ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي پوک ۾ 6.5 سيڪڙو گهٽتائي

اقوام متحده جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (FAO) جي مطابق پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 2025ع ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ 6.5 سيڪڙو ايراضيءَ جي ڪمي نظر آئي آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر جي گلوبل انفارميشن اينڊ ارلي وارننگ سسٽم پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته پوکيءَ جي ايراضيءَ جي گهٽتائي جو سبب 2024ع کان گهٽ کان گهٽ امدادي قيمت ۽ پوکيءَ وقت مقامي سطح تي ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آهي، جنهن جي ڪري ڪجهه آبادگارن وڌيڪ منافعي بخش فصل جهڙوڪ: تيلي ٻج، مصالحه ۽ ڀاڄيون پوکيون آهن.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 2024-2025 جي مارڪيٽنگ سال ۾ ڪڻڪ جي درآمد پنج سالا سراسري جي مقابلي ۾ نمايان گهٽ رهي، ڇو ته 2024ع ۾ ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي مڙهيل هئي. فيڊرل ڪميٽي آن ايگريڪلچرل جي رپورٽ مطابق ربيع جي موسم 2024-2025 ۾ ڪڻڪ جي پيداوار انداز 28.42 ملين ٽن رهي. جڏهن ته مقرر هدف 33.58 ملين ٽن هو، جنهن جي پيداوار ۾ 15.37 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. هڪ ٻي رپورٽ موجب مملڪتي پيداوار گذريل سال جي مقابلي ۾ 10 سيڪڙو گهٽجي وئي. ان رپورٽ ۾ اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي مجموعي پيداوار 4.52 سيڪڙو گهٽجي وئي.

جڏهن ته پوک جي ايراضيءَ ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. ڏسجي ته ڪڻڪ جي پوکائي ۾ گهٽتائي جا ڪيترائي سبب آهن جن ۾ منيمم سپورٽ پرائس کي ختم ڪرڻ، جنهن جي ڪري زميندارن کي ٻيا آمدني ڏيندڙ فصل وڌيڪ پرڪشش نظر اچن ٿا. ان کان علاوه بدلجندڙ موسمياتي اثرن جي ڪري خشڪ موسم خاص طور تي باراني علائقن ۾ پوک تي منفي اثر وڌا. ان کان علاوه آبادگارن کي وقت تي يوريا DEP جهڙا ڀاڻ ميسر نه ٿيڻ سبب ۽ انهن جون قيمتون وڌڻ جي ڪري به ٻيا فصل پوکڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو.

آبادگار جيئن ته زراعت ۾ وڌيڪ منافعو ڪمائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪن ٿا، ان ڪري کين ڪڻڪ کان علاوه ٻيا فصل جيڪي کين وڌيڪ آمدني ڏئي سگهن ٿا، ان پاسي وڃڻ جو فيصلو ڪن ٿا. آبادگارن کي نه صرف مٿيان مسئلا سامهون آهن، پر ان کان علاوه ڪيترن ئي علائقن ۾ آبپاشي وارو پاڻي دير سان ملي ٿو يا گهٽ ملي ٿو. ان کان علاوه جڏهن حڪومت ڪڻڪ جي خريداريءَ کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ شروع ڪيو ته ذخيرا اندوزي ۽ مارڪيٽ جي منفي حرڪتن فصل پوکڻ جي رجحان کي گهٽ ڪيو.

اسان جي ملڪ ۾ معيشت جو وڏو حصو زراعت تي ٻڌل آهي، پر طاقتور حلقه جيڪي ملڪي پاليسيون ٺاهين ٿا اڃان تائين ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن، جنهن جي ڪري ملڪ مختلف بحرانن کي منهن ڏئي ٿو. هڪ زرعي ملڪ هجڻ جي ناتي حڪومت کي گهرجي ته زرعي پاليسين کي بهتر بڻائي آبادگارن کي زرعي مشينري ۽ ٽيڪنالاجي جي رسائي ممڪن بڻائي، انهن جي لاءِ انهن کي قرض ڏنا وڃن، کين زراعت جي جي لاءِ استعمال ٿيندڙ نئين ٽيڪنالاجيءَ جي تربيت ڏئي تيار ڪيو وڃي، پر ان جي ابتڙ آبادگارن کي دل شڪسته ڪري ڪڻڪ جهڙي بنيادي ضرورت جيڪا اسان جي روز مره جي کاڌي پيتي جو بنيادي جز آهي، ان جي پوکڻ کان پري ڪري رهي آهي.

جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو جو ڪڻڪ جي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ جي سلامتي جو مسئلو ڪر کڻي اٿندو. حڪومت کي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پوندي جيڪا يقينن مقامي ڪڻڪ کان مهانگي پوندي، جڏهن ڪڻڪ جي قيمت مهانگي ٿيندي ته عوام کي اٽو به مهانگو ملندو ۽ پوءِ هڪ معاشي بحران جنم وٺندو. جيئن 2024-2025 ۾ پاڪستان کي 3، 4 ملين ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پئي، جنهن جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪرڻا پيا، ان جي لاءِ اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ وڌي وڃي ٿو.

اسان جي زراعت واري وزارت کي گهرجي ته زراعت جي ماهرن سان گڏجي هڪ اهڙي پاليسي جوڙي جنهن جي مطابق ڪڻڪ جي پوکيءَ جي ايراضي ۾ جيڪا گهٽتائي آئي آهي، اها ايندڙ سال پوري ڪئي وڃي. آبادگارن جا مٿي بيان ڪيل مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن اسان جو زرعي شعبو متاثر نه ٿئي، زرعي شعبي جي متاثر ٿيڻ سان عام ماڻهو جي زندگي سنئين سڌي متاثر ٿيندي. جيڪڏهن ملڪ مستقل ڪڻڪ جي پيداوار جا هدف حاصل نه ڪري سگهيو ته فوڊ اينڊ ورلڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن ۽ فوڊ پروگرام جهڙا ادارا پاڪستان کي غذائي سلامتي جي خطري واري فهرست ۾ شامل ڪري سگهن ٿا.

ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ۾ گرين اينيشيئيٽو پروگرام جي گونج ٻڌڻ ۾ آئي، پر اها به سياست جي نظر ٿي وئي. جنهن جو اثر به اسان جي ڪڻڪ جي پوک تي ٿيو آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ زرعي ۽ ماحولياتي پاليسين جو اختيار صوبن وٽ آهي، ان ڪري ڪنهن به نئين پاليسي ٺاهڻ کان پهرين صوبن سان صلاح مشورا ڪري نئين پاليسين کي وفاقي ۽ صوبائي هم آهنگي سان شروع ڪيو وڃي ته جيئن ان ۾ وڌيڪ ڪاميابي ٿي سگهي.

ڇو ته صوبن کي هن پروگرام تحت ڪجهه تحفظات هئا ته وفاقي گرين انيشيئيٽو ۾ شفافيت جي کوٽ آهي، وفاق صوبائي اداران سان صلاح مشورا نه ڪيا ويا هئا، جنهن جي ڪري صوبن ان منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو. هر صوبي کي اها اجازت ڏني وڃي ته اهو پنهنجي لاءِ گرين ايڪشن پلان ٺاهي ۽ لاڳو ڪري، وفاق ان ۾ مالي ۽ فني مدد ڪري. زميندارن کي اقتصادي تحفظ کانسواءِ پيداوار ۾ واڌ ممڪن ناهي، ان جي لاءِ منيمم سپورٽ پرائس کي وري ٻيهر شروع ڪيو وڃي. ننڍن زميندارن جي لاءِ مفت يا سبسڊي واريون ٽيڪنالاجيون فراهم ڪيون وڃن جنهن ۾ ڊرپ ايريگيشن يا ڊرل پوک شامل آهن.

زميندارن کي ڀاڻ، ٻج پاڻي ۽ منيمم سپورٽ پرائس جي ضمانت ملندي ته اهي يقينن وڌيڪ ايراضي تي ڪڻڪ پوکيندا جنهن سان ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڻڪ جي پوک واري ايراضي ۾ واڌ ٿيندي ۽ اميد آهي ته 2027ع تائين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پنهنجي کاڌ خوراڪ جي معاملي ۾ پنهنجن پيرن تي بيهي سگهندو. اسان کي پنهنجي زرعي ملڪ هجڻ جي ناتي زراعت تي وڌيڪ فوڪس ڪري آبادگارن جي لاءِ بهتر پاليسيون ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال ڪرڻ طرف وڌڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه حل ناهي جيڪو پاڪستان کي حقيقي ترقي ڏياري سگهي.