وفاقي بجيٽ: سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ ڪيترو اضافو ٿيندو؟

ايندڙ مالي سال 24-2023 جي وفاقي بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ايڊهاڪ الائونس جي مد ۾ 30 سيڪڙو، جڏهن ته پينشن ۾ 20 سيڪڙو سميت ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس اضافي جو امڪان آهي. پي اينڊ پينشن ڪميشن حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته سرڪاري ملازمن جي ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ۽ ايڊهاڪ الائونس جي صورت ۾ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. ناڻي واري وزارت جي ريگيوليشن ونگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جي حوالي سان 3 تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۽ الائونس ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments