بلاگنئون

لُڙڪ نه لکڻ ڏئين، ڪِريو پُون قلم تي

لطيف سائين اسان جا زندگي جي ھر موڙ تي مددگار، رھنما، رھبر ۽ صلاحڪار آھن. سنڌ جي ماروئڙن جي ڏکن جا شريڪ، سکن جا ساٿي آھن. ھڪ ڳالھ آھي ته لطيف سائين جي ڏنل درس جي مان اسان ڪھڙو سبق حاصل ڪيو آھي؟. سنڌ جي ماڻھن سان گڏ دنيا جي ماھرن عالمن لطيف سائين جي سوانح، رسالي، راڳ ۽ طريقت تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي. پر اڃان به لطيف سائين جي اصلي فڪر تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پڻ موجود آھي.
اول اللہ عليم، اعلى، عالم جو ڌڻي
قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آھ قديم
والي واحد وحدہ، رازق رب رحيم
سو ساراہ سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جھان جون
سڀ کان پھرين مير علي شير قانع لطيف سائين جي سوانح پنھنجي ڪتاب تحفت الڪرام (فارسي 1767) ۾ لکي. ان کان پوءِ ڪتاب (مرغوب الاحباب) 1845ع ۾ نظر علي بلوچ شاھ سائين جو ذڪر ڪيو، ھي ڪتاب قلمي نسخي جي صورت ۾ لنواري شريف وارن جي ڪتاب گھر ۾ موجود آھي. رچرڊ برٽن پنھنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رھندڙ قومون“ ۾ شاھ صاحب جو ذڪر ڪيو. سر بارٽل فريئر شاھ سائين جي سوانح عمري انگريزي ۾ 1856ع ۾ لکي جيڪا شايع نه ٿي سگھي. ڊبليو سائودي شاھ جي سوانح لنڊن مان 1870ع شايع ڪرائي. شاھ سائين تي ڪتاب لطائف لطيفي 1877ع فارسي ۾ مير عبدالحسين سانگي لکيو. 1882ع ۾ ديوان گودو مل انگريزي ۾ ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ شايع ڪيو، جنھن ۾ شاھ سائين بابت لکيو. 1890ع ۾ ديوان ليلارام وطن مل انگريزي ۾ ”شاھ لطيف جي حياتي، مذھب ۽ شعر“ نالي ڪتاب شايع ڪيو. ڏاھن عالمن شاھ عبداللطيف جي فڪر کي تمام گھڻي اھميت ڏني جنھن سبب شاھ صاحب تي لکت وارو پورھيو جاري آھي. انھي سلسلي ۾ ڪجھ اھم ڪتاب ھئا جن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي جنھن کي ڄاڻڻ ضروري ھو. ڪجھ ٻيا ڪتاب جن کي ھن سلسلي ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو. انھن اھم ڪتابن مان ڪجھ ڪتاب ھن ريت آھن. شاھ جون سورميون، شاھ جون آکاڻيون، شاھاڻو شاھ، احوال شاھ عبداللطيف، لطيفي سير، مقدمه لطيفي، لطيف جا لاڙ تان ڀيرا، لطيف جا ٿر تان ڀيرا، شاھ عبداللطيف ۽ ديوان صورت جا جيون چرتر، لطف لطيف، پيغام لطيف، ڪارڻي، شاھ جو انڀوء، ڪيڏارو جامع ۽ محقق، شاھ لطيف جي شاعري، ڪنزاللطيف، پنج گنج، سنڌ جي موسيقي جي مختصر تاريخ، شاھ عبداللطيف تي ببليوگرافي ٽن چئن ليکڪن مختلف دورن ۾ لکي آھي. انسائيڪوپيڊيا شاھ عبداللطيف ڀٽائي، جو سلسلو، شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران جاري آھي. ٻيا ڪتاب به ھن اداري ڇپيا آھن. ڪتاب شاھ لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو، فڪر لطيف، عرفان لطيف، ڪنڌي ڪنوئر ٽڙن، شاھ جي ٻولي، شاھ سچل سامي، جي تو بيت ڀانئيا، وساريان نه وسرن، سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف، شاھ لطيف جي شاعري ۽ منظرنگاري، مون مطالع سپرين، لات جا لطيف جي، سنڌ جو شاھ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر، اديون آءُ اڄاڻ ۽ ڇپر ڪين ڏي، ھي اُھي ڪتاب آھن جن کي ھتي شامل ڪيو ويو، پر ھي ڪتاب لطيفيات بابت ڇپيل ڪتابن جي تعداد ۾ تمام ٿورڙو تعداد آھي. رسالا شاھ جا قلمي نسخا بہ اڻڳڻيا آھن، پر جن شاھ جي رسالي کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آھي، انھن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو. شاھ جو رسالو، انگريزي زبان ۾ ايلسا قاضي، جي الانا، محمود يعقوب آغا، عبدالغفور الستي، ڊاڪٽر درشھوار، انجوماکيجا، سراج ميمڻ، آغا سليم، منور ارباب، ٻين اديبن انگريزي ۾ شاھ جو رسالو ترجمو ڪيو. شاھ سائين جي رسالي کي اردو ۾ ترجمو شيخ اياز ۽ آغا سليم ڪيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو عربي زبان ۾ ترجمو ڊاڪٽر محمد رحيم سومرو ۽ غلام مصطفى دادوي ڪيو. فارسي زبان ۾ مولوي ھدايت ھالائي ۽ نياز ھمايوني شاھ سائين جو رسالو ترجمو ڪيو. شاھ سائين جو رسالو پنجابي زبان ۾ ڪرتار سنگھ ۽ شڪيل احمد طاھري ڪيو. براھوي زبان ۾ جوھر بروھي شاھ سائين جو رسالو ترجمو ڪيو. سرائيڪي ٻولي ۽ ڍاٽڪي ٻولي ۾ شاھ سائين رسالو ترجمو ڪيو آھي. ڊاڪٽر بلوچ لطيف سائين جي رسالي جا ڏھ جلد ڇپرايا آھن. شاھ سائين سڀني ليکڪن جا نالا ۽ سال لکڻ ممڪن ناھي مگر ڪجھ اھم لکيا آھن، جنھن مان پتو پوي ٿو ته لطيف سائين جي ڪم ۾ علمي شعور رکندڙ ماڻھو ڪيتري دلچسپي رکن ٿا.
جوڙي جوڙ جھان جي، جڏھن جوڙيائين
خاوند خاص خلقي، محمد مڪائين
ڪلمون تنھن ڪريم تي، چٽو چايائين
انا مولاڪ وانت محبوبي، ائين اُتائين
ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرايون سيد چئي.
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي مرتب ڪندڙ ۽ اھم مختصر رسالن جو تفصيل ڏجي ٿو. آخوند فضل اللہ، آخوند محمد شفيع، انڊيا آفيس لنڊن وارو نسخو، محمد صالح بھراڻي، برٽش ميوزم وارو نسخو، ميين احمد ۽ محمد وارا ٻه نسخا، پيرل ٿيٻو، سيد غلام شاھ وارو نسخو، مير امام بخش وارو شاھ جو لکايل نسخو، مير علي احمد، مييون عبدالڪريم طيب جا ٻه نسخا، ميين موسى ٺٽوي، گنج شريف، اسماعيل فقير کاھوڙي وارو، تاج محمد نظاماڻي چوڏھن قلمي نسخا لکيا، عبداللہ فقير ٿھيم، مائي نعمت وارو نسخو، اميدعلي نظاماڻي وارو نسخو، فقير عبدالرحمان نظاماڻي ماتلي وارو نسخو، تاج محمد نظاماڻي وارو نسخو ياد رھي شاھ سائين رسالي کي مرتب ڪندڙ تاج محمد نظاماڻي ٻه ٿي گذريا آھن. ھي ڳوٺ باقر نظاماڻي ٻيو ڪرم خان نظاماڻي وارو، ڪڇ وارو شاھ جي رسالي جو نسخو، جمعو فقير وارو نسخو ۽ فقير علي ڏنو نظاماڻي، ميھار فقير، پنھل فقير، ولي محمد شاھ، علي احمد ٽالپر، قديم نسخا جن جو تعداد چار آھي ۽ عبدالجميد وارو نسخو، ھي ڪجھ اھم ۽ مختصر شاھ جي رسالي جا قلمي نسخا جيڪي ھتي شامل ڪجن ٿا، ٻيا به لاتعداد قلمي شاھ سائين جي رسالي جا نسخا آھن.
ڪاتب جيئن لکن، سو تون متان ويڻ ورائين
جھڙي تھڙي ڳالھڙي، جوڙي جَمع ڪن
فڪر لطيف سائين تي، ھاڻي ڪم ڪرڻ جي تمام گھڻي ضرورت آھي. انھي ڳالھ جو انڪار ڪونھي ڪو ته ڪم نه ٿيو آھي. ماضي ۽ حال ۾ لاتعداد تجربا ڪيا ويا آھن پر انھن جو ڪو خاص نتيجو نه نڪتو آھي. لطيف سائين جي ڪم فڪر تي ڇٽيھ (PHD) جا مقالا لکيل آھن. جن جي لاءِ علم جي ڊاڪٽرن وڏي جدوجھد ڪئي، اکين جو نور نوچيو پر ڪٿي به ڪنھن يونيورسٽي ۾ لطيفيات جو شعبو ناھي کليل. ريسرچ سينٽر ڀٽ شاھ مان به ڪتاب ڇاپيا ويندا آھن. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ڪراچي مان ڪافي ڪتاب ڇاپيا ويا آھن، سنڌي جي شعبن مان ايم فل جون ڊگريون شاھ عبداللطيف تي به ڪافي ٿيل آھن. شاھ سائين تي ويب سائيڊون پڻ ٺاھيون ويون. جن ۾ www.shahabdullatifbhittai.com پڻ ھڪ آھي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ٿيل پي ايڇ ڊيز جا مقالا (ڇپيل اڻ ڇپيل) سن 2024-1938) شاھ لطيف تي هن وقت تائين 36 پي ايڇ ڊيز ٿي چڪيون آهن. جيڪي دنيا جي پنجن ملڪن انگلينڊ، پاڪستان، انڊيا، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين مان ٿيون آهن. جن مان ڪافي ڇپيون آهن ۽ ڪجھ اڻ ڇپيل آهن. پهرين پي ايڇ ڊي ٿيسز لطيف سائينءَ جي وفات (1752ع) کان 188 سال پوءِ سن 1938 ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن ۾ ٿي. وڌيڪ ٻين پي ايڇ ڊيز ٿيسز بابت هيٺ لکي رهيا آهيون.
1 Shah Abdul latif of Bhit- Dr H. T. Sorley – 1938 – (published in 1940) Oxford University London
2 Shah Abdul latif, his life and work – Dr Motilal Jotwani – 1973 (published in 1975) University of Delhi India
3 Shah Abdul Latif and his time – Dr. Santdas Jhangiani – 1976 (published in 1986) University of Delhi India
4 The Poetry of Shah Abdul latif – Dr Durrr-e-Shahwar Syed – 1984 – (Published in 1988) University of Edinburgh (UK) – first PhD on latifyat in Pakistan
5 سنڌي ثقافت ۽ شاھ عبداللطيف، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر 1988 (ڇپجڻ جو سال 1991) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهرين لطيفي پي ايڇ ڊي ٿي.
6 حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري-ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو 1988 (ڇپجڻ جو سال 1992) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
7 شاھ جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي عورت جو مطالعو – ڊاڪٽر حسن بانو سومرو 1988 (اڻ ڇپيل) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
8 شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ – ڊاڪٽر فهميده حسين 1992 (ڇپجڻ جو سال 1993) ڪراچي يونيورسٽي.
