ايڊيٽوريل

سپريم ڪورٽ کي پنهنجي انصاف جي تاريخ درست ڪرڻي آهي ته ڪيل سڀ غلطيون مڃڻيون پونديون

فيض آباد ڪيس ۾ فيصلو ڏيندي سپريم ڪورٽ لکيو آهي ته 4 سال 8 مهينا انهيءَ ڪيس جي ٿيل فيصلي کي رويو پٽيشن ذريعي عمل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ فائلن جي هيٺان دٻائي رکيو ويو ۽ انهيءَ فيصلي تي عمل نه ٿيو، انهيءَ ۾ گذريل دور جا رهندڙ 3 چيف جسٽس ذميدار آهن، اهو پڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيل آهي، اهو به لکيل آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي اها غلطي تسليم ڪري ٿي. غلطي تسليم ڪرڻ جي آجيان ڪندي اها ڳالهه هڪ دفعو وري واضح ڪريون ٿا ته ملڪن جا نظام انصاف تي منحصر هوندا آهن. اهي ئي ملڪ ترقي ڪندا آهن، جتي ڪورٽن ۾ انصاف ڀريا فيصلا ٿيندا آهن. ٻي مهاڀاري دوران انگلينڊ هٽلر جي هٿان تباهه ٿيڻ جي ويجهو هو ۽ جڏهن ان وقت جي وزيراعظم ونسٽن چرچل کي ٻڌايو ويو ته هاڻي ملڪ جي بقاءَ خطري ۾ آهي ته هن کيس اها رپورٽ ڏيندڙ آفيسرن کان هڪ سوال پڇيو ته ڇا ملڪ جون ڪورٽون ماڻهن کي انصاف ڏيئي رهيون آهن؟ جواب مليس ها. ان وقت ونسٽن چرچل چيو هو: “Then Rest a sure we will survive” يقين ڪريو اسين بچي وينداسين. پنهنجي ملڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪورٽن ۾ انصاف گهٽ ۽ ناانصافي وڌيڪ ٿي آهي. هتي انصاف جي ڳالهه گهٽ، پر نظريه ضرورت جي ڳالهه وڌيڪ ڪئي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جسٽس منير کان وٺي جسٽس عمر عطا بنديال تائين ججن تي آڱريون کڄنديون رهيون آهن. انهن جا ڪيل فيصلا انصاف جي مٿان ڪارا داغ آهن. اهي فيصلا مولوي تميز الدين جي ڪيس ۾ هجن، نصرت ڀٽو جي ڪيس ۾ هجن، ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل هجي، يوسف رضا گيلاني کي هٿرادو توهين عدالت جي ڪيس ۾ سزا ڏئي نااهل ڪري وزيراعظم جي ڪرسي تان لاٿو ويو هجي يا ميان نواز شريف کي انهيءَ ڪيس ۾ سزا ڏئي نااهل ڪيو وڃي، جنهن جي لاءِ جڏهن نعيم بخاري انهيءَ ڪيس جي درخواست کڻي سپريم ڪورٽ ۾ پهتو ته سپريم ڪورٽ انهي درخواست کي فضول (frivolous) قرار ڏئي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. پوءِ انهيءَ سپريم ڪورٽ جڏهن نظريه ضرورت تحت انهيءَ ڪيس کي کنيو ته انهيءَ ساڳئي ڪيس ۾ ميان صاحب کي سزا ڏني وئي، نااهل ڪيو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو، اهي سڀ جا سڀ سپريم ڪورٽ جا ٿيل فيصلا سپريم ڪورٽ جي اونداهي تاريخ جو حصو آهن. هاڻي محسوس ٿئي ٿو ته هن وقت جي سپريم ڪورٽ چاهي ٿي ته ماضي ۾ ٿيل اهڙن غلط فيصلن ڪرڻ جي غلطي کي تسليم ڪيو وڃي، اهڙو اظهار فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ نظر اچي پيو. خوشي جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ اخلاقي وقار ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي، پر ڪورٽ مان اها اميد لڳائي سگهجي ٿي ته جتي هن فيض آباد ڌرڻي جي ڪيس کي 4 سال نه ٻڌڻ جي ڪري پنهنجي غلطي جو اظهار ڪيو آهي، اهي سڀئي ڪيس جن جو ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي ۾ ٿيل ناانصافي تسليم ڪري سڀني غلطين جي قوم کان معافي گهري، اڳتي اهڙن غلط فيصلن نه ڪرڻ جو وچن ڪري، پوءِ سمجهبو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي ماضي جي ڪيل غلط فيصلن جي غلطين جو ڪنهن حد تائين ازالو ڪري زمان حال مان گذرندي مستقبل ۾ بهتر ٿيڻ وڃي رهي آهي. يقين ڪريو ان سان سپريم ڪورٽ جو وقار وڌي ويندو. عوام جو سندس مٿان يقين پختو ٿي ويندو ۽ انصاف ملڻ جي آسري ويٺل ماڻهن جي دل ۾ پڻ پختو خيال ٿيندو ته هاڻي عوام سان ناانصافي نه ٿيندي. ملڪ جو نظام هڪ نئين رستي تي اچي ويندو، جيڪو وقت جي اهم ضرورت آهي. ان سان نه صرف سپريم ڪورٽ جي اداري ۾ بهتري ايندي، پر ملڪ جا ٻيا مقتدر ادارا پڻ پنهنجون غلطيون مڃيندا، جيڪي هو ماضي ۾ ڪندا رهيا آهن، قوم کان معافي گهري ملڪ جي ترقي جي لاءِ مليل آئيني ۽ قانوني ذميواري پوري ڪندا، انهن کي پڻ مستقبل ۾ غير آئيني قدم کڻڻ کان سپريم ڪورٽ جا اهڙا فيصلا روڪي سگهن ٿا.