پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ملازمه ٻارڙي تشدد ڪيس ۾ سول جج جي زال گرفتار

اسلام آباد عدالت معصوم ملازمه ٻارڙي رضوانا مٿان تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ سول جج جي زال سوميه عاصم کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جي حڪم کانپوءِ سول جج جي گهرواري کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج فرخ فريد سوميه عاصم جي ضمانت خارج ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڊيوٽي ايڊيشنل سيشن جج فرخ فريد بلوچ سول جج جي گهرواري سوميه عاصم جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي هلائي. جوابدار عورت سوميه ۽ متاثر نينگري رضوانا جا والدين عدالت ۾ پيش ٿيا، سوميه جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سوميه جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجي بي گناهي جو اظهار ڪيو آهي. جي آءِ ٽي اڄ ٻارڙي جي ماءُ کي بيان لاءِ گهرايو آهي، جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪيو وڃي، عدالت سوميه جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.