9 شاھ جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو – ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي 1992 (اڻ ڇپيل) – سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
10 شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس دور – ڊاڪٽر غلام حيدر چنا – 1995 (اڻ ڇپيل) ڪراچي يونيورسٽي
11. Shah abdul latif and his sufistic thoughts with special reference to Rumi – Dr Abdul Ghaffar Soomro – 1998 (un published) University of Sindh Jamshoro
12 شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھ نگاري جو تحقيقي جائزو – ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ – 2001 (ڇپجڻ جو سال 2004) – سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
13 شاھ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو – ڊاڪٽر غلام مصطفي کهڙو 2004 (ڇپجڻ جو سال 2013) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
14 شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ جون مذهبي ۽ علمي حالتون – ڊاڪٽر انيس فاطمه سومرو 2006 (ڇپجڻ جو سال 2006) ڪراچي يونيورسٽي.
15 شاھ لطيف جي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو- ڊاڪٽر فهميده شاھ 2007ع (اڻ ڇپيل) ڪراچي يونيورسٽي.
16 شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ جاکوڙ جي اهميت – ڊاڪٽر شھناز سومرو – 2008 (اڻ ڇپيل) – ڪراچي يونيورسٽي.
17 شاھ لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار – ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي 2009ع (ڇپجڻ جو سال 2011) ڪراچي يونيورسٽي.
18 شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور م تصوف جا سلسلا – ڊاڪٽر عابد مظهر – 2009 (ڇپجڻ جو سال 2012) ڪراچي يونيورسٽي.
19 شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر – ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي – 2009 (ڇپجڻ جو سال 2010) – شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
20 شاھ جي شاعري ۾ لوڪ ادب – ڊاڪٽر رخمان گل پالاري 2011 (اڻ ڇپيل) – ڪراچي يونيورسٽي.
21 شاھ لطيف رح جي شاعريءَ ۾ جماليات – ڊاڪٽر شير مهراڻي – 2013 (ڇپجڻ جو سال 2013) – ڪراچي يونيورسٽي.
22 شاھ لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج – ڊاڪٽر احسان دانش – 2015 (ڇپجڻ جو سال 2016) – سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
23 شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس – ڊاڪٽر شازيہ سفير – 2015 (ڇپجڻ جو سال 2017) – ڪراچي يونيورسٽي.
24 شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ آيل شخصيتون ۽ ڪردار – ڊاڪٽر عبدالستار بلوچ – 2015 (اڻ ڇپيل) – ڪراچي يونيورسٽي.
25. Vaaee of Shah Abdul Latif Bhittai, origin evolution and role of mass media – Dr Zulfiqar Ali Qureshi – 2016 (published in 2018) – University of Sindh Jamshoro
26 موسيقي ۽ شاھ لطيف – ڊاڪٽر چندر پرمانند ٺاڪر 2016ع (اڻ ڇپيل) – بمبئي يونيورسٽي انڊيا.
27 شاھ لطيف جي مزاحمتي شاعري جو تحقيقي جائزو – ڊاڪٽر مارو خشڪ 2017ع (اڻ ڇپيل) – سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
28 شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نظريه حيات – ڊاڪٽر نور محمد شاھ – 2018 (اڻ ڇپيل) – سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
29 شاھ عبداللطيف جي ڪلام جو سماجي تحقيقي اڀياس – ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي – 2018 (ڇپجڻ جو سال 2021) – سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
30. An analysis of social values and traditions of sindhi society as highlighted in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhittai – Dr Ali Murad Lajwani – 2019 – (un published) – University of Sindh Jamshoro
31. Governing sufi sound, empowering the subaltern singer, Raagi faqeers on the edge of Modernity in contemporary sindh pakistan – Dr Shumaila Hemani – 2019 (un published) – University of Alberta Canada
32. Sufism in Sindh and Punjab Poetry of Shah Abdul latif bhittai and bulleh Shah – Dr Neelam Mittal – 2019 (un published) – university of Delhi India
33 شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري م سجاڳي ۽ جدوجهد جو فلسفو – ڊاڪٽر رقيه عامر – 2019 (اڻ ڇپيل) – شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
34. Musical performance of Shah latif’s Poetry in kutchh Gujrat – Dr Brian E. Bond – 2020 (Un published) – City University of New York USA
35. Ways of love: Self-making and Repertoire Formation through the Musical Legacy of Shah Abdul Latif in Sindh Pakistan – Huang, Pei-ling, 2021, Harvard USA
36 شاھ جي رسالي ۾ سسئيء جي ڪردار جو تحقيقي جائزو – ڊاڪٽر شفيق احمد شاهاڻي – 2021 (اڻ ڇپيل) – سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
تحقيق جي ڀَري، تون مٿي رِي کڻيج
ٻانُھون ٻئي، لاھي ڏئي، ڪُشتي ڪمائيج
جا حاج ھٿن رِي نه ٿئي، سا ٺونٺو ٿي ڪريج
ٽنگيان ٽاري، سنڌيان ساري، ڄنگھن ري ڄُليج
اَنڌو ٿي پسيج، مشاھدو محبوب جو.
