انساني تاريخ جي وسيع افق تي جڏهن تهذيبن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ته ڪجهه قومون اهڙيون نظر اچن ٿيون جيڪي رڳو جاگرافيائي حدن تائين محدود نه رهنديون آهن، بلڪه صدين جي فڪر، فن، قرباني ۽ بهادري جي ذريعي هڪ زنده روايت بڻجي وينديون آهن. فارسي دنيا به اهڙي ئي هڪ تهذيب آهي، جيڪا وقت جي بي رحم وهڪري ۾ به پنهنجي روشني قائم رکندي آئي آهي. فارس يا ايران جو نالو رڳو هڪ ملڪ جو نالو ناهي، بلڪه اها هڪ عظيم تاريخ، دل کي ڇهندڙ شاعري، شاندار ادب، روحاني فلسفي ۽ بي مثال بهادري جي ڪهاڻي آهي.
قديم زماني کان وٺي فارسي دنيا کي محبت ۽ شاعري جي سر زمين چيو ويندو رهيو آهي. هتي جا باغ، هتي جي هوا، هتي جي ٻولي ۽ هتي جي شاعري هڪ اهڙي لطافت رکن ٿا، جنهن جو مثال دنيا جي ٻين تهذيبن ۾ گهٽ ملندو آهي. فارسي ٻوليءَ کي ڪيترائي عالِم دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسيقيت رکندڙ ٻولين مان هڪ قرار ڏين ٿا. هن ٻوليءَ ۾ جڏهن شاعري ڪئي وڃي ٿي ته لفظن ۾ اهڙي سرشاري پيدا ٿيندي آهي جيڪا دل کي وجد ۾ آڻي ڇڏيندي آهي، پر فارس جي عظمت صرف ادب تائين محدود ناهي. هن سر زمين تاريخ جي وڏين سلطنتن کي جنم ڏنو. سائرس اعظم، دارا اعظم ۽ خشيارشا جهڙا حڪمران تاريخ ۾ وڏي شان سان ياد ڪيا وڃن ٿا. انهن حڪمرانن پنهنجي سلطنتن کي صرف فوجي طاقت سان نه، پر انصاف، انتظامي قابليت ۽ سياسي بصيرت سان مضبوط ڪيو. قديم فارس جي سلطنت دنيا جي سڀ کان وڏي سلطنتن مان هڪ هئي، جيڪا هندستان جي سرحدن کان وٺي مصر تائين پکڙيل هئي.
فارسي قوم جي بهادري جا قصا تاريخ جي هر دور ۾ ملن ٿا. جڏهن يونان جي شهر رياستن فارس سان مقابلو ڪيو ته اهو صرف فوجي مقابلو نه هو، بلڪه ٻن وڏين تهذيبن جي ٽڪر جو منظر هو. فارس جي لشڪرن پنهنجي تنظيم، جرئت ۽ استقامت سان جنگي تاريخ ۾ هڪ الڳ جاءِ ٺاهي. انهن جنگين ۾ ڪڏهن فتح، ڪڏهن شڪست نصيب ٿي، پر فارس جي قوم جي همت ۽ حوصلو ڪڏهن به ختم نه ٿيو. فارسي قوم جي سڃاڻپ جو سڀ کان وڏو خزانو ان جو ادب آهي. فارسي شاعري دنيا جي سڀ کان وڌيڪ دلڪش ادبي روايتن مان هڪ آهي. محبت، حسن، روحانيت، فلسفو ۽ زندگيءَ جي ناپائيداري جهڙا موضوع فارسي شاعري ۾ اهڙي انداز سان بيان ڪيا ويا آهن جو پڙهندڙ پاڻ کي هڪ روحاني دنيا ۾ محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. فارسي ادب جو سڀ کان وڏو شاعر حافظ شيرازي سڏيو ويندو آهي. سندس شاعري ۾ محبت، جماليات ۽ روحانيت جو عجيب سنگم نظر اچي ٿو.
اگر آن تُرکِ شيرازي بدست آرد دلِ ما را
به خالِ هندويش بخشم سمرقند و بخارا
سنڌي ترجمو: جيڪڏهن شيـراز جي اها حسين محبوبه منهنجي دل کسي وٺي ته مان سندس هڪ ڪاري تِر تي سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان.
هي شعر فارسي شاعري جي حسن ۽ مبالغاتي محبت جو هڪ بهترين مثال آهي. فارسي ادب جو ٻيو عظيم ستون فردوسي آهي، جنهن شاهنامو جهڙو عظيم رزميه تخليق ڪيو. شاهنامو رڳو شاعري جو ڪتاب ناهي، بلڪه اها ايران جي قومي تاريخ، بهادري ۽ جنگي داستانن جو عظيم خزانو آهي.
