بلاگنئون

ڀٽائي جي دور جي ادبي بوطيقا ۽ لطيف

ڀٽائي جي دور ۾ اسلام، تصوف، لوڪ داستان، سماجي اقدار ۽ فارسي ٻولي مروج ادبي بوطيقا جو بيانيو هو. هن دور ۾ اسلامي شاعري عام هئي جنهن ۾ مولود، مناجات، مرثيا، مناظرا ڪيا ويندا هئا، ايتري تائين جو عبدالرحيم گرهوڙي صاحب خود مناظري ۾ شريڪ ٿي اسلامي شريعت ۽ حديث جي اهم سوالن جا جواب ڏيندو هو. تعليم جا مرڪز رڳو اسلامي مدرسا هئا. ٻئي پاسي خانقاهي نظام پنهنجي عروج تي هو، تمام بزرگ، صوفي، اولياءَ جي تعليم جو وڏو مرڪز هو. ٽيون راڳ رنگ کي غير اسلامي سمجهيو ويندو هو، تنهنڪري راڳ جا مرڪز رڳو خانقاهون ۽ اوطاقون هونديون هيون. مڱڻهارن، ميراثين جو گهڻو گذر سفر انهن تي هوندو هو. راڳ جو هڪ خاص قسم ان دور جي سڃاڻپ هو، جيڪو داستانوي يا قصا گوئي واري انداز ۾ ڳايو ويندو هو. راڳ جو موضوع لوڪ داستان، لوڪ گيت ۽ رزميه داستان هوندا هئا.

ڀٽائيءَ انهن ئي موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي، پر انهن ۾ پنهنجو الڳ روح ڦوڪيو، اها ئي ڀٽائي جي انفراديت هئي جنهن کيس وڏو، عظيم شاعر بڻايو. فارسي ٻولي کان انڪار ڪري ڀٽائي مروج بوطيقا کان انحراف ڪيو، جيڪو عمل هن کي ٻين کان عظيم بڻائي ٿو. ٻيو هن مروج بوطيقا جي موضوعن کي بلڪل جدا مفهوم ۾ بيان ڪيو. اسلامي تعليم جي وحدانيت، خدا ۽ ٻانهي جي تعلق، تقدير، صبر، شڪر، سادگي، اسلامي شعار، رواداري، انساني حق، نيڪي، سخاوت، خدمت خلق جهڙن نقطن کي ترجيحي طور بيان ڪيو آهي. اسلام لاءِ هن چيو ته:

نماز روزا اي پڻ ڪم چڱو، اوڪو ٻيو فهم،

جنهن سان پسجي پرين کي.

**

سٽون پڙھ ساڃاھ جون، ڪنز قدوري ڇڏ،

وانء تنين جي سڏ، جنين سانگ نه ساھ جو-

(سر يمن ڪلياڻ)

هن بيت مان صاف ظاهر آهي ته صوفي روايتي فقه جي علم يا تحقيق سان اختلاف جو اظهار ڪيو آهي. هو اسلام جي اصل روح وحدانيت ۽ نبوت کي ڪافي سمجهن ٿا، باقي اسلامي تعليم سان اختلاف رکن ٿا.  تصوف ۾ پڻ هن روايتي انداز کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.  تصوف ۾ هن وحدت الوجود کي گهڻو مرڪزي نقطي طور آندو. تصوف جي سماجي افاديت کي وائکو ڪرڻ واسطي کاھوڙي، سنياسي، جوڳي جهڙن متحرڪ ڪردارن جا مثال پيش ڪيا. تصوف جي اصل روح نفس جي خواهشن تي قابو پائڻ، ضرورتن کي محدود ڪرڻ جهڙي فلسفي کي زندگي جو بنياد بڻائڻ تي زور ڏيڻ قابل تعريف آهي. صوفين جيڪو محدود زندگي جو عملي نمونو اختيار ڪري ڏيکاريو ان جي اهميت اڄ به قائم آهي. ادب، سياست، سماج جي ڇڙواڳي، دولت شهرت جو اڻ کٽ حرص اسان جي سامهون آهي، جنهن ۾ انسان خود کي وڃائي ويٺو آهي.  اڄ به اسان ڦري گهري ڀٽائي جي ترڪ سماج يا محدود زندگي ۾ پناھ حاصل ڪيون ٿا.

ڏني ڏکويا، اڻ ڏني راضي رهيا،

صوفي تي ٿيا، جئن ڪين کنيائون پاڻ سين.

**

حاصل جان نه حال، صوفي جم سڏائين،

ڪونهي تنين قال، وٿون جن وڃايون-(ڪلياڻ).

لوڪ داستانوي ڪردارن کي پڻ تمثيلي مفهوم ۾ پنهنجي اعليٰ ۽ مثالي ڪردارن طور پيش ڪيو، جيڪو پهريون دفعو ادبي ڪارنامو هو.

مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا

**

تو سڱ ساھ کڻڻ سين، جئيڻ گوشي جاء،

مرڻ مون سين آءُ ته پٺيء تو پنڌ ڪريان-

(سر معذوري).

