گذريل ڏينهن وڪيلن تي ڏمريل ملير پوليس، صالح پٽ جون ڪيمپون پٽرايون آھن. جڏهن ته ڪنڌڪوٽ، فيض گنج، نئون ديرو تي ڪارروايون ڪيون ويون، ائين ٻٻرلوءِ مورو ۽ ٻين ڪيمپن جو گهيراءُ شروع ڪيو ويو، پر قوم جي جوڌن هر جاءِ تي سندن گهيراءُ ڪيو. آخر سنڌ سرڪار کي پرامن مظاهرين مان ڪهڙو خطرو آهي جو مٿن تشدد پئي ڪرائي. هر تحريڪ جو هڪ مقصد هوندو آهي ان مقصد جي حصول لاءِ ابتدا ۾ ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. جڏهن ڳالهيون ناڪام ٿينديون آهن ته پوءِ احتجاج جي ڪال ڏني ويندي آهي اڃان جيڪڏهن پرامن احتجاج موثر نتيجو نه ڏيندا آهن ته پوءِ پرامن ڌرڻا هڻڻا پوندا آهن، جيڪي مقصد جي حصول تائين جاري رهندا آهن. جڏهن حڪومت جي غلط پاليسين خلاف ڌرڻو هوندو آهي ته ڪنهن ڪنڊ ۾ نه ويهبو آهي يقينن ان لاءِ اهڙي جاءِ جي چونڊ ڪبي آهي جتي عوام تائين ڌرڻي جي مقصدن جي ڄاڻ به پهچائجي ۽ حڪومت جو ڌيان به ڇڪرائجي. سو سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف ڪيترن ئي مهينن کان قومپرست جماعتن ۽ سول سوسائٽي شهر شهر مظاهرا پئي ڪيا، پر حڪومت جي ڪن تي جونءِ ئي نه پئي چُري، نيٺ سنڌ جي وڪيلن سنڌ جي درياءَ مٿان ڇهن ڪئنالن جي منصوبي خلاف احتجاج کانپوءِ ڌرڻن جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ جي وچ واري علائقي ٻٻرلوءِ باءِ پاس کي مرڪز بڻايو. پهرئين مرحلي ۾ سول سوسائٽيءَ کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي وئي، ائين آهستي آهستي قومپرست ۽ مذهبي جماعتن سان گڏ سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي درياءَ بچائڻ لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي. ائين عوام کي تنگ نه ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ويو.