شاھ سائين تي ڪيل ايم فل مختلف يونيورسٽين مان مختصر ھي آھن:
1 شاھ جا سرموڙ، ڊاڪٽر منوھر بختراءِ مٽلاڻي، بمبئي يونيورسٽي انڊيا مان 1989ع ۾ ايم فل ڪئي.
2 شاھ ۽ سچل جو تقابلي اڀياس، ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي، بمبئي يونيورسٽي انڊيا 2003ع ۾ ايم فل ڪئي.
3 شاھ عبداللطيف جي ڇپيل رسالن جو تنقيدي جائزو، مسز خورشيد ڪراچي يونيورسٽي 1994ع ۾ ايم فل ڪئي.
4 Bhitai’s shah jo riaslo as a source of reconstructing the history of Sindh,Dr Bashir ahmed Jatoi. Islamabad university .
5 شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سسئي جي سُرن جو فڪري مطالعو، ڊاڪٽر امداد علي مجيداڻو، شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور مان ايم فل جي ڊگري 2018ع ۾ ڪئي.
6 شاھ جي رسالي ۾ سر سارنگ جي منظرنگار،ڊاڪٽر فھد حسين مانڊڻ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور مان 2021ع ۾ مڪمل ڪئي.
7 شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ خوش مزاجي وارا رويا ھڪ اڀياس، ڊاڪٽر منظور خلجي ايم فل جو مقالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي خيرپور يونيورسٽي مان 2022ع لکي مڪمل ڪيو.
8 شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر مير محمد تنيو، شاھ عبداللطيف ڀٽائي مان ايم فل جي ڊگري 2022ع ۾ لکي مڪمل ڪئي.
9 شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ سر مارئي فڪر اڀياس، ڊاڪٽر فھميدہ لغاري، شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. ھي ڪجھ ايم فل جا مقالا جن جا نالا ڏنا آھن.
ذاتي ڪوششن سان سنڌ جي ساڃاھ وندن لطيف سائين جي ڪم تي ڇپيل رسالا ۽ ڪتاب گڏ ڪري، ڪتاب گھر به ٺاھيا آھن. ڪجھ ماھر ڏاھن لطيف سائين جي بيتن کي پينٽ ڪيو، انھي جا ڪتاب پڻ ڇپيا ويا، پر ھاڻي ڪا اِھا وڏي ناھي رھي، ھي دور(AI ) جو دور آھي جتي شاھ سائين جو بيت لکڻ مھل چند گھڙين ۾ تصور ٺھي ملي ٿي، پر وڊيو به ٺاھي ڏئي ٿي. ڪجھ دوست شاھ عبداللطيف ڀٽائي فڪر تي (ڀٽائي پيڊيا) تي پڻ ڪم ڪري رھيا آھن، جتي ھاڻي تازو ڀٽائي AI جو پڻ افتتاح ڪيو ويو آھي. شاھ سائين جي رسالي جا ڪيترائي ترجما پڻ ٿيا پر ھاڻي انھي ڳالھ جوبہ فڪر ڪونھي گوگل۽ AI اھو سُٽ به سُلجھائي ڇڏيو آھي. ڪمپيوٽر جي ذھانت جي عروج وارو دور آھي يا اڃان به انساني دماغ اڳتي جي ڪوششون ڪري رھيو آھي. ھاڻي لطيفيات جو شعبو ڪنھن نه ڪنھن يونيورسٽي ۾ پڙھايو