ڊبليو ايڇ او جو سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ ڪورونا جي ٽيسٽ لاءِ سهولتون ڏيڻ تي زور

صحت واري عالمي اداري جي ٽيم ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ قائم ٿيل آئيسوليشن وارڊ جو دورو ڪيو ۽ ان حوالي سان ٿيل انتظامن جو جائزو ورتو. ڊبليو ايڇ او جي ٽيم جناح اسپتال ۾ ٿيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي ۽ ٻين ڊبليو ايڇ او جي ٽيم کي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊبليو ايڇ او جي ٽيم زور ڀريو آهي ته سنڌ جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس جي چڪاس جي حوالي سان سهولتون مهيا ڪيون وڃن
