گذريل ڏينهن وڪيلن تي ڏمريل ملير پوليس، صالح پٽ جون ڪيمپون پٽرايون آھن. جڏهن ته ڪنڌڪوٽ، فيض گنج، نئون ديرو تي ڪارروايون ڪيون ويون، ائين ٻٻرلوءِ مورو ۽ ٻين ڪيمپن جو گهيراءُ شروع ڪيو ويو، پر قوم جي جوڌن هر جاءِ تي سندن گهيراءُ ڪيو. آخر سنڌ سرڪار کي پرامن مظاهرين مان ڪهڙو خطرو آهي جو مٿن تشدد پئي ڪرائي. هر تحريڪ جو هڪ مقصد هوندو آهي ان مقصد جي حصول لاءِ ابتدا ۾ ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. جڏهن ڳالهيون ناڪام ٿينديون آهن ته پوءِ احتجاج جي ڪال ڏني ويندي آهي اڃان جيڪڏهن پرامن احتجاج موثر نتيجو نه ڏيندا آهن ته پوءِ پرامن ڌرڻا هڻڻا پوندا آهن، جيڪي مقصد جي حصول تائين جاري رهندا آهن. جڏهن حڪومت جي غلط پاليسين خلاف ڌرڻو هوندو آهي ته ڪنهن ڪنڊ ۾ نه ويهبو آهي يقينن ان لاءِ اهڙي جاءِ جي چونڊ ڪبي آهي جتي عوام تائين ڌرڻي جي مقصدن جي ڄاڻ به پهچائجي ۽ حڪومت جو ڌيان به ڇڪرائجي. سو سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف ڪيترن ئي مهينن کان قومپرست جماعتن ۽ سول سوسائٽي شهر شهر مظاهرا پئي ڪيا، پر حڪومت جي ڪن تي جونءِ ئي نه پئي چُري، نيٺ سنڌ جي وڪيلن سنڌ جي درياءَ مٿان ڇهن ڪئنالن جي منصوبي خلاف احتجاج کانپوءِ ڌرڻن جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ جي وچ واري علائقي ٻٻرلوءِ باءِ پاس کي مرڪز بڻايو. پهرئين مرحلي ۾ سول سوسائٽيءَ کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي وئي، ائين آهستي آهستي قومپرست ۽ مذهبي جماعتن سان گڏ سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي درياءَ بچائڻ لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي. ائين عوام کي تنگ نه ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ويو.
جڏهن ته پنجاب طرف ويندڙ ٽرالر ۽ ٽرڪون سائيڊ تي بيهاريون ويون، ڇو ته مرڪزي ڌرڻو قومي شاهراهه تي لڳل هو. ائين ڌرڻو ڏسندي به حڪمرانن روايتي انداز ۾ پنهنجون اکيون بند ڪري ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏي. ٺيڪ چئن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وفاقي حڪمران اگهور ننڊ مان جاڳيا ته ڏٺائون پنجاب جي رسد بند لڳي پئي آهي سو پيپلز پارٽيءَ سان ڳالهيون ڪري ڪئنال منصوبو ملتوي ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪيائون. افسوس ان ڳالهه تي ٿئي ٿو ته اسانجي حڪمرانن جي ايتري مت کس آهي جو ڪئنالن خلاف احتجاج ۽ رسد بند ڪرڻ جي اڳواڻي وڪيل برادري ڪري رهي آهي، پر ڳالهيون وري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سان ٿي رهيون آهن جيڪا پارٽي خود ان ڏوهه ۾ برابر جي حصيدار آهي. ڇو ته پيپلزپارٽيءَ جي ڪو چيئرمين ۽ صدر پاڪستان خود ان منصوبي جو اجازت نامون جاري ڪيو آهي. ان جي باوجود وڪيل قيادت چوي پئي ته ڀلي ڪريڊٽ توهان پيپلزپارٽيءَ کي ڏيو، پر اسان کي لکت ۾ نوٽيفڪيشن ڏيو ته اسان ڪئنال ڪڏهن به نه ٺاهينداسين، جيڪا ڳالهه توهان زباني چئو ٿا اها لکي ڏيڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي، جنهن ڳالهه تان سنڌ حڪومت وڪيلن توڙي سول سوسائٽيءَ جي لڳل پرامن ڌرڻن کي پرتشدد بنائڻ جي حڪمت عملي ٺاهي آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ رستا کولرائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن ايتري تائين جو وائرليس تي سڄي سنڌ ۾ پيغام پهچايو ويو آهي ته جنهن ايس ايڇ او جي حد ۾ احتجاجي ڌرڻو لڳندو ان جي نوڪري ختم ڪئي ويندي. اهو حڪم ملندي ئي پوليس عملدار متحرڪ جوانن تي لٺيون، شيلنگ ۽ ٻڌ ٻڌان جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي. ان حڪم مان پيپلز پارٽيءَ جي غير جمهوري هجڻ جا چٽا ثبوت ملن ٿا.
