مذهبي عقيدي جي اوسرَ (باب پنجون)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
(عقيدي جي سائنس جو اختصار)
”نئين عهدنامي جي اخلاقيات وڻندڙ آهي، انهيءَ کان انڪار ڪرڻ ڏکيو آهي ته ان جي ڪماليت سمجهاڻين جي ان حصي تي ڀاڙي ٿي جنهن کي هاڻي اسان تمثيلن ۽ اصطلاحن ۾ مڙهي ڇڏيو آهي“. ڊارون
ٻٽو ادراڪ
تصور ڪريو ته توهان وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جو ذهن معلوم ڪرڻ جو اڪيلو رستو اهو هوندو ته هو توهان جي سامهون ويٺو آهي. ان صورت ۾ عام انساني لاڳاپا ناممڪن هوندا. اها ئي ڳالهه اسان جي وڏڙن تي به لاڳو ٿي ٿي. اسان کي اها ضرورت پوندي آهي ته اسان ٻين ماڻهن جي خيالن ۽ احساسن جي به سُڌ رکون، توڙي اهي اسان جي اکين کان ڏور ئي ڇو نه هجن.
انهيءَ سببان انسان جي اندر اها نرالي صلاحيت موجود آهي ته اسان اڻ ڏٺل هستين جي موجودگيءَ کي قبول ڪري سگهون ۽ انهيءَ نسبت سان مختلف رخن ۾ پنهنجي زندگيءَ جو رويو تبديل ڪري سگهون. اسان مان گهڻائي، روزانو ائين ئي ڪندي آهي.
ڇا اوهان سان ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته توهان کي ڪنهن ڪجهه چيو هجي ۽ ان جو مناسب جواب توهان جي ذهن ۾ پوءِ آيو هجي؟ ڇا توهان رات جو پاسا بدلائيندي بدلائيندي ڪنهن سماجي مسئلي يا پنهنجي نوڪري جي باري ۾ سوچيندا آهيو؟ ڇا توهان شاديءَ جي تجويز ۽ پگهار ۾ واڌاري جي درخواست بابت ذهني ريهرسل ڪئي آهي؟
اسان انسانن ۾ هڪ زبردست صلاحيت اها به ڏٺي وئي آهي ته اسان اڻ ڏٺي ماڻهوءَ، بالا آفيسر، گهرواريءَ، دوست سان پيچيدو ٻٽو لاڳاپو جوڙي ڇڏيندا آهيون، جيڪو ڪنهن زمان ۽ مڪان جو محتاج نه هوندو آهي. توهان ڪنهن سان بحث ڪيو، توهان غلط هئا، ۽ هاڻي اوهان معافي وٺڻ چاهيو ٿا، پر اوهان کي پهريان ان لاءِ رٿابندي ڪرڻي پوندي. توهان ان جي ذهني ريهرسل ڪريو ٿا، ۽ اهو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا ته امڪاني طور ڪهڙو ردعمل اچي سگهي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو هوندو آهي، جڏهن اوهان پنهنجي روزاني ڪمن ڪارين ۾ مصروف هوندا آهيو. ان عمل کي ٻٽو ادراڪ (Decoupled Cognition) چيو ويندو آهي ۽ اها مذهبي عقيدي جي ڪُنجي آهي.
اسان پنهنجي ادراڪ کي وقت، جاءِ ۽ حالتن سان ملائي سگهون ٿا. اها صلاحيت ننڍپڻ کان ئي چوٽ چڙهي ٿي ۽ ان کي ٻارن جي راندين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ٻار ڪنهن بوتل جي ڍڪ کي اڏرندڙ ٿالهي چئي سگهي ٿو. ٻار ڄاڻندو آهي ته اها بوتل جي ٻُنجي آهي، پر هو حقيقت کي نظر انداز ڪري ان کي اڏرندڙ ٿالهي سمجهڻ لڳندو آهي ۽ ان سان اڏرندڙ ٿالهيءَ جون خوبيون به ڳنڍيندو آهي، ائين، ٻار پنهنجي ادراڪ کي ٻٽو ڪري رهيو آهي.
اسٽيج ڊرامن ۽ فلمن ۾ ان قسم ”غير يقينيءَ جي تجسس“(Suspension of Disbelief) جو گهڻو استعمال ٿيندو آهي. اوهان ڄاڻندا آهيو ته جيڪو اسڪرين تي هلي پيو، اهو حقيقت ناهي، ان باوجود اوهان ڄاڻي واڻي اهو سمجهو ٿا ته فلم جا ڪردار اصلي ۽ زندهه آهن، ۽ ڪار واقعي به پل تان ڪري تباهه ٿي وئي، يا هڪ ڪردار مري ويو.
بالغن ۾ ياداشت ۽ رٿابنديءَ لاءِ اهو طريقيڪار ضروري آهي. جڏهن اسان پنهنجن روزاني لاڳاپن تي نظر وجهون ٿا ته اسان ماضي ۽ مستقبل جو سفر ڪري سگهون ٿا ۽ خيالن ۾ ڪيترين ئي جاين تي وڃون ٿا، اسان پنهنجي آفيسر سان ملاقات جو وقت ياد رکون ٿا، ۽ اسان وقت کان اڳ ئي ان سان خيالن جي ڏي وٺ جي رٿابندي ڪري ڇڏيون ٿا، هي سڀ ٻه طرفو عمل انهن ماڻهن سان غائباڻي نموني ٿي وڃي ٿو.
اڻ موجود ماڻهن سان ذهني لڳ لاڳاپو فطري آهي. اڪثر ماڻهو، ويجهڙ ۾ مري ويل مائٽن سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، اها ئي شئي اڳتي هلي، ديوتائن ۽ خدائن جي عبادت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. فرق رڳو وڃي اهو رهندو آهي ته اڻ موجود هستين سان لاڳاپي جو دائرو ڪشادو ٿي وڃي ٿو.
ذهني طريقيڪار جو نظريو:
ٻٽو ادراڪ، هڪ حيرت انگريز ذهني صلاحيت آهي. اها اسان جي ذهن جي اندر هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن کي ذهني طريقيڪار جو نظريو چيو وڃي ٿو. ان کان اڳ اسان اهو تصور ڪريون ته ڪوئي شخص ڪيئن عمل ڪندو، اسان کي اهو سمجهڻو هوندو آهي ته هو ڪيئن سوچي ٿو. ۽ اسان گهڻن موقعن تي ائين ڪري وٺندا آهيون. اسان وٽ ٻين جا خيال پڙهڻ، انهن جي عقيدن، خواهشن ۽ نيتن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي قدرتي صلاحيت موجود آهي ۽ اسان ان جي بنياد تي اندازا لڳائيندا آهيون.
هاڻي ٿورو انهن ماڻهن جي باري ۾ سوچيو، جن کي اوهان سٺي نموني سڃاڻيندا آهيو. توهان پوري ڀروسي سان اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته هو هن وقت ڇا سوچيندا هوندا. اوهان اهو به اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هو اوهان بابت ڪهڙي سوچ رکندو هوندو. اها صلاحيت امڪاني طور اسان جي وڏڙن کي ”ڪير دوست آهي، ڪير دشمن آهي“ جي حد مقرر ڪرڻ، ۽ ان موجب پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ ۾ مددي ثابت ٿي آهي.
ڌيان ڏيڻ جي اها صلاحيت، انسان جي انفراديت جي ڪُنجي ٿي سگهي ٿي. اسان اهي واحد جانور آهيون، جيڪي ٻين سان پيچيدو سهڪار ڪريون ٿا، جنهن ۾ اسان نه رڳو ٻين جي سوچ پڙهي سگهون ٿا، پر اهو به ڏسي سگهون ٿا ته هو اسان جو ذهن پڙهي رهيا آهن. اسان انهيءَ تي ڪو ذهني زور نه ٿا ڏيون، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه صفا سولو لڳي ٿو، پر حقيقت ۾ ائين آهي ڪو نه.
