خاصنئون

 45 منٽن جي خراب راند اسان کي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو: ويرات ڪوهلي

نيوزيلينڊ سان سيمي فائنل ۾ شڪست بعد افتتاحي تقريب ۾ گفتگو ڪندي ويرات ڪوهلي چيو ته ميچ جو پهريون هاف تمام سٺو رهيو، اسان نيوزيلينڊ کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪيو. جڏهن ته 45 منٽن جي خراب راند اسان کي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. ويرات چيو ته نيوزيلينڊ جيترو به اسڪور ٺاهيو اهو ڪهڙي به وڪيٽ تي ٿي سگهيو پئي. ميچ جو سڄو ڪريڊيٽ نيوزيلينڊ جي بالرن کي وڃي ٿو. نيوزيلينڊ اسان کان بهتر کيڏيو ۽ فائنل ۾ وڃڻ ان جو حق آهي.