سنڌ حڪومت کان جڏهن به عوام جي سهولتن جي لاءِ سوال ڪيا ٿا وڃن ته هنن وٽ هڪ پوري لسٽ موجود هوندي آهي، جيڪا بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هر جڳهه تي ڪيسٽ وانگر وڄائيندا رهندا آهن، پر جڏهن به سرڪاري انگ اکر سامهون اچن ٿا ته سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي وڃي ٿي. هن وقت به پاڻيءَ جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ جيڪا وفاقي وزارت پاڻي تحقيق ڪري اسيمبلي اندر آندي آهي ان ۾ پاڻي بابت واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي 29 شهرن ۾ عام ماڻهو کي صاف پاڻي جي سهولت مليل نه آهي. انهن شهرن جو پاڻي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. سنڌ ۾ مشڪل سان ننڍا وڏا 29 شهر آهن، حيدرآباد، ڪراچي، بينظيرآباد، سانگهڙ، عمرڪوٽ، لاڙڪاڻو، بدين، ماتلي، ٽنڊوالهيار ۽ ٻيا ته ان جو مطلب اهو ئي ٿيو ته پوري سنڌ ۾ ماڻهن کي سرڪار پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. پوري سنڌ ۾ عام ماڻهو جيڪو پاڻي واپرائي ٿو اهو صحت لاءِ نقصانڪار آهي. وڏن ماڻهن جي لاءِ ته پيئڻ جو صاف پاڻي فرانس مان اچي ٿو، سرڪاري نمائنده، سياسي ماڻهو، واپاري، نالي وارين ڪمپنين جو صاف پاڻي استعمال ڪن ٿا. سفيد پوش وري مقامي طور صاف ٿيندڙ پاڻيءَ جون بوتلون گهٽ پئسن تي خريد ڪري استعمال ڪري ٿو، اهو ڪيترو صحتمند هوندو آهي ان جي به ڪا گارنٽي نه هوندي آهي، بس ڏسڻ ۾ صاف هوندو آهي، باقي خلق خدا مجبور ٿي گدلو پاڻي استعمال ڪندي آهي، جنهن جي ڪري انهن کي ڪيتريون ئي موذي بيماريون وڪوڙي وينديون آهن. هيپاٽائيٽس-سي جو وڏو سبب گندي پاڻيءَ جو استعمال آهي ۽ جنهن ماڻهو کي هيپاٽائيٽس-سي ٿئي ان کي ڪينسر ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ان کان سواءِ پيٽ جون ڪيتريون ئي بيماريون ٿيڻ جو سبب گدلو پاڻي آهي. ان طرف سرڪار سڳوري جو ڪوبه ڌيان نه آهي. ڪجهه وقت پهرين سنڌ سرڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪشمور کان ٺٽي تائين صاف پاڻي بابت سروي ڪرايو هو ان سروي ۾ نظر آيو ته درياءَ هجن، واهه هجن يا ننڍيون شاخون شهرن جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال انهن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ته پوري دنيا جو مڃيل قانون آهي ته صاف پاڻي ۾ گندي پاڻي جو نيڪال نٿو ڪري سگهجي، ان گندي پاڻي کي ٽريٽمينٽ پلانٽ مان گذاري پوءِ صاف پاڻيءَ ۾ نيڪال ڪري سگهجي ٿو. هتي ته هاڃيڪار صنعتن جو ڪيميڪل مليل گندو پاڻي پڻ دريائن ۽ واهن ۾ نيڪال ڪيو ٿو وڃي، جن کي ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ ضروري آهن، پر سرڪار جو ان طرف به ڌيان نه آهي. جيڪڏهن صاف پاڻي ۾ گندو پاڻي ملايو ٿو وڃي ته اهو تمام وڏو ڏوهه آهي، پر سنڌ اندر اهو ڏوهه سالن کان ٿيندو رهي ٿو هن وقت به ان جي ختم ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي. 16 سالن کان حڪومت ۾ رهندڙ پارٽي طرف نهارجي ته حيدرآباد شهر ۾ هن وقت به گندي پاڻي جو نيڪال درياءَ ۾ ٿئي ٿو جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسڻو آهي ته حسين آباد ۽ ڄامشوري جي اورئين ڪپ تي ڏسي سگهي ٿو. ڦليلي واهه ۾ گٽرن جا منهن کليل آهن ان کي روڪڻ وارو ڪير نه آهي. پڃاري هجي يا اڪرم واهه هجي انهن ۾ صاف پاڻي گهٽ ۽ گندو پاڻي وڌيڪ ڇڏيو ويندو آهي ۽ پوءِ مجبور ماڻهو اهو پاڻي استعمال ڪن ٿا ۽ بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. سنڌ حڪومت چواڻي ته صاف پاڻيءَ لاءِ 700 آر او پلانٽ صرف ٿرپارڪر ۾ لڳايا ويا هئا ته جيئن ماڻهن کي صاف پاڻي ملي سگهي، باقي سنڌ ۾ ته هزارين آر او پلانٽ موجود آهن. جيڪڏهن سنڌ حڪومت جو ڪوبه نمائندو انهن آر او پلانٽس مان 10 سيڪڙو آر او پلانٽ وزٽ ڪرائي جيڪي فنڪشنل هجن تڏهن به اسين کين سلام پيش ڪنداسين. بيان بازي ۽ پريس جي اڳيان ميڊيا ٽاڪ ۾ لفاظي ڪرڻ انتهائي آسان ڪم آهي ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ اهي به ماڻهن جي پئسن مان حڪومت کي ڏکيو لڳي ٿو. پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت جيڪو سنڌ جي عوام جو بنيادي حق آهي اهو به نٿو ملي. ان لاءِ حڪومت وٽ ڪهڙو جواب آهي.
اسان جو مطالبو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيل انگن اکرن کي سنڌ حڪومت سنجيدگي سان وٺي ۽ سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هاڃيڪار پاڻيءَ جي جاءِ تي هڪدم صاف پاڻيءَ جي سپلاءِ کي يقيني بڻايو وڃي. جيڪڏهن حڪومت پاڻيءَ جي شفافيت ۽ صفائي کي اوليت ڏئي ان تي ڪم ڪندي ته حڪومت کي صحت جي ميدان ۾ يقينن گهٽ خرچ ڪرڻو پوندو. ڇو ته ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون بيماريون گدلي پاڻيءَ جي ڪري پکڙجن ٿيون. نوان آر او پلانٽ نه صرف لڳڻ گهرجن، پر انهن کي بهتر نموني هلايو به وڃي جيئن عام غريب ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ صاف پاڻي حاصل ڪري سگهي، جنهن سان سندس ڪيترين ئي بيمارين جو سدِ باب ٿي سگهي ٿو.