ايڊيٽوريل

سنڌ بدامني جي ورچڙهيل پوليس مجبور بڻيل

پوليس جو ڪم عوام جي حفاظت ڪرڻ آهي، جنهن تي حڪومت هر سال سوين ارب رپيا خرچ ڪري ٿي. سندن پگهارن تي، سندن هٿيارن تي، انهن کي مليل موبائل گاڏين تي، ڊيزل جي مد ۾، مطلب هر قسم جون سهولتون پوليس کي مهيا آهن ۽ انهن جي مدد لاءِ گذريل 33 سالن کان رينجرز به سنڌ صوبي ۾ موجود آهي. جنهن جو اضافي خرچ پڻ سنڌ جي ماڻهن جي ٽيڪسن مان ادا ڪيو وڃي ٿو. هاڻي ته ايف سي به اسان وٽ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ پهچي چڪي آهي، پر صوبي جي صورتحال بجاءِ بهتر ٿيڻ جي روز به روز بد کان بدتر ٿيندي وڃي ٿي. شهر هجن يا ٻهراڙيون، پڪو هجي يا ڪچو. شريف ۽ غريب عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ پوليس ناڪام وئي آهي. لڳي ائين ٿو ته انهن سڀني ادارن جي وچ ۾ اهو طئي ٿي چڪو آهي ته بدامني کي ختم ناهي ڪرڻو ۽ انهن حالتن مان سڀني کي گڏجي فائدو حاصل ڪرڻو آهي.
البته اهو ضرور آهي ته ڪامورا هجن، جج هجن، سياستدان هجن، انهن جي گاڏين سان گڏ پوليس جون ٻه ٻه موبائلون گهمنديون آهن ته جيئن انهن کي تحفظ ڏئي سگهجي. انهن جي بنگلن تي گارڊ پڻ پوليس کاتي طرفان مقرر ٿيل هوندا آهن، جن جون پگهارون به عوام جي ٽيڪس مان ڏنيون وينديون آهن، پر اهي حفاظت اشرافيه جي، سياستدانن جي، ججن جي ۽ ڪامورن جي ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو صوبي ۾ امن امان نظر نه ٿو اچي. بدامني چوٽ تي چڙهيل آهي. سنڌ جا سڀ شهر جنگل جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ته پوءِ تصور ڪريو ته ڪچو جيڪو آهي ئي جنگل اتي جي ماڻهن جي حالت ڇا هوندي؟ اتان جو ماڻهو پنهنجي جياپي جي لاءِ ڌاڙيل کي، لُچ لوفر کي ۽ تر جي وڏيري کي ڀتو ڏئي ٿو، جنهن جي ڪري کيس ساهه کڻڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. آئي.جي پوليس سنڌ هڪ هفتو پهرين فرمايو هو ته ڪراچي ۾ 44 هزار پوليس جا اهلڪار مقرر آهن، پر انهن منجهان ٿاڻن تي صرف چوٿون حصو ڊيوٽي ڪن ٿا، باقي 3 حصا اهلڪار سياستدانن، ڪامورن، ججن ۽ وڏن ماڻهن جي حفاظت تي مقرر ٿيل آهن، جڏهن ڏسون ٿا ته سنڌ جا اهي ضلعا جيڪي ڪچي جي ڀر ۾ آهن، جيئن گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، خيرپور، لاڙڪاڻو انهن ضلعن ۾ هن وقت ڌاڙيلن جو عمل دخل تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ جڏهن ايس ايس پي انور کيتران آئي.جي پوليس سنڌ کي خط لکي پنهنجي مجبوري جو اظهار ڪري ٿو ته اسان کي ڌاڙيل ڌمڪائي رهيا آهن. گڏيل آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي، هٿيار اسان وٽ مناسب نه آهن، اسان کان وڌيڪ بهتر هٿيار ڌاڙيلن وٽ آهن. انهيءَ صورتحال ۾ هڪ غريب، شريف، ڪمزور ماڻهو پنهنجو جياپو ڪيئن ڪري، گڏيل آپريشن مان مراد ايس پي صاحب جي آهي ته رينجرز، فوج، پوليس گڏجي آپريشن ڪري. هاڻي رينجرز ته اسان وٽ موجود آهي، هٿيار به پوليس وٽ جام آهن، پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن جي ڪري چند سئو ڌاڙيلن کي صوبائي حڪومت قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي. جواب اهو ٿو ملي ته انهن ڌاڙيلن جون پناهگاهون حڪومت ۾ ويٺل وزيرن، مشيرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن وٽ آهن. جڏهن به پوليس ڪچي ۾ آپريشن ڪندي آهي ته اهي ڌاڙيل ذڪرڪيل ماڻهن جي بنگلن تي پهچي ويندا آهن ۽ پوءِ جيستائين آپريشن هلندو رهندو آهي. اهي آرام سان ويٺا بنگلن تي عياشيون ڪندا آهن ۽ انهن بنگلن تي پوليس کي طاقت نه ٿيندي آهي جو ڇاپو هڻي، ڇو ته اهي سڀئي بنگلا حڪومتي ماڻهن جا هوندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن پوليس ڪو ڌاڙيل ماريندي آهي جنهن جو ڪريڊٽ پوليس کڻندي آهي، پر اصل ۾ ائين هوندو آهي ته انهيءَ ڌاڙيل سان سندس ئي علائقي جو طاقت وارو ماڻهو ناراض ٿي پوندو آهي ۽ کيس مارائي پوليس جي حوالي ڪندو آهي. ڌاڙيل به مري ويندو آهي ۽ پوليس جي به ڪارڪردگي نظر ايندي آهي. اصل ۾ اهو جڙتو مقابلو هوندو آهي. عوام حڪومت مان مايوس ٿي چڪو آهي. ٻهراڙين مان ته لڏپلاڻ ڪري ٿو، پر شهري عوام ڪيڏانهن وڃي؟ 16 سالن کان هلندڙ ساڳي حڪومت کي شرم حياءَ ڪرڻ کپي، غريب ماڻهن کي، جيڪو روزگار ۾، مزدوري ۾، قابو آهي انهيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ امن امان ته حڪومت ڏئي ته جيئن هو رات جو سُک سان آرام ڪري سگهي.