وڃي، کوڙ ڪچھريون اوطاقن، اوتارن تي، سمينارن ۾ ڪانفرنسن ۾ ٿي ويون. سگھڙن لوڪ ادب جي ڪچھرين ۾ لطيفي لات ڳائي محفلون سجايون آھن جيڪي جاري به رھنديون پر لطيف فڪر کان عالمي سطع تي آڻڻ جي ضرورت آھي. ھاڻي اسان کي شاھ سائين جي بيتن مٿان لفظي يا لساني بحثن کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ھاڻي عملي ڪم ڪرڻ لاءِ گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ضروري ٿي پيو آھي. ٽي سئو سال ھر ڪنھن مڪتب فڪر واري پنھنجا لطيفيات تي پنھنجا رايا پيش ڪيا آھن، وريو ڇا آھي نتيجو ته ڪو به ناھي ساڳي جاءِ تي موجود آھيون. اقباليات کي بھاولپور يونيورسٽي ۾ پڙھائي سگھجي ٿو ته لطيفيات جي لاءِ ڪنھن به سنڌ جي يا پاڪستان جي يونيورسٽي ھڪ شعبي جاءِ ناھي، ڪيترا سال ساڳين موضوع ورجائينداسين. اسان کي يا وري ڪنھن جرمن اسڪالر ٽرمپ جھڙي جي ضرورت آھي ڇا؟. لطيف سائين جي فڪر اسان جي نسلن تائين پھچائڻ جو واحد ذريعو ان کي ادارتي طور تسليم ڪري سنڌ جي ڪنھن يونيورسٽي شعبو ۾ پڙھايو وڃي. جيڪو ممڪن آھي، نصاب نه ٺاھڻ اچي ته اوھان کي ڪمپيوٽر پنھنجي ذھانت سان اوھان کي ٺاھي ڏيندو، انھي ڳالھ جي ضرورت نه پوندي لطيف سائين جا عاشق ۽ ماھر اديب سنڌي ۾ موجود آھن جن کان اھو ڪم ڪرائي، دنيا وانگر اسان کي پنھنجي عالمي مفڪر جا اھم ڳڻ پڙھائي سگھون ٿا.
ڪوھ ٿو ڪُوريين، ويٺو وڃائين مس
ڏور تيائين ڏس، اکر جيان آئيو.
لطيفيات جي شعبي پڙھائڻ لاءِ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور، ڪراچي يونيورسٽي، ماڊرن لينگئيج يونيورسٽي اسلام آباد، علامه اقبال يونيورسٽي، شھيد بينظير يونيورسٽي، صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ موجود آھن. سڀني لطيف سائين سان محبت ڪندڙن ھڪ ٿيڻو پوندو. نه ته ھرڪو يوٽيوب جي وڊيو ٺاھي لطيف سائين جو پارکو سڏائڻ ۾ دير نه ڪندو، اصلي فڪر کان اسان جو نسل پري ٿي ويندو. حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح مڪمل ڪري، شاھ جو ھڪ رسالو کي مڪمل ڪري شاھ جي اصلي فڪر کي عام ڪرڻ گھرجي. اِھو ڪم اھڙو ڏکيو به ناھي، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، ڪلچر ڊپارٽمينٽ، سنڌي ادبي بورڊ، شاھ عبداللطيف چيئر، شاھ عبداللطيف ريسرچ سنٽر يا ڪو ٻيو لاڳاپيل ادارو اھو ڪم ڪري سگھي ٿو.
اللہ اوٺي آڻين، جي نيــــــاپا نين
آئون اوھان جي آھيان، توڻي مون نه مڃين
مَس منھنجي ھٿ ۾، ڪاغذ ڪي آڻين
لُڙڪ نه لِکڻ ڏينِ، ڪِريو پُون قلم تي.