شاهنامي ۾ رستم جهڙا سورما فارس جي قومي بهادري جو نشان بڻجي وڃن ٿا. رستم جي بهادري، سندس وفاداري ۽ وطن سان محبت فارسي ادب ۾ هڪ دائمي علامت بڻجي وئي آهي. رستم جي جنگين جا قصا پڙهندي محسوس ٿيندو آهي ته فارس جي سر زمين تي جرئت ۽ غيرت جو هڪ عجيب روح موجود آهي. فارسي شاعري جو هڪ ٻيو وڏو نالو عمر خيام آهي. سندس رباعيون زندگيءَ جي عارضي هجڻ ۽ وقت جي تيزي سان گذرڻ بابت گهري سوچ پيش ڪن ٿيون.
برخيزو بيابتا براي دل ما
حل کن به جمال خويشتن مشکل ما
يک کوزه شراب تا به هم نوش کنيم
زان پيش که کوزه ها کنند از گل ما
سنڌي ترجمو: اُٿي اچ اي محبوب، اسان جي دل کي سڪون ڏي پنهنجي حسن سان اسان جون ڏکيائون آسان ڪر هڪ مٽ شراب گڏجي پيئون ان کان اڳ جو اسان جي مٽي مان مَٽ ٺاهيا وڃن.
فارسي ادب ۾ روحانيت جو بلند ترين آواز مولانا جلال الدين رومي جي شاعري ۾ ملي ٿو. رومي جي شاعري محبت، انسانيت ۽ روحاني اتحاد جو پيغام ڏئي ٿي.
بيا بيا هر آنچه هستي بيا
گر کافر و گبر و بت پرستي بيا
سنڌي ترجمو: اچي وڃ، اچي وڃ، تون جيڪو به آهين اچي وڃ جي تون ڪافر آهين، آتش پرست آهين يا بت پرست آهين، تڏهن به اچي وڃ.
هي شعر انسانيت جي وسيع تصور کي ظاهر ڪري ٿو. فارسي دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا دور آيا جڏهن هن سر زمين تي وڏيون تباهيون آيون. منگولن جي حملي وقت ڪيترائي شهر ساڙي تباهه ڪيا ويا، پر ان سان گڏ فارسي قوم جي ثقافتي قوت به ظاهر ٿي. تباهين جي باوجود فارسي ادب ۽ فڪر جي شمع وسامي نه سگهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته فارس جي قوم هميشه آزمائشن مان گذري آهي. عربن جي اچڻ کانپوءِ سياسي نظام تبديل ٿيو، منگولن جي دور ۾ وڏيون تباهيون ٿيون، پوءِ به فارسي ٻولي ۽ ادب جي روايت زنده رهي. اڄ جي جديد دور ۾ به ايران عالمي سياست جي مرڪز ۾ بيٺو آهي. وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ، سياسي اختلافن ۽ جنگي ماحول سبب ايران ٻيهر عالمي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. تازن ڏينهن ۾ خطي ۾ وڌندڙ جنگي صورتحال سبب ايران ۽ ان جي مخالف قوتن جي وچ ۾ ميزائل حملن، ڊرونن ۽ فوجي ڪارروائين جو سلسلو شروع ٿيو آهي. رات جي آسمان تي اڏامندڙ ميزائل ۽ ڌماڪن جا آواز جديد جنگ جي سخت حقيقت کي ظاهر ڪن ٿا.
پر اهڙين حالتن ۾ به ايراني قوم جي حوصلي ۾ گهٽتائي نظر نٿي اچي. هن قوم جي ذهن ۾ هزارين سالن جي تاريخ موجود آهي. جڏهن به ڪو بحران اچي ٿو ته ماڻهو فردوسي، حافظ ۽ رومي جي شاعري کي ياد ڪن ٿا، جيڪا کين همت ۽ صبر جو درس ڏئي ٿي. فارس جي ماڻهن لاءِ وطن صرف هڪ جاگرافيائي سر زمين ناهي. اهو هڪ تهذيب آهي، هڪ تاريخ آهي، هڪ فڪر آهي. انهن جي ذهن ۾ اهو شعور آهي ته انهن جا ابا ڏاڏا اهڙي تهذيب جا وارث هئا جيڪا هزارين سال اڳ به علم، ادب ۽ طاقت جي علامت هئي.
فارسي شاعر سعدي شيرازي انسانيت بابت لکي ٿو:
بني آدم اعضاي يکدي گرند
که در آفرينش زي ک گوهرند
سنڌي ترجمو: آدم جا اولاد هڪ ٻئي جا عضوا آهن ڇو ته سڀ هڪ ئي جوهر مان پيدا ٿيا آهن.
