22 اپريل 2025 تي مقبوضه ڄمون ۽ ڪشمير جي بيسارن ويلي جيڪا پهلگام ڳوٺ کان 7 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، پنجن دهشتگردن حملو ڪري 26 سياحن کي قتل ڪري ڇڏيو، قتل ڪرڻ کان اڳ سندن شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيا، انهن جي مذهبي شناخت ڪئي وئي ۽ چونڊي مردن کي گوليون هڻي ماريو ويو. ان حملي جي پنجن منٽن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا بغير ڪنهن ثبوت جي پاڪستان جي مٿان الزام مڙهڻ شروع ڪري ڇڏيا. ان حملي دوران وزيراعظم نريندر مودي سعودي عرب جي دوري تي ويل هو، ٻئي ڏينهن تي هن سعودي عرب مان واپسيءَ کانپوءِ پنهنجي ڪابينا سان ميٽنگ ڪري پاڪستان سان 65 سال پراڻو سنڌ طاس معاهدو جيڪو ورلڊ بينڪ جي ٽياڪڙيءَ سان ٿيل آهي، ختم ڪري ڇڏيو. اهو هڪ قسم جو ڄڻ ڀارت جي طرف کان اعلان جنگ هو، ڇو ته سنڌ طاس معاهدو ڪابه هڪڙي ڌر پنهنجي طرف کان ختم نٿي ڪري سگهي. پاڪستان جيڪو چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان دهشتگرديءَ جو شڪار آهي اهو هن حادثي کانپوءِ ڀارت جي عوام سان ۽ انهن خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪري چڪو آهي، جن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن.
جڏهن ته ڀارت سرڪار ڇڪتاڻ پيدا ڪري بغير ڪنهن ثبوت جي پاڪستان جي مٿان الزام مڙهي روز پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ اهڙي ڇڪتاڻ پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن سان سڄي دنيا ڳڻتيءَ جو شڪار آهي، ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ جو ميڊيا غير سنجيده ڪردار ادا ڪندو ته ان جو اثر نه صرف ان ملڪ جي عوام جي نفسيات تي بلڪه سڄي دنيا جي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن تي به پوندو. ان سان گڏوگڏ خطي ۾ ڪشيدگي وڌندي اتان جو معاشي نظام درهم برهم ٿيندو. 25 اپريل 2025 تي يونائيٽيڊ نيشن جي سيڪيورٽي ڪائونسل هن دهشتگرد حملي کي سختيءَ سان ننديو ۽ ڀارت کي يونائيٽيڊ نيشن پنهنجي قرارداد ۾ پاڪستان جي خلاف الزام تراشي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ هو پنهنجي قرارداد ۾ پاڪستان تي دهشتگرد جي طور تي الزام نه مڙهي سگهيو. ان اجلاس ۾ چين به پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ انڊيا کي مجبور ٿي عام اصطلاح استعمال ڪرڻا پيا، جيئن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي ۽ زور ڀريو ته ان حملي ۾ شامل مالي مددگارن ۽ سرپرستن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ڀارت انتهائي قدم کڻندي جڏهن سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪيو ته پاڪستان به ڀارت کي ڏنل ايئر اسپيسز واري سهولت واپس وٺي ڇڏي، جنهن جي ڪري هن وقت ڀارت جون اهي اڏامون جيڪي پاڪستان جي هوائي رستن کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن وينديون هيون انهن کي ڏورانهان هوائي رستا استعمال ڪرڻا پيا پون، جنهن جو بار اتان جي ايئر لائينن کي برداشت ڪرڻو پوي پيو. پاڪستان ڪڏهن به ڀارت سان جنگ ڪرڻ ۾ يا سرحد تي ڪنهن به قسم جي دراندازي ڪرڻ ۾ اڳرائي نه ڪئي آهي.
پاڪستان هميشه پنهنجي دفاع جي لاءِ هڪ مضبوط قدم ۽ عمل کڻندي نظر آيو آهي. هن وقت به ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي تمام گهڻي ڇڪتاڻ نظر اچي رهي آهي، ڀارت پنهنجي پاسي کان ماڻهن کي ڏهن ڪلو ميٽرن جي اندر علائقا خالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ وقفي وقفي سان سرحدن تي فوجي ۽ نيم فوجي دستا فائرنگ ڪري رهيا آهن. ڊان نيوز مطابق پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ ڪراچي ۽ لاهور جون مخصوص هوائي حدون هڪ مهيني جي لاءِ جزوي طور تي بند ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي NOTAM جاري ڪيو آهي جنهن مطابق ڪراچي ۽ لاهور جي فلائيٽ انفارميشن ريجن جي مخصوص فضائي حدن کي پهرين مئي کان 31 مئي تائين جزوي طور تي بند ڪيو پيو وڃي ۽ ڪمرشل پروازون متبادل روٽس کان جاري رهنديون. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن جارحيت جو مظاهرو ڪيو ته پاڪستان کيس سخت جواب ڏيندو. هن ايتري حد تائين خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جو تصادم جوهري جنگ کي ڇيڙي سگهي ٿو. بلاول ڀٽو زردري برطانوي نيوز آئوٽ ليٽ اسڪاءِ نيوز کي انٽرويو دوران چيو ته پاڪستان جون هوائي، سامونڊي ۽ آرمي فوجون ڀارت کي ڪنهن به قسم جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
اسان نٿا چاهيون ته ڀارت سان جنگ ٿئي. هن پنهنجي انٽرويو ۾ عالمي برادريءَ کان به اهو مطالبو ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ پهلگام واقعي جي آزاد ۽ شفاف تحقيق کي يقيني بڻايو وڃي. سندس چوڻ مطابق جيڪڏهن ٻه ايٽمي قوتون هڪٻئي سان ڇڪتاڻ واري صورت ۾ جهڙپن جو شڪار ٿين ٿيون ته اها تمام گهڻي ڳڻتيءَ واري ڳالهه ٿي سگهي ٿي. حقيقت اها آهي ته ٻنهي ملڪن جو عوام نه ڇڪتاڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي جنگ چاهي ٿو، پر خبر ناهي ته ڇو ملڪي حڪمران خاص ڪري ڀارت جي مودي سرڪار هر وقت نفرت جا ٻج پوکيندي رهندي آهي. شايد ان جو فائدو کيس پنهنجي اليڪشن ۾ حاصل ڪرڻو آهي، پر اهو نفرت جو اظهار ڊگهي عرصي جي لاءِ ڀارت جي عوام جي لاءِ به فائديمند ناهي ۽ نه ئي وري رياست جي لاءِ. ٻنهي ملڪن کي گڏجي ويهي پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ عوام جي خواهشن مطابق ٻنهي ملڪن کي پنهنجي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪري عوام کي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.