مثال طور، تون ۽ مان، اهو فيصلو ڪريون ٿا ته پاڻ رات جو نائين وارو شو ڏسنداسين. اسان هڪ گڏيل منصوبو ترتيب ڏنو آهي. اسان مان هرهڪ ڄاڻي ٿو ته ٻيو ان منصوبي سان ڪيتري حد تائين لاڳاپيل آهي، پر تون ڄاڻين ٿو ته مونکي دير ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري تو چيو ته وقت تي اچجانءِ، ۽ مونکي خبر آهي ته منهنجي دير سان اچڻ واري عادت کان توکي چڙ آهي، ۽ تون ڄاڻين ٿو ته منهنجي پنهنجي ٽوٽائپ جي باري ۾ تنهنجي چڙَ کان مان باخبر آهيان. جڏهن فلم شروع ٿيڻ کان ڳچ وقت اڳ مان پهچان ٿو ته تون مسڪرائين ٿو، مان ڄاڻان ٿو ته تون منهنجي وقت تي پهچڻ ڪري خوش آهين، ۽ تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجي خوشيءَ کي مان سمجهي سگهان ٿو. هڪ لفظ به ڳالهائڻ جي ضرورت نه پئي. هي هڪ ننڍڙي وک آهي، جنهن سان اسان هڪ انسان نما دماغ جو تصور ڪري سگهون ٿا، جنهن جي اندر ٻين جي باري ۾ خيال، احساس ۽ ارادا موجود آهن. اسان، ان انسان نما دماغ جو تصور ڪري سگهون ٿا ۽ ان تحت گڏيل رٿائون عمل ۾ آڻي سگهون ٿا، عاليشان گرجا گهر جوڙي سگهون ٿا. هو ان ڳالهه تان خوش ٿيندو. جيڪڏهن اسان جو خوش بختيءَ سان منهن مقابل ٿي ٿو ته اسين ڄاڻون ٿا ته هو خوش آهي.
اراديت:
ان سان ملندڙ جلندڙ هڪ مظهر ”اراديت“ آهي. هيءَ هڪ غير معمولي ذهني صلاحيت آهي. جيڪا ڪجهه هيئن آهي:
پهريون مرحلو: ”مان سوچان ٿو“
ٻيو مرحلو: ”مان سوچان ٿو ته تون سوچين ٿو“
ٽيون مرحلو: ”مان سوچان ٿو ته تون سوچين ٿو ته تون سوچين ٿو“
چوٿون مرحلو: ”مان سوچان ٿو ته تون سوچين ٿو ته مان سوچان ٿو ته تون سوچين ٿو“.
هاڻي هيئن ٿا ڪوشش ڪريون:
پهريون مرحلو: ”مونکي اميد آهي“
ٻيو مرحلو: ”مونکي اميد آهي ته تون هن ڪتاب کي پسند ڪندين“
ٽيون مرحلو: ”مان ڄاڻان ٿو ته تون باخبر آهين ته مونکي اميد آهي ته تون هن ڪتاب کي پسند ڪندين“
چوٿون مرحلو: ”توکي اهو يقين هجڻ گهرجي ته مان ڄاڻان ٿو ته توکي اها خبر آهي ته مونکي اميد آهي ته توکي هي ڪتاب پسند آهي“.
ظاهر آهي، هي سڀ ڳالهيون حالتن موجب تبديل ٿي سگهن ٿيون. هاڻي، هڪ سماجي صورتحال جو تصور ڪريو. هڪ عورت، هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائي پئي، جنهن جي باري ۾ سندس خيال آهي ته هو بيزار طبيعت جو مالڪ آهي، پر مرد جو خيال آهي ته اها عورت کيس من موهيندڙ سمجهي ٿي. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ان عورت جو مڙس ڏسي رهيو آهي، جنهن جو خيال آهي ته سندس گهرواري غيرمرد سان دل پشوري ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي ٿو ته هو ساڻس ناراض آهي ۽ هوءَ ان جو بدلو وٺي رهي آهي. عورت، ٿي سگهي ٿو، واقعي به، اهو ان ڪري ڪندي هجي ته جيئن هوءَ پنهنجي مڙس کي وڌيڪ چيڙائي سگهي.
ٻين جا خيال ۽ اهو ته هو اسان جي باري ۾ ڇا سوچي رهيا آهن، اهڙي قسم جي سُڌ، سماجي لاڳاپن لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي.
پهريون مرحلو: ”مان يقين رکان ٿو“
ٻيو مرحلو: ”مان يقين رکان ٿو ته خدا چاهي ٿو“
ٽيون مرحلو: ”مان يقين رکان ٿو ته خدا چاهي ٿو ته اسان سٺي نيت سان عمل ڪريون“
چوٿون مرحلو: ”مان چاهيان ٿو ته تون يقين رکين ته خدا چاهي ٿو ته اسان سٺي نيت سان عمل ڪريون“
پنجون مرحلو: ”مان چاهيان ٿو ته تون ان ڳالهه کان باخبر آهين ته اسان ٻئي يقين رکون ٿا ته خدا چاهي ٿو ته اسان سٺي نيت سان عمل ڪريون“.