هي شعر انساني اتحاد ۽ همدردي جو عالمي پيغام ڏئي ٿو.
اڄ جڏهن دنيا جي مختلف حصن ۾ جنگيون، سياسي تڪرار ۽ معاشي بحران موجود آهن، تڏهن فارسي دنيا جو تاريخي تجربو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته تهذيبون صرف تلوارن سان نه، پر فڪر، ادب ۽ ثقافت سان زنده رهنديون آهن. فارسي دنيا جي باغن ۾ اڄ به شاعري جون محفلون سجنديون آهن، رومي ۽ حافظ جا شعر پڙهيا ويندا آهن ۽ فردوسي جي شاهنامي جا داستان ٻڌايا ويندا آهن. جنگي خطرا هجن يا سياسي دٻاءُ، فارسي قوم جي ثقافتي روح ۾ هڪ عجيب استقامت موجود آهي. انهيءَ ڪري جڏهن ڪو ماڻهو فارس جو ذڪر ڪري ٿو ته ان جي ذهن ۾ رڳو هڪ ملڪ جو تصور نه، پر هڪ عظيم تهذيب جي تصوير اچي ٿي، هڪ اهڙي تهذيب جيڪا محبت سان ڀريل شاعري به تخليق ڪري ٿي ۽ ضرورت پوڻ تي پنهنجي سر زمين جي حفاظت لاءِ بهادري سان بيهي به ٿي. فارسي دنيا جي روح کي شايد هن خيال سان بهتر سمجهي سگهجي ٿو:
جتي محبت جرئت بڻجي وڃي ۽ تاريخ طاقت بڻجي وڃي، اتي تهذيبون ڪڏهن به ختم ناهن ٿينديون ۽ انهيءَ سبب فارس جي سر زمين اڄ به دنيا جي نقشي تي هڪ اهڙي زنده تهذيب طور بيٺي آهي جيڪا صدين جي آزمائشن باوجود پنهنجي وقار، شاعري ۽ بهادري سان قائم آهي.
تازو آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جاري جنگ باوجود فارس جي ماڻهن جي بي مثال بهادري ۽ حوصلو جهڪيو ناهي. تهران شهر تي سخت بمباري، فضائي حملا ۽ ميزائلن جا وار ڪيا ويا آهن، پر تنهن هوندي به شهر جا ماڻهو اڃان به ثابت قدم ۽ بي خوف آهن. اهي پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ بنا ڊپ جي اچ وڃ ڪن ٿا، ڄڻ سندن حوصلي کي ڪوبه طوفان لوڏي نه سگهيو هجي. ايران جا وڏا شهر جهڙوڪ مشهد، قم ۽ اصفهان پڻ ميزائلن ۽ سخت بمباري جو نشانو بڻيا آهن. عمارتون لرزيون آهن، رستا ويران ٿيا آهن، پر ماڻهن جي همت ۽ ايمان ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي. اهي پنهنجي عقيدي، پنهنجي رياست ۽ پنهنجي قومي وقار سان اڃان وڌيڪ مضبوط نموني سان جڙيل نظر اچن ٿا.
سيد علي خامنائي جي شهادت جهڙي وڏي سانحي کانپوءِ به ايرانين جو حوصلو ڪمزور ٿيڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. هن واقعي ماڻهن جي اتحاد، وفاداري ۽ قومي جذبي کي وڌيڪ سخت بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جا جيڪي ارادا ايران کي جهڪائڻ يا ٽوڙڻ جا هئا، اهي مٽيءَ ۾ ملي ويا آهن.
ٽن هفتن کان جاري هن جنگ ۾ ايران صرف هٿيارن سان نه، پر پنهنجي تهذيب، شاعري، تاريخ ۽ قومي ورثي سان به مقابلو ڪري رهيو آهي. فارس جي هزارين سالن جي تمدن، ان جي شاعريءَ جي خوشبو، ان جي تاريخي عظمت ۽ ان جو ثقافتي ورثو ڄڻ هڪ روح بڻجي ظلم ۽ جبر جي سامهون بيٺل آهن.
هيءَ جنگ صرف بارود ۽ ميزائيلن جي جنگ ناهي؛ هيءَ عزم، ايمان ۽ قومي سڃاڻپ جي جنگ آهي. ايران جي سر زمين تي هر گهٽي، هر شهر ۽ هر دل مان هڪ ئي آواز گونجي رهيو آهي ته ظلم جي سامهون سر نه جهڪائبو. فارس جي ماڻهن جو حوصلو، سندن تاريخي شعور ۽ سندن قومي غيرت هن طوفان آڏو ديوار بڻجي بيٺل آهي.