ڊاڪٽر ساجده پروين جو جنم جولاءِ 1982ع تي گمبٽ خيرپور جي ڳوٺ مهتاڻا ۾ ٿيو، سندن والد عاشق علي بهليم جي ڪراچيءَ ۾ رهائش سبب هن پنهنجي سڄي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي، ايم فل ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيائين جن ۾ سندس لکيل تحقيقي مقالا هن ريت آهن ” شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت“ (تقابلي جائزو) 2007ع ايم اي جو مونوگراف، ”سائين جي ايم سيد جون ادبي خدمتون“”جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر“ پي ايڇ ڊي جو مقالو، اهي مقالا ڇپيل صورت ۾ موجود آهن ان کانسواءِ ڪتاب پڻ لکيو اٿن.، کين جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي هيوسٽن آمريڪا طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ پاران پي ايڇ ڊي ريسرچ ايوارڊ مليل آهن، هوءَ هڪ سرگرم اسڪالر ۽ استاد طور پنهنجون خدمتون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سرانجام ڏيئي رهي آهي، ان کانسواءِ ريسرچ جرنلز ۾ سندس تحقيقي ڪم مختلف موضوعن تي شايع ٿيندو رهي ٿو، جن مان چند جا عنوان هن ريت آهن، ”استاد بخاريءَ جي رومانوي شاعري“، ”لپ اسٽڪ فيمينزم“ ”جديد سنڌي شاعريءَ جو روشن ستارو حسن درس“ ”ساختياتي تنقيد ۽ سنڌي ادب“، ”شيخ اياز جو هائڪو-هڪ مطالعو“ ، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو تصور“آهن. ”شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت“ (تقابلي جائزو) ايم اي جو مونو گراف مقالو سچائي اشاعت گهر پاران يوسف سنڌي 2017ع ۾ شايع ڪيو