سنڌ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي ڀرتي جو عمل شروع ٿي ويو آهي. بين الاقوامي معيار مطابق 450 ماڻهن تي هڪ پوليس عملدار جي ضرورت هوندي آهي، پر افسوس سان اسان جي ملڪ ۾ جيترا به پوليس آفيسر اپوائنٽ ٿين ٿا، انهن ۾ گهڻو گهري انهن کي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي سيڪيورٽي لاءِ متعين ڪيو وڃي ٿو ۽ شهرن جا شهر دهشتگردن جي حوالي ٿيل هوندا آهن، جنهن جي ڪري دهشتگردن هٿان ماڻهو پنهنجين گهٽين ۾، بازارن ۾ ۽ گلين لٽجندا، مرندا رهندا آهن. سنڌ صوبي ۾ امن امان جي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ پوليس وارن جي گهٽتائي جي ڪري پوليس ۾ ڀرتي جي ضرورت هئي.
پڙهيل لکيل نوجوانن جي پوليس فورس ۾ ڀرتي هن وقت انهيءَ ڪري ضروري آهي جو صوبي کي دائمي امن گهرجي. سنڌ ۾ مختلف وقتن تي امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي رهي آهي. انهيءَ لاءِ هن وقت پوليس جو بهتر نظام ۽ تربيت يافته نوجوان پوليس اهلڪار ۽ آفيسر ضروري آهن. سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي ڪا خاص بهتر نه رهي آهي، شايد ان ۾ اسانجي پوليس کي مليل سهولتن جي ڪمي به هڪ سبب آهي، جو انهن کي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گهربل هٿيار مهيا نه ٿا ڪيا وڃن. ان لاءِ اسان کي هن جديد دور ۾ 100 فيصد امن امان يقيني بنائڻ واري پوليس ۽ جديد اسلحي جي ضرورت آهي. گذريل صوبائي حڪومتن جي ٽن پنج سالا دورن ۾ سنڌ پوليس جي بجيٽ ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي.
صوبي جي وڏي وزير سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ۽ وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي ڀرتي ۽ ترقياتي بجيٽ جا 231 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير صوبي ۾ امن امان تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، خاص طور تي ڪچي وارن علائقن لاءِ ۽ هن اهو به چيو ته اسين امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪنداسين ۽ سنڌ حڪومت انهيءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهي آهي. هن وقت ڪچي ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون هجن، يا شهرن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڦُرون ختم ٿيڻ جو نلاو ئي نه ٿيون وٺن، پر سنڌ حڪومت جا اعليٰ پوليس آفيسر لڳي ٿو ته رڳو ميٽنگن ۾ مصروف رهيا، دعوائون ڪندا رهيا، مراعات، پگهارن ۽ سندن ترقين جو عمل جاري رهيو، پر انهن جو بنيادي ڪم معاشري کي امن ڏيڻ آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو تحفظ جي احساس هيٺ زندگي گذاري سگهي ٿو، انهيءَ ۾ ڪاميابي نه ٿي آهي. سنڌ صوبو جيئن ته پاڪستان جي معاشي ۽ مالياتي شهه رڳ آهي، ۽ ملڪ کي ٽيڪس ۽ روينيو جو وڏو حصو اتان ئي ملي ٿو. جيڪڏهن اسان جي وڏن شهرن ۾ امن امان نه هوندو. ڏوهاري سرگرمين جي روڪ نه هوندي ته سيڙپڪار ۽ سرندي وارا ماڻهو پنهنجو ڪاروبار ٻين صوبن يا ملڪن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيندا. انهيءَ ڪري اسانجي صوبي لاءِ امن پهرين ترجيح آهي، ڇاڪاڻ جو ڪوبه سماج بد امني ۾ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. ايترو ضرور چئبو ته گذريل ڏهاڪي کان صوبي ۾ جيڪا ڏوهن جي صورتحال هئي، اها به گهڻي خراب هئي، پر جڏهن سرڪار طئي ڪيو ته اسان کي هر حالت ۾ امن گهرجي ته امن ٿي ويو. هاڻي به لڳي ٿو ته امن امان جي صورتحال ملڪي سطح تي ۽ صوبائي سطح تي خراب ٿي رهي آهي، پر صوبي سنڌ ۾ اها گهڻي خراب آهي. انهيءَ ڪري صوبي جي وڏي وزير انهي ڳالهه جو نوٽيس ورتو آهي ۽ امن امان جي صورتحال جي بهتري جو يقين ڏياريو آهي.
صوبائي حڪومت سنڌ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي نئين ڀرتي جو عمل شروع ڪيو آهي، انهيءَ ڀرتي جي ۾ عمل ۾ ان ڳالهه جو تعين به ڪيو آهي ته انهي ۾ مرد، عورتون ۽ اقليتي نوجوان سڀ شامل هجن. اسين صوبائي سرڪار کان اها تقاضا ٿا ڪريون ته اهي پوليس فورس ۾ پنهنجي انهيءَ نئين ڀرتي ۾ ميرٽ کي يقيني بڻائيندا. پوليس فورس ۾ ميرٽ جي تقاضا اسين انهيءَ ڪري ٿا ڪريون ته اسانجي معاشري کي امن ۽ تحفظ جي ضرورت آهي، جيڪو پوليس فورس ئي يقيني بڻائيندي رهي آهي. سنڌ سرڪار کي نئين ڀرتين کان وٺي پنهنجي پوليس فورس ۾ اصلاح جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي صوبائي سرڪار کان جيڪا عوام جي ووٽن سان چونڊجي آئي آهي، مان اميد آهي ته اها اسان کي پُرامن ۽ ترقي ڪندڙ سنڌ جو خواب سچو ڪري ڏيندي.