نفسيات دان رابن ڊنبر چوي ٿو ته ٽين درجي جي اراديت ”ذاتي مذهب“ آهي، پر اوهان قائل ٿي چڪا آهيو ته پوءِ چوٿين درجي جي اراديت به آهي، يعني ٻيو ڪو ماڻهو توهان جي ذهني تصور ۾ واڌارو ڪري، توهان کي چئي ٿو ته توهان يقين رکو. ان سان ”سماجي مذهب“وجود ۾ اچي ٿو.
جيڪڏهن توهان سماجي مذهب جي حقيقت کي قبول به ڪري وٺو، ته توهان کان ڪنهن عمل جي تقاضا نه ٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن توهان پنجين درجي جو واڌارو ڪندا ته توهان پوئلڳ بڻجي ويندا، ۽ اهڙي نموني توهان ”معاشرتي مذهب“ جو بنياد وجهي ڇڏيو. ماڻهو مِلي جُلي، پنهنجي فرضن جو احساس ڪندي، مطالبو ڪن ٿا ته ٻيا به ائين ئي ڪن.
توهان ٻارن ۾ ڳالهائڻ جي صلاحيت پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ گڏيل اراديت جي صلاحيت ڏسي سگهو ٿا. ڪنهن ننڍي ٻار کي فرش تي ويهاريو، ۽ سندس آڏو هڪ بال کي اڳيان پٺيان اڇلايو. هو سولائيءَ سان ان راند ۾ شامل ٿي ويندو. هاڻي بال کي ايترو اڇلايو جو هو ٻنهين جي پهچ کان پري هليو وڃي، ٻار بال کڻي ايندو، اهو توهان جي هٿ ۾ ڏئي، توهان کي راند ٻيهر شروع ڪرڻ جو اشارو ڪندو.
هو ڄاڻي ٿو ته اوهان ان راند کي ڄاڻو ٿا ۽ توهان ڄاڻو ٿا ته هو ٻيهر راند کيڏڻ چاهي ٿو.
هي گڏيل اراديت يا گڏيل عمل زبان جو بنياد به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن تون ۽ مان، سنڌي ڳالهائيندڙ آهيون ته اسان ٻئي ڄاڻون ٿا ته پاڻ هڙتي نموني چونڊيل لفظ ”ڪتاب“ جو ڇا مطلب آهي. جيڪڏهن، اسان انگريزي ڄاڻون ٿا ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ۽ اهو به ڄاڻون ٿا ته ٻيا به ڄاڻن ٿا ته پاڻ هڙتو ٺهيل لفظ ”بوڪ“ جو مطلب ڇا آهي.
ٻين جي باري ۾ نسبتي درست اندازو لڳائي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ڀلي ٻين کي اسين سڃاڻون يا نه سڃاڻون. اسان ٻين کي ڏسڻ لاءِ مخصوص مطابقتون اختيار ڪري ورتيون آهن، شايد ان لاءِ اکين کي ”روح جي بالڪوني“ به چيو وڃي ٿو. اسان ٻين جي اکين سان انهن جي باري ۾ ڪيتري ئي معلومات گڏ ڪري سگهون ٿا، جنهن سان اسان جي وڏڙن جو پنهنجي قبيلي يا قبيلي کان ٻاهر ماڻهن سان تڪرار جاچڻ، يا دوست دشمن جو فرق ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. جيڪڏهن اوهان کي نه سڃاڻندڙ ڪنهن ٻار اکين تي پٽي ٻڌي ڏٺو آهي ته پوءِ اوهان هي عمل ڏسي ڇڏيو آهي.
ان صلاحيت جو مظاهرو، ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي نفسيات دان سائمن بيرن ڪوهن ڪيو. هن حيرت انگريز تفصيل سان ٻڌايو ته اسان جي اندر، ٻين ماڻهن جي اکين ۾ ڏسي، سوين جذباتي ڪيفيتن کي خاص درستيءَ سان گڏ پڙهڻ جي صلاحيت موجود آهي. مختصر ته اسان ڪنهن نه سڃاڻندڙ شخص جي باري ۾ پيچيدا اندازا لڳائي سگهون ٿا.
