مافيا لفظ ته الائي ڪهڙي ٻوليءَ جو آهي، پر ان جو سولي سنڌي ۾ مطلب ٿيندو ڪا رياست کان به ڏاڍي تنظيم، مافيا، ڊان، گاڊ فادر اهڙا لفظ آهن، جيڪي مافيائن جي گرد ئي گهمن ٿا. مافيائن، ڊان ۽ گاڊ فادرن تي ڪيترائي ناول ڪهاڻيون ۽ فلمون ٺهيل آهن.
پاڪستان جي سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف جيڪو “پناما ليڪس” ۾ اقامي وارو فيصلو ڏنو ھو تنهن ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي ججمينٽ ۾ گاڊ فادر جو لفظ پڻ لکيو هو، جنهن تي وڏو تبصرو به ٿيو هو. هن لفظ تڏهن عالميگير شهرت ماڻي هئي جڏهن ڪولمبيا جي ڊرگ ڪارٽيل اتان جي حڪومت ۽ پاڙيسري ملڪن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. جنهن جي ڪري ھالي ووڊ جڳ مشهور فلم “گاڊ فادر” ٺاهي وئي هئي، سو پاڻ اچون ٿا تيل مافيا ڏانهن، تيل مافيا پاڪستان ۾ ايوب دور ۾ پاڙون پڪيون ڪيون. تيل مافيا جو پهريون وار ريلوي تي ٿيو. ريلوي جيڪا هڪ محفوظ سواري هئي ۽ آھي. تنهن کي روڊ ٽرانسپورٽ هٿرادو طور فيل ڪرايو. ڇاڪاڻ ته ٽرانسپورٽ تي اجارا داري پٺاڻ جي هئي. سو ريل وڃي گوڏا کوڙيا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ شايد ئي ڪا ملڪ ۾ نئين پٽڙي وڇائي وئي هجي. جڏهن ته دنيا بلٽ پروف ٽرين تي وڃي پهتي آهي، جيڪا هاڻ هزارين ڪلو ميٽر هڪ ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي. جاپان، چين، انگلينڊ، فرانس هاڻ ته جدي کان مڪي تائين اها سرورس ملي ٿي. لنڊن ۽ پيرس جيڪي سامونڊي پٽي تي واقع شهر آھن، اڳئي اهي سامونڊي ڦيري يا جهاز رستي مليل هئا، پر هاڻ سمنڊ جي اندران ريل گاڏي هلي ٿي.
اردو جي مشهور ليکڪ مستنصر حسين تارڙ جو ناول (پيار کا پهلا شهر) جن به پڙهيو هوندو تن کي خبر هوندي. سو پاڪستان جي ريل اجڙي ته ڄڻ هڪ پورو جهان اجڙي ويو. ريلوي اسٽيشنون اڇن ڊريسن ۾ اسٽيشن ماسٽر، ڳاڙهين، ڊريسن ۾ قلي اهي سڀ ماضي جا مزار بڻجي ويا. ريل اجڙي ته مال گاڏيون به موڪلائي ويون. زندگي جو وهنوار روڊن تي وڌيو، لاريون، بسون ٽرڪون، ٽريلر سڀ جا سڀ روڊن تي اچي ويا ته نتيجي طور روڊ حادثا وڌي ويا، ڊيزل سڙڻ سبب گدلاڻ وڌي وئي. رسد ۽ طلب جي اصولن تحت پيٽرول پمپ وڌ کان وڌ کلڻ لڳا. پيٽرول پمپ اڄ به هڪ منافعي بخش ڪاروبار آهي. پاڪستان وٽ ٻه وڏيون تيل سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنيون آهن. ھڪ پي ايس او ٻي شيل ڪمپني، جيڪي سڄي ملڪ کي تيل فراھم ڪن ٿيون. پاڪستان وٽ تيل گهڻون تڻون سعودي عرب ۽ گلف رياستن کان اچي ٿو. ايران ۽ روس جو تيل وٺڻ جي پاڻ ۾ ٿوم ئي ڪونهي جو انڪل سام جي منع ڪيل آهي. باقي ايراني تيل ته مجاهدن جي محفوظ پھري ۾ اسمگلنگ ٿي سڄي ملڪ اندر پھچي ٿو. اهو شيل ۽ پي ايس او جي ٽينڪرن ۾ اڌ رقم تي پمپ مالڪن کي ملي ٿو، جيڪي وري فل قيمت وٺي عوام تائين خدمت ڪن ٿا. ڪنهن زماني ۾ سنڌ اندر دبنگ پوليس آفيسرن جو وڏو نالو بشير ميمڻ، اي ڊي خواجه، غلام نبي ميمڻ، اتفاق سان انهن جا وري پيٽرول پمپ جام آهن. ملڪي ليول تي وري پيٽروليم جي وزارت هڪ سڻڀي وزارت ليکبي آهي. اڳئي جڏھن به نواز ليگ جي حڪومت ھوندي ھئي ته راولپنڊي چڪري واري چوڌري نثار وٽ اهائي وزارت هوندي هئي جيڪا هاڻي مصدق ملڪ وٽ آهي. تيل جي پمپن تي تيل ڀريندڙ هڪ ملازم کان شروع ٿيندڙ چين ڪمپني جي ھيڊز تائين وفاقي وزير کان وٺي وزيراعظم تائين هن وهندڙ گنگا مان سڀني جو ڀلو ٿئي ٿو. ھي ھڪ اھڙو سفيد پوش ڌاڙو آهي، جنھن کي جديد دنيا ڪاروبار جو نالو ڏنو آهي.
هن گينگ ۾ شامل ماڻهن کي ڌاڙيل نه، پر صاحب سڏين ٿا، جيڪي رات پيٽ ۾ اربين کربين رپيا ھڙپ ڪريو وڃن. ٻه نمبر تيل کان وٺي پمپن جي ماپ تور تائين هي صاحب لوڪ عوام مان ڪمائيندا آھن. سچ پڇو ته پاڪستان ۾ هاڻ تيل جو ڪاروبار هڪ مافيا جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جيڪو شايد هاڻ رياست جي وس کان به ٻاهر آهي. پاڻ پنهنجي قائد جي جيئري عزت ڪئي يا نه ڪئي سا ته تاريخ جي صفحن ۾ چٽيل آهي، پر سندس تصوير جي جيڪا عزت آهي ان جي اڳيان ملڪ جا وڏي کان وڏا طرم خان سندس شڪل ڏسيو هٿيار ڦٽا ڪريو ڇڏين. بقول ڊاڪٽر آڪاش جي، “نالا کڻان مان ڪهڙا ڪهڙا، هتي ناراض ٿيندو هرڪو.” سو ملڪ منصور لڳو پيو آهي. رياست فيل ٿي چڪي آهي. ادارا کوکلا ٿي ويا آهن. هن ملڪ کي ري فريش ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ کي مافيائن مان آجو ڪرائڻ جي ضرورت آهي.