نئون

ڊيوڊ ملر جي تيز ترين سينچري

سائوٿ آفريڪا جي بيٽسمين ڊيوڊ ملر پاران بنگلاديش خلاف ٻئين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي تيز ترين سينچري ٺاهي ڇڏي. پوشف اسٽروف ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي ٻئين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ ڊيوڊ ملر بيٽنگ لاءِ آيو ته سائوٿ آفريڪا 9.5 اوورن ۾ ٽئين وڪيٽ جي نقصان تي 78 رنسون ٺاهي چڪو هو. ملر اننگز جو آغاز ته سستي سان ڪيو ۽ 10 بالن تي 12 رنسون ٺاهيون پر بعد ۾ هن بنگلاديشي بالرن کي پريشان ڪري ڇڏيو.