خاص

بحريه ٽائون جي ڪري عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، ڌاري آبادڪاري برداشت نه ڪنداسين: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آھي ته بحريه ٽائون جي ڪري اسان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، اڃان تائين سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ۽ قومپرست ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌي وسندين تي قبضي خلاف عوامي رابطا مهم جو ٻيون مرحلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڊاڪٽر قادر مگسي، جلال محمود شاهه ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن چيو آهي ته 28 جون تي اجلاس ۾ عوامي رابطا مهم جو شيڊيول طئي ڪيو ويندو، هاڻي ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ ٻين ڊويزنز ۾ عوامي رابطا مهم هلائي ويندي، ڪراچي کان ڪشمور تائين لکين ماڻهو رستن تي آيا ته بحريه ٽائون جي مالڪ کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. ھنن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري برداشت نه ڪئي ويندي.