خاص

سنڌ ۾ وبائي مرضن وارو ايڪٽ لاڳو، عوامي ميڙاڪن تي پابندي

قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلن کانپوءِ سنڌ حڪومت غير معمولي فيصلو ڪيو آهي ته صوبي ۾ وبائي مرضن وارو ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي سمورن عوامي ميڙاڪن تي پابندي لاڳو هوندي. جڏهن ته ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي هڪ مهيني جي سزا ڏني ويندي. سنڌ ۾ وبائي مرض پکڙجڻ تي ايڪٽ لاڳو ڪندڙ پهريون صوبو آهي. سنڌ وبائي مرض ايڪٽ تحت ڊپٽي ڪمشنرن کي غير معمولي اختيار ڏنا ويا آهن ۽ لاڳو ايڪٽ تحت چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس وبائي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. وبائي مرض ايڪٽ جي خلاف قانون جي ڀڃڪڙي ڏوهه هوندو