فضل الرحمان جي مطالبن تي غور ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪندي

آزادي مارچ جي معاملي تي غور ڪرڻ لاءِ حڪومتي ٽيم وزيراعظم سان ملاقات ڪندي. هن ملاقات ۾ آئندا جي لائحه عمل تي غور ڪيو ويندو. ٻئي طرف حڪومتي مذاڪراتي ٽيم اتحادي جماعتن سان به رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ان کان علاوه پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويندو. ٻئي طرف حڪومتي مذاڪراتي ٽيم مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.