انسان پنهنجي اندر جو اظهار مختلف طريقن سان ڪندو رهيو آهي۔ ڪي نثر يعني تفصيل طور يا وري نظم يعني شاعريءَ طور ڪيو اٿائين انهيءَ ڪري شاعريءَ کي احساسن ۽ جذبن جو ترجمان به چيو ويو آهي. ڇو ته ان ۾ قومن ۽ معاشرن جي جسماني توڙي روحاني تاريخ سمايل هوندي آهي. سنڌي شاعريءَ جو لاکيڻي لطيف جو ڪلاسيڪل دور ڪنهن کان وسرڻ جوڳو ناهي، پر جديد سنڌي شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن ۾ شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاري پنهنجي دور جا نالي وارا عظيم شاعر ٿي اڀريا آهن، جنهن نئين نسل کي زندگي گذارڻ جا نوان ڍنگ ۽ نوان طريقا سيکاريا. استاد بخاريءَ جي لاجواب شاعري جو نمونو ڏسو:
ڪلفت ڪٺي ڪرڻ کان محبت رتي چڱي آ
ڪوڙي قصي کڻڻ ھڪ سٽ سچي چڱي آ
ٽھڪون نٿا سکن ۾ سڏڪون نٿا ڏکن ۾
هر حال ۾ چئون ٿا سنجيدگي چڱي آ
محبت بچي پوي پوءِ ميلا مچي پوندا
دل جو ڀڄي انهيءَ کان محفل ڀڳي چڱي آ
پنهنجا عزيز عضوا ساٿ وڃن ڇڏيندا
استاد دل پڪي ڪر جو دل پڪي چڱي آ
مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ استاد بخاري جهڙو مطالعاتي شاعر ٻيو نظر نٿو اچي۔ پاڻ اظهار جو حسين نمونو آهن هونئن به ڪنهن سماج اندر بهترين جوڙجڪ يا اوسر لاءِ انسان جي سوچ سمجهه فڪر ۽ فلسفو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو۔ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو مشهور شاعر آهي، جديد شاعريءَ جي چنريءَ ۾ انڊلٺ جا رنگ ڀريندڙ بخاري ترقي پسند ۽ روشن خياليءَ جو تخليقڪار آهي۔ ان ڪري هو عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي۔ سندس شاعريءَ جي بدولت سياسي سماجي علمي ادبي اٿل پٿل ۽ جدوجهد اڃان تائين جاري آهي۔ استاد بخاري سماج جي قسمت بدلائيندڙ عظيم شاعر آهي، وٽس عشق به آهي، جستجو ۽ سورهيائيءَ جا سوين تصور به آهن، تڏهن عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو۔
جيئڻ ڪيئن گُھرجي، ڪِٿي ٿا جيئون
مڙئي وقت توسان گذارو ڪيون ٿا،
لکڻ ڪيئن گُھرجي، ڪٿي ٿا لکون
قلم ساڻ ڪاغذ کي ڪارو ڪيون ٿا .
استاد بخاري جي سادي ۽ سهڻي ٻولي هر دل کي موهي ٿي وجهي سندس شاعريءَ جي فڪر، ٻوليءَ، تخليقي فني تجربن کيس اتم ڪري ڇڏيو اهو ئي سبب هو جو پاڻ هلندي، ڦرندي، سفر ۾، جاڳندي ۽ سُتي مٿس شاعريءَ جو مينهن وَسندو هو. هونئن به جنهن کي عشق لڳندو آهي ان کان ٻيون سڀ شيون وسري وينديون آهن۔ استاد بخاريءَ کي ڌرتي ۽ شاعريءَ سان جنون جي حد تائين عشق لڳل هو.
جاڳيا ته بهرحال سويلا ناهيون،
پر پوءِ به اڃا يار اويلا ناهيون،
سمجهي نه سگهون تنهنجي چالن کي،
ايڏا ته اڙي وقت ڳهيلا ناهيون۔
يا وري جديد ۽ عظيم شاعر استاد بخاري جون هي سٽون ڪيڏو نه سنئون سڌو رستو ڏيکارڻ لاءِ انسان کي همٿائين ٿيون۔
وقت هجي روهيلو رِڻ پَٽُ،
ڏينهنَ ضرور ته ٿُوهَر هوندا،
ذِهَن جتي اُونداهيون غارون،
فڪر اُتي ڪارِيهَر هوندا.
استاد جي تحرير جهالت ۽ انڌي عقيدي کي “ڪاريهر فڪر” سان تشبيهه ٿو ڏئي۔ اهي ڪي عام لفظ نه بلڪه هڪ عظيم تجربي جي بنياد تي چيل آهن هونئن به انقلاب آڻڻ لاءِ رڳو ڳالهيون ڪم نه اينديون آهن، پر تجرباتي ماڻهو ۽ سندن ڏسيل رستا ئي نجات جو سامان مهيا ڪندا آهن۔ شاعريءَ ۾ جيستائين روح نه هوندو تيستائين نه ٻڌندڙ کي مزو ايندو ۽ نه ئي وري شاعر فعاليت ماڻيندو، پر استاد بخاري جي شاعري هرهڪ جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل آهي.
اُجھڻ کان مچڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي،
ججھڙ ٿي جيئڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي!
هجي ڍَئو ته مئو ۾ هڻون کونگھرا ڪي،
لنگھڻ کي لڇڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي!
مُٺي ماٺ آهي ڪُٺي قوم پنهنجي،
مچي ڪو ممڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
گھُرون ڇو گبر کان وٺون حق گھوگھي،
پِنڻ کان ڇنڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
ٻنين لئه ونين لئه، وطن جي حدن لئه،
حقن لئه وڙهڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
ڪُوَقتو ڪُريتو نه ٿو موت گھرجي،
مهل تي مرڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
اسين ارتقا جي پڪا عاشق آهيون،
ورڻ کان وڌڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
گھُرڻ سان گھُرن جي قسم قرب آ،
اُنهن سان ملڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
مِلي امن انصاف سڀ کي بخاري،
ته جھومڻ، نچڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي گِهرائيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ اڻ پڙهيو ماڻهو کيس دل ۾ سمائي ويٺو آهي ۽ سندس اندر مان عشق جا الا پيا اٿن۔ سندس سيني ۾ سرتي ۽ ڌرتيءَ جو سور سمهڻ نٿو ڏئي ان جي اندر نت نئون شعور جنم وٺي ٿو ۽ هو تڙپي اٿي ٿو، چيائين:
اُٿيو هاڻ گهوٻو ۽ پانو اُٿي پيو،
ٻنيءَ ساڻ گڏ ڪارخانو اُٿي پيو،
ڏني اُڀَ لولي، جهلي ڀونءِ جهولي،
مگر چيلهه موڙي زمانو اُٿي پيو.
استاد بخاري هڪ ذميوار شاعر آهي، هو ٻين جو آسرو نٿو ڪري ۽ نه وري قوم کي ميارون ٿو ڏئي، بلڪه پنهنجي ذميواري نڀائيندي هڪ حقيقي سونهين ۽ رهبر وانگر سڄو بارُ پاڻ ٿو کڻي ۽ چوي ٿو: