ايڊيٽوريل

شهرِ اقتدار مان گم ٿيل بلوچ شاگردن لاءِ رياست جو ڪردار ماٽيلي ماءُ وانگر ڇو؟

رياست کي ماءُ وانگر هجڻ گهرجي. هن جملي جو مطلب اهو آهي ته عوام رياست جو اولاد آهي ۽ رياست کي عوام جي ڏک، سور جو نه صرف ادراڪ هجي، پر ان جو سدِباب ڪرڻ پڻ رياست جو فرض آهي. هن وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اسلام آباد ۾ پڙهندڙ بلوچ شاگردن جي گم ٿيڻ جو ڪيس هلي رهيو آهي. انهيءَ ڪيس کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿو ٿئي ته شايد انهن شاگردن لاءِ رياست جو ڪردار ماءُ وارو نه آهي، پر ماٽيلي ماءُ وارو آهي. پوري ملڪ مان عام ماڻهو غير قانوني طور تي کنڀي گم ڪيا ويا آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ تعداد بلوچستان سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو آهي، پر هي ڪيس اُن کان انهيءَ ڪري مختلف آهي جو ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ پڙهندڙ بلوچ شاگرد کنڀي گم ڪيا ويا آهن. هاءِ ڪورٽ جي پوري ڪوشش جي باوجود ان طرفان مقرر ڪيل ڪميشن جي ريڪمنڊيشن جي باوجود انهن شاگردن کي رياست بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي رهي آهي؟ هاءِ ڪورٽ ۾ 22 شنوايون هلي چڪيون آهن. هر شنوائي تي انهن شاگردن جا مائٽ ڪورٽ سڳوريءَ ۾ انصاف لاءِ پهچن ٿا، پر انهن کي هڪ ٻي شنوائي ملي ٿي. جسٽس محسن اختر ڪياني هن شنوائي تي آفيسرن سان گڏ نگران وزيراعظم ۽ نگران وزير داخلا کي ذاتي طور ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو هو. نگران وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر هجڻ جي سبب ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿي سگهيو، جڏهن ته نگران وزير داخلا سرفراز بگٽي ڪورٽ ۾ اهي ڳالهيون دهرايون، جيڪي گذريل 22 شنوائين کان ٿي رهيون آهن. جسٽس محسن اختر ڪياني ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ نگران وزير داخلا کي وارننگ ڏني ته ڇو نه انهن گم ٿيل شاگردن جي ايف آئي آر اوهان جي مٿان ڪٽرائي وڃي؟ افسوس ۽ ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته نگران وزيراعظم ۽ نگران وزير داخلا ٻنهي جو تعلق بلوچستان سان آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته اهي ٻئي ذاتي ڪوششون وٺي انهن شاگردن کي واپس موٽرائن. جيڪڏهن بي خبر آهن ته به ڏوهاري آهن ۽ جي خبروار هوندي انهي ڪري واپس نٿا ڪرائي سگهن ته بيوس آهن ته اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪري پنهنجي بيوسي ڪورٽ جي آڏو بيان ڪن. اسين سمجهون ٿا ته گم ٿيل شاگردن جا مائٽ ڪيتري ذهني تڪليف مان گذري رهيا هوندا. انهن ڪهڙا خواب ڏسي غربت جي باوجود ڏورانهن علائقن کان پنهنجن ٻچن کي انهيءَ آس تي شهر اقتدار جي تعليمي ادارن ۾ موڪليو ته اتي وڃي بهتر تعليم پرائي پنهنجي لاءِ، مائٽن جي لاءِ ۽ ملڪ جي لاءِ ڪارآمد ٿي سگهن. انهن مائٽن پنهنجن ٻارن کي کنڀي گم ڪرڻ جي لاءِ ته نه موڪليو آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته انهن شاگردن کي ترجيحي بنيادن تي تعليمي سهولتون ڏنيون وڃن، پڙهائي دوران انهن کي وظيفا ڏنا وڃن ته جيئن اهي ملڪ جي سسٽم ۾ پنهنجو بهتر حصو شامل ڪري سگهن، پر انهن ايجنسين کي ڇا چئجي جيڪي هنن شاگردن کي جن جي عمر 18 کان 22 سال آهي، ملڪ دشمني جا الزام هڻي گم ڪيو. پوءِ جڏهن ميڊيا جو ۽ ڪورٽ جو دٻاءُ پوي ٿو ته ڪجهه شاگردن کي ڪنهن ٿاڻي تي جڙتو ڪيس ۾ ظاهر ڪن ٿا. ڇا ان سان ملڪ جي ڀلائي ٿيندي؟ بلوچستان جي ماڻهن جي دلجوئي ٿيندي يا دل آزاري ٿيندي؟ هن وقت جڏهن ملڪ جي پاليسي قدرِ بهتر رستي تي وڃڻ شروع ٿي آهي ته اربابِ اختيار کي ان طرف به پورو ڌيان ڏيڻو پوندو ته ملڪ جي ڪنهن به حصي مان جبري گمشدگي نه ٿيڻ گهرجي. خاص طور تي ڪنهن به شاگرد جي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو سنگين ڏوهه جو الزام به آهي، ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ پوءِ آئين ۽ قانون ۾ مقرر ٿيل سزا ڏئي کيس جيل موڪليو وڃي. جبري گمشدگي جي ڪري ملڪ ۾ نفرت وڌي رهي آهي. ان کي روڪڻو پوندو. انهيءَ کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻو پوندو. جيڪي جبري گمشده ماڻهو يا شاگرد آهن. انهن کي في الفور ظاهر ڪرڻو پوندو. ان سان انهن جي مائٽن جي زخمن جو علاج ممڪن ٿي سگهندو. اسان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته ڪورٽ سڳوري جنهن نموني سان انهيءَ ڪيس کي هلائي رهي آهي ته ڪيس کي منتقي انجام تائين پڄائيندي ۽ گمشده شاگردن کي بازياب ڪري مائٽن جي دل آرامي ڪندي.