زحل سياري جي چنڊ تي زندگي جا آثار ڳوليندڙ سائنسدان سان هڪ پاڪستاني به شامل
پرڏيهي سائنسدانن پاران زحل سياري جي چنڊ تي هڪ حياتياتي ماليڪيول ڳولهي لڌو آهي، اهو ماليڪيول نظام شمسي جي خوبصورت سياري زحل جي چنڊ اينسليڊس تي مليو آهي. جنهن سبب نظام شمسي ۾ زمين کانسواءِ ٻي جاءِ تي زندگي جا آثار ملڻ جي اميد هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿي وئي آهي. خبرن موجب ناسا، يورپي خلائي ايجنسي ۽ جرمني جي هائيڊا برگ يونيورسٽي سان گڏ ڪيترن ئي تحقيقي ادارن جي ماهرن ان دريافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ۾ ئي پاڪستاني خلائي حياتيات جو ماهر ڊاڪٽر نوزير خواجه به شامل آهي. تفصيلن مطابق خلائي جهاز Cassini پاران سياري زحل جي برفاني چنڊ اينسليڊس جون تصويرون 2005 ۾ موڪليون هيون جنهن تي ماهر ملي ڪري ان جو جائزو وٺي رهيا هئا ۽ هاڻي انهن پنهنجي ڳولها بابت تفصيل هڪ سائنسي رسالي نيچر ۾ ظاهر ڪيون آهن. هن ريسرچ تي ڪم ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو ماليڪيول زحل جي چنڊ اينسليڊس تي برف اندر موجود رهيو ۽ اتان کان ٻاهر آيو آهي ۽ خلائي سيٽلائيٽ ڪيسيني ان جون تصويرون موڪليون آهن. آسٽريليا جي رسالي ڪوسموس سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نوزير خواجه ٻڌايو ته اينسليڊس جي سطح تي برف جي صورت ۾ هڪ سمنڊ موجود آهي. جنهن ۾ پاڻيءَ اندر اهڙا وڌيڪ ماليڪيول به موجود هوندا، جيڪي اڳتي هلي زندگي جو ثبوت بڻجي سگهن ٿا.
سياري زحل جو چنڊ اينسليڊس