيءَ کي انصاف سندس زندگي ۾ ملي ويو. ڪڏهن ڪڏهن ته انصاف 50 سالن کانپوءِ ملندو آهي، جيئن ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي پڻ هن سپريم ڪورٽ ڏنو آهي. ڪفر جو نظام هلندو آهي، پر ناانصافي ۽ ظلم جو نظام نه هلندو آهي، اسانجي ملڪ ۾ ڪفر جو نظام ته نه آهي، پر هن وقت تائين ناانصافي ۽ ظلم جو نظام هلندو رهيو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو رهيو آهي. عوام جي حالت بد کان بدتر ٿي رهي آهي. انهيءَ وقت انصاف جي وڏي اداري مان انصافي فيصلا ٿيڻ سٺو اهڃاڻ آهي، اڳتي به اميد ڪجي ٿي ته سپريم ڪورٽ هاڻي پنهنجي ماضي جي ڪيل غلطين جو ازالو ڪندي. پنهنجي پوري ڪوشش ڪندي ته ملڪ کي، ملڪ جي عوام کي انصاف ڀريا فيصلا ڏيئي، اهو ئي واحد رستو آهي، جنهن سان عام ماڻهو جو اعتماد ۽ يقين ملڪ جي انصاف تي ۽ سپريم ڪورٽ تي بحال ٿيندو. اميد اها ڪجي ٿي ته جن به ماڻهن اهڙي قسم جون بي انصافيون ڪيون آهن. ڀلي اهي ڪيتري به طاقت ۾ هجن، حاضر سروس هجن يا رٽائرڊ ٿي چڪا هجن، انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ سندن ڪيل غلط قدمن تي کانئن سخت پڇاڻو ڪيو ويندو ۽ انهن کي جوڳي قانوني سزا پڻ ڏني ويندي.