جذبات جي منتقلي:
خداوند ڪريم کان مدد وٺڻ نه رڳو اسان جي اندر موجود لاڳاپي جي تقاضا آهي، پر ان جو هڪ سبب هڪ ٻي مطابقت به آهي، جنهن کي ”جذبات جي منتقلي“ چيو وڃي ٿو. هيءَ مذهب جي ڪجهه پاسن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. اسان سڀ، غير شعوري طور، پنهنجي زندگيءَ جي لاڳاپن جو بنياد گذريل لاڳاپن تي وجهندا آهيون. جڏهن اسان ننڍپڻ ۾ ڳالهائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لائق بڻبا آهيون، ته اسان ٻين سان لاڳاپن جون حڪمت عمليون مرتب ڪندا ويندا آهيون. اڳوڻن لاڳاپن جون حڪمت عمليون، اسان جي شخصيت جي نکرندڙ خاصيتن کي شڪل ڏينديون آهن. اسان انهن کي پوءِ پيدا ٿيندڙ لاڳاپن لاءِ پيڙهه جي حيثيت ڏيندا آهيون.
مثال طور، پڪي عمر ۾ اسان ڪيترن ئي ماڻهن سان اهو ورتاءُ ڪندا آهيون، جهڙو اسان ٻاروتڻ ۾ ڪندا هئاسين. اسان اهو سمجهي ويهندا آهيون ته اهي مخصوص ماڻهو، اسان سان به اهڙو ورتاءُ ڪندا، جيئن اسان جي ٻاروتڻ ۾ ماڻهو اسان سان ڪندا هئا ۽ اسان پنهنجي رويي کي گذريل تجربي جي روشنيءَ ۾ سمايون ٿا. جيڪڏهن اهي اڳوڻا تجربا، تلخ هوندا ته اسان سمجهي وٺندا آهيون ته هاڻوڪا ماڻهو به اسان سان اهڙو ئي سلوڪ ڪندا، اسان انهن سان پنهنجا لاڳاپا، ماضيءَ جي تجربن کي سامهون رکي رکندا آهيون، توڙي جو هاڻوڪن ماڻهن جو رويو، اسان سان نسبتي بهتر ئي ڇو نه هجي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته انساني دماغ ۾ جذبات جي منتقليءَ واري صلاحيت ڇو اڀري آئي؟ ان سان ڪهڙا مسئلا حل ٿيا؟ ان سان ڪهڙا مطابقتي مقصد پورا ٿيا؟
اسان جذبات جي منتقليءَ جي ”شارٽ هينڊ“ کي استعمال ڪندي، مخصوص ماڻهن سان اهي جذبات ۽ رويا رکندا آهيون، جهڙا اسان ٻاروتڻ ۾ ساڳي نوعيت جي مخصوص ماڻهن سان رکندا هئاسين. بهترين حالتن ۾ هاڻوڪا لاڳاپا، ماضيءَ جي لاڳاپن سان پختا ڪرڻ، پوءِ کڻي اهي اصلي لاڳاپا هجن يا نقلي، حالتن جي نتيجن جو درست اندازو لڳائڻ جو اثرائتو طريقو آهي. تصور ڪريو ته اهو وقت ڪيئن هوندو جڏهن اسان کي هر نئون سماجي لاڳاپو قائم ڪرڻ وقت شروعات کان سکڻو پوي ته ماڻهن سان ڪهڙي نموني لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن.
نفسيات جا ماهر، روزانو ايترن، ڪيترن ئي طريقن جو مشاهدو ڪن ٿا، جن تي هلندي، ماضيءَ جا بيمار لاڳاپا، هاڻوڪن لاڳاپن تي ناڪاري اثر وجهن ٿا. جڏهن نفسياتي علاج دوران جذبات جي منتقليءَ جو عمل ورجايو وڃي ته جذبات جي منتقليءَ جا تفصيل خود علاج جو ذريعو بڻجي وڃن ٿا، پر انهن سمورين ڳالهين جو مذهب سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ انهن سمورين امڪاني جذبن جي منتقليءَ جو تصور ڪريو، جيڪي مذهب سبب حرڪت ۾ اچن ٿا. عيسائيت تثليث تي آڌارجي ٿي، ۽ پوءِ اهو سوچيو ته اهي عقيدا ڪيئن جذبن جي منتقلي جو سبب بڻجي وڃن ٿا؟ ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، ۽ زال وغيره. مذهبي ماڻهن جي نفسياتي علاج دوران ڪيترن ئي موقعن تي اهڙا لاڳاپا سامهون آيا آهن، جيڪي مريض جي اندر جذبن جي منتقليءَ واري عمل دوران سندس مذهبي خيالن جي هٿيءَ جو مک محرڪ بڻجن ٿا.
***