ڇا ان عمل سان وفاق توڙي سنڌ سرڪار کي مثبت نتيجا ملي سگهندا؟ سنڌ پوليس جي ڏاڍ مڙسي ڪڏهن به وڪيلن جي تحريڪ کي جهڪائي نه سگهندي. پرتشدد عمل سان هڪ ته سنڌ ۾ وفاق ۽ پيپلز پارٽيءَ خلاف نفرت پيدا ٿيندي ۽ ٻيو ته بک ۽ بدامني ۽ بدحالي اڃا وڌيڪ وڌڻ لڳندي. ڇا سنڌ سرڪار پنهنجي سنڌ کي تباھه ڪرڻ جو منصوبو جوڙي سنڌين کي پنجاب جو غلام بنائڻ چاهي ٿي؟ اھو ڪڏهن به ممڪن ڪونهي. پيپلز پارٽي پنجاب سامراج جي چال کي نه پئي سمجهي ته هو اسان سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا ناجائز مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. خاص طور تي معدني وسيلن تي قبضا، سنڌ جي زمينن تي قبضا، گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي قبضا شامل آهن گذريل ڏينهن مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ بيان جاري ڪندي چيو ته “ڪنهن به صورت ۾ ڪينالن وارو فيصلو واپس نه وٺنداسين”سندس اهو بيان ملڪ کي ٽوڙڻ برابر آهي. جيڪڏهن پنجاب اسانجي سنڌ کان عليحدگي چاهي ٿو ته بيشڪ ڪري. باقي وڏي صوبي جي دعويٰ ڪندي سنڌو درياءَ تي زبردستي ڌاڙو هنيائين ته سنڌ جا جوڌا جنگ لاءِ تيار آهن، پوءِ پيپلز پارٽي جو ڇا ٿيندو! جيڪي سدائين سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو آهي ۽ وري سنڌين مٿان ظلم ڪيا اٿائين. پنجاب سدائين سنڌ کي نقصان ڏنو آهي. ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان کي گوليون هڻي پنجاب ۾ شهيد ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو، محترمه بينظير ڀٽو کي پنجاب ۾ گوليون هڻي شهادت جو جام پياريو ويو پوءِ به پيپلز پارٽي پنجاب جي ونگار وهندي سنڌ جي امن پسند ماڻهن مٿان ڏاڍ ۽ ظلم ڪري رهي آهي.
ياد رکو تشدد ڪنهن به مسئلي جو حل ڪونهي. جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءُ ۽ جنرل پرويز مشرف اهي پرتشدد حربا استعمال ڪري چڪا آهن. ايم آر ڊي جي تحريڪ سڀني جي سامهون گذري آهي، پر ڪڏهن به سنڌي ماڻهو پنهنجي جائز حقن تان دستبردار نه ٿيا آهن، پوءِ ڇا سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت جي هٺ ڌرمي سنڌين کي پنهنجي جائز مطالبن تان هٽائي سگهندي؟ بلڪل نه. ان ڪري سنڌ حڪومت خاص طور تي پيپلز پارٽيءَ کي ڌرڻي تي ويٺل پرامن وڪيلن قومپرستن ۽ سول سوسائٽيءَ سان ويهي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، هي ڪنهن سياسي ڌر جو مسئلو ناهي ۽ نه وڪيلن پنهنجو ذاتي فائدو وٺڻ گهرن ٿا ۽ نه ئي وري ڪنهن مذهبي جماعت کي ذاتي لاڀ ملندو. جڏهن هي سڀ ڪجهه پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ خاطر آهي ته پوءِ توهان کي جنگي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي آهي. هي ته توهان ۽ اسان جي جياپي جو سوال آهي. توهان ۽ اسانجي نسل جي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جو سوال آهي. اها سياست ۽ عهدا ته ٿوري وقت لاءِ هوندا آهن انڪري پوليس گردي ۽ پرتشدد ماحول پيدا ڪري صوبي جي حالتن کي وڌيڪ خراب نه ڪيو وڃي.