بلاگ

داستانِ گل (داستان نائون)

”مان ۽ منهنجا استاد“ مان اقتباس

 هاڻ واپس موٽي ٿا اچون، ان ڪَچي پهرئين واري سيٺ ڪمال الدين اسڪول ڏي، جنهن جي وڏي فرزند ”سيٺ نظير ڪمال“ هڪ ويجهڙائيءَ واري ملاقات ۾ اهو انڪشاف ڪري، خاص طور ڏاڍو صدمو پهچايو. جڏهن ٻڌايائين ته، ”بابا جي نالي وارو قديم لڳل بورڊ به ڪي ”شرپسند“ اتان لاهي کڻي ويا آهن، ته ڇو اصلوڪن ماڻهن جي يادگيري هن شهر ۾ اَڃا قائم رهي؟“ اِهو حال آهي، حيدرآباد جي اصلوڪن سنڌي پاڙن ۽ وستين جو، جيڪي 1990ع جي فسادن کانپوءِ گهڻو متاثر ٿيون، جن تي اسان جي شاعر امداد حسينيءَ ”شهرِ آشوب“ لکيو ۽ غلام نبي مغل هڪ ڌوڏيندڙ ناول ”اوڙاهه“ لکي، اسان کي پنهنجي بيوسي، غريب الوطني ۽ اصل ۾ مالڪ هوندي به ”غلاميءَ“ جو احساس ڏياريو. سيٺ نظير ڪمال شهاب سئنيما حيدرآباد جو مالڪ ۽ انيڪ وڻج واپار جي ذريعن ۽ ماڳن مڪانن جو ڌڻي هو. تازوئي هُو به انتقال ڪري ويو آهي. مدد علي سنڌي ۽ قاضي امتياز جو پڳ  مَٽ يار هو.

قاسم آباد به سنڌين جي هڪ وڏي ”مهاجر ڪئمپ“ آهي، جنهن جو ثاني ۽ وڏو ڀاءُ ممبئي جو ”الهاس نگر“ ۽ راجسٿان جو ”اجمير شريف“ آهي. باقي اسان جي سڃاڻپ حيدرآباد ۾ فقط ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارو ”سنڌ ميوزيم“، ”ممتاز مرزا آڊيٽوريم“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو“ وڃي بچيا آهن، جتي هر سڀاڳي هفتي، پندرهين ڏينهن ڪونه ڪو ادبي، ثقافتي ميڙاڪو ڪري اسين پنهنجا ”فوٽا“ ڪڍرائي، ڇپرائي، گد گد ٿي، پنهنجو پاڻ کي ”مَهان“ اديب، ليکڪ ۽ مقرر سمجهي واپس گهر وڃي، اِهو سمجهون ٿا ته، ”حيدرآباد سنڌ جي دل آهي.“ جيڪڏهن دل آهي ته پوءِ پراڻي شهر جي اِها حالت ڇو آهي؟ ۽ اُتان اسان کي 1990ع ۾ دربدر ڪرڻ واري سرڪار ڪهڙي هئي؟ هاڻي ته اُهي پاڙا، پاڙا نه رهيا آهن، بلڪه انسانن جا واڙا آهن!