ماروي، مومل، سهڻي، سسئي، نوري، ليليٰ، سورٺ جي ڪردارن ۾ هن هڪ نئون روح ڦوڪيو. سماجي متحرڪ ڪردار طور اڳيان آندو جيڪو ڪم پنهنجي نوعيت جو بلڪل نئون سڌريل رجحان هو. ڄام تماچي، پنهون، راڻو مينڌرو، چنيسر، ميهار کي اسلامي تعليم جي وحدانيت ھڪ خدا جي تمثيل طور پيش ڪيو. ٻيجل کي عزرائيل جي تمثيل طور بيان ڪيو، راءِ ڏياچ بادشاھ کي نيڪ ٻانهي طور پيش ڪيو، جيڪو موت کي برحق سمجهي قبول ڪري ٿو، تقدير جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نوائي ٿو.  زرعي سماج جي هنرمندن جهڙوڪ: لوهار، ڪوري، ڌوٻي، ملاح، ميربحر، اوڏ، ڪنڀار جي پورهئي کي مثالي ڪردارن طور پيش ڪيو. زرعي سماج جي اقدار کي انساني عظمت ۽ تھذيبي ورثي طور بيان ڪيو. ڀٽائي جي دور ۾ رڳو ٻه شهر ٺٽو ۽ بکر ھئا، ٺٽو شهر ڏٺو، پر ذڪر نه ڪيو. ڳوٺاڻي زندگي هئي ان مان به شاھ بيزار ٿي ڀٽ وسائي، ترڪ سماج، دستبرداري تي عمل ڪيو جيڪو تصوف لاءِ لازمي هو، اڄوڪو صوفي ڳوٺ ڇڏي شهر پيو وسائي! ڀٽائي سنڌو درياءَ جي پتڻن، جهاز راني کي ڇڏي سمنڊ جي جهاز راني جو ذڪر ڪيو. سامونڊي خاص پتڻ جو به ذڪر نه ڪيو. ڀٽائيءَ طرفان پنهنجي دور جي ماڻهن ۽ جاين کي تغافل نظر ڪرڻ جو ڪهڙو جواز ٿي سگهي ٿو. ڀٽائي جي رسالي جي سرن جي محبوب ۽ عاشق جي ڪردارن جي تمثيل خدا ۽ ٻانهي جي تمثيل آهي، ڀٽائي ٻانهي جي ڪردار کي وڌيڪ نروار ڪيو آهي. ترقي پسند محقق، دانشور شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي اولياء ۽ ولي الله  مڃڻ کان انڪاري آهن، رڳو شاعر طور قبول ڪيو. اولياءَ يا ولي الله ٿيڻ لاءِ نفس کي فتح ڪرڻ يا نفس تي قابو پائڻ ڪافي آهي، جيڪو ڪم ڀٽائي خوش اصلوبي سان ڪيو ان جي باوجود ان کي به اولياءَ تسليم نه ڪرڻ ڀٽائي سان زيادتي آهي. ڀٽائي پنهنجي دور جو نه، پر ماضي جي رومانوي داستانن جو شاعر آهي، هن جا تمام رومانوي داستان، ڪردار هن کان اڳ جا آهن جن جو سهارو وٺي هن اسلام ۽ تصوف جو روح ڦوڪيو. ڀٽائي ڪٿي به سنڌ جي ڪنهن شهر، تاريخي ماڳ مڪان جتي هن پنهنجو سفر ڪيو ان جو نالو نه کنيو آهي، پنهنجي دور کي ظاهر نه ڪيو. ايستائين جو هن پنهنجي دوستن، بزرگن جو به ذڪر نه ڪيو آهي. اها صفت صرف هڪ اولياءَ جي ٿي سگهي ٿي نه ڪي رڳو شاعر ائين ڪري سگهي ٿو. دنياوي شاعر پنهنجي دور کي رقم ڪندو آهي. ڀٽائي اولياءَ هجڻ جي ڪري پنهنجي زمان ۽ مڪان کي ڄاڻي واڻي ظاهر نه ڪيو.

ڀٽائي جي بيتن جي موضوع جي خصوصيت اها آهي ته هن پنهنجي دور جي ڪردارن بجاءِ اھڙن ابدي انساني ڪردارن جي چونڊ ڪئي جيڪي سدائين جتي ڪٿي ساڳيا آهن. مثال طور: سچ، ڪوڙ، حسد، حرص، عشق، همدردي، خلوص، سچائي، سخاوت، نفرت، ڌڪار، جنگ، سادگي، ڏک سک، مسرت، حسن، قابل ذڪر آهن، انهن موضوعن جي ڪري هن کي آفاقي سڏيو وڃي ٿو. هن جي اها ئي انفراديت آهي هن ڪنهن به موضوع کي خصوصيت يا اسم خاص طور نه کنيو آهي. مذڪوره خوبين جا مالڪ هن جي دور ۾ به هئا، پر هن انهن کي ظاهر نه ڪيو. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ، لاڳاپن، دوستن، گهر، روزگار، خانداني پسمنظر کي به ڪٿي ظاهر نه ڪيو آهي. اهڙو ڪم رڳو شاعر نٿو ڪري سگهي رڳو اولياءَ ئي ڪري سگهي ٿو. دنيا وارا شاعر عملي زندگيءَ ۾ ٻيو ڪجھ ته شاعري ۾ ٻي ڳالھ ڪندا آهن، پر ڀٽائي عملي ذاتي زندگي ۽ شاعري ۾  اولياءَ آهن، قول ۽ فعل ۾ مڪمل طور ساڳيا آهن.

***