اصل ڳالھ اها آهي ته شين ۾ مرڪزيت ناهي يا سياسي مسئلن ۽ انهن جي حل جي سينٽر پوانٽ ناهي، ان ڪري ته هڪڙا سياستدان ماڻهن کي ڏٽا ڏئي وٺي ٿا اسلام آباد ڀڄن ۽ ٻيا موسمي سياستدان وري ساڳيا ئي ڪرائي تي آندل ماڻهو ميڙي وٺي ٿا صوبائي حڪومت جي خلاف واويلا ڪري شهرن جا رخ ڪن. حالانڪه اهي سمجهن ٿا اهي موسمي سياستدان پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا حالَ ناهن سڌاري سگهيا ته اهي ٻين جو ڇا سڌاريندا؟ ساڳي ڳالھ اها به آهي ته ماڻهو جڏهن اهو ٻڌن ٿا ته اهي وفاقي حڪومت وارا سياستدان ڪيترائي دفعا چئي چڪا آهن ته سنڌ صوبو انهن جو ناهي يا اهي اين ايف سي ايوارڊ نه ڏيندا، صحت ڪارڊ نه آڇيندا، لائف انشورنس اسان جي صوبي کي نه ڏيندا، گرين ۽ اورينج بس پروجيڪٽ به اسان جي ماڻهن جو نصيب ناهن ۽ بلوچستان جي حصي ۾ ترقي ناهي ته پوءِ به اهي ماڻهو وري اهي ئي رونشي ڪوڏيا بڻجي، رڳو دهل جو ڏونڪو ٻڌي اتي نچڻ شروع ڪندا آهن، معنيٰ انهن کي مفادن جي خبر نٿي پئي، اهي رڳو ڊرائنگ روم سياست ڪري ڄاڻن. ساڳي ويڌن بلوچستان جي ماڻهن جي به آهي ته جڏهن سياست جون يا اڳواڻيءَ جو واڳون ۽ لغام آهن ئي وڏيرن، چوڌرين، ميرن، سردارن، رئيسن، اميرن ۽ سيٺين جي هٿ ۾ ته پوءِ ملڪ کي جيڏانهن وٺي وڃن ته وٺي وڃي سگهن ٿا، وري اسان جا لوڪل اڳواڻ افلاطون ۽ سياسي فلاسافر به جڏهن آمريڪا جي صدرن جا بوٽ چٽي موٽي ايندا هئا، تڏهن آمريڪا صحيح هوندي هئي ۽ هاڻي جڏهن روس جي ايجنسين، چائنا جي پاليسين يا خطي جي ڊپلوميسي اک پٽي آهي ته اهي سمورا آمريڪي هنن جا هاڻي ناهن ۽ هاڻي جيئن روس چئي تيئن ڪندا (ڏاڍي ڀلي ڳالھ آهي جي ائين ئي ڪن ۽ ڪندا رهن) ڇو ته روس جي پاليسي، چين جي پاس خاطري يا آمريڪي چمچاگيريءَ ۾ واضح فرق آهي، پر شرط اهو به آهي ته ايندڙ ويندڙ حڪمران ۽ سياستدان ان ڳالھين ۽ رمزن کي سمجهن ۽ سمجهائي به سگهن.