بلاگنئون

قربانيءَ واري عيد ۽ شهرن جي صفائي

خير سان عيد به ٿي گذري عيد جون به مبارڪون، پر گندگي به مبارڪ، جتي قرباني فرض آهي اتي صفائي به نصف ايمان آهي ان ڪري هر مومن مسلمان تي فرض آهي ته هو ٻئي فرض ۽ واجب دل سان نڀائي، توڙي جو اسان وٽ اڃان تائين اها روايت برقرار آهي ته ڪارو ٻڪر (ڇيلو) جي در جي چائنٺ تي ڪهبو ۽ قربان ڪبو ته ڌڻي پرچي پوندو ۽ ڏکيائيون دور ٿي وينديون، رزوي روٽي ۾ برڪت پوندي، بيماري بڙي معاف ٿي ويندي ۽ ان ٻڪر جي قرباني جي صدقي ڌڻي سڀ سُور به معاف ڪندو ۽ مصيبت مان ڇڏائيندو، ان ڪري درَ تي ڇيلو ڪهڻ ضروري آهي. قرباني جو خاص ڪانسيپٽ به اهو آهي ته پنهنجي مال جو صدقو ڏيو ۽ ٻارهو ئي معنيٰ سال ۾ هڪ دفعو ئي صحيح جيڪي به ڌڻي توهان کي نوازيو آهي، ان مان ڪجھ حصو غريبن جي لاءِ به ونڊ ڪڍو ۽ انهن غريبن ۾ گوشت ورهايو، ماڻهن کي گوشت کارايو ۽ سنت ابراهيمي پوري ڪيو، پر مصيبت اها به آهي جن غريب ماڻهن کي لوڻ مرچ خريد ڪرڻ جي طاقت يا سگهه به نه هجي انهن کي گوشت کارايو (اها ٻي ڳالھ آهي ته شهري آبادي هن عيد جي لاءِ خاص طور تي الڳ الڳ فرج ۽ ڊيپ فريز به خريد ڪندي آهي، ته جيئن سڄي جا سڄا ٻڪرا فرجن ۾ هليا وڃن ۽ پاڻ ذرو ذرو ڪري کائين ۽ انهن جي مال ملڪيتن جي زڪوات به ان طريقي سان پوري ٿي سگهي ٿي ۽ سنت جي پيروي به ان صورت ئي ممڪن آهي ته جيڪي مذهب جا ”سمبل“ (علامتون) آهن، انهن جي پورائي سان ئي مذهبن جي پوئواري سمجهي يا سڏجي سگهجي ٿي نه ته نه. جتي روزا ۽ نمازون ۽ حج زڪواتون فرض آهن اتي سگهه رکندڙ ماڻهن تي ان ڳالھ جو به فرض آهي ته اهي عملي فرد بڻجي مذهبي هجڻ جي علامت پوري ڪري ڏيکارين. ان ڪري هر سال، هر روز ۽ هر گهڙي فردن تي لازم ۽ فرض آهي ته اهي پوئوارن هجڻ جي بنياد تي هر ڳالھ جو پورائو ڪن ۽ انهن تي اها ڳالھ به ضروري آهي ته اهي مذهبن جي زنده رکڻ لاءِ مذهبن جون ضروري علامتون به پوريون ڪن ۽ عملي طور مذهبي پوئواري ڪن ۽ ثبوت طور پيش ڪن ته اهي مذهبي آهن.
کائڻ ۽ پيئڻ جا احتياط به پنهنجي جاءِ تي جنهن ۾ ڊاڪٽر رمضان جي روزن وانگي ان ڳالھ تي زور ڏيندا رهندا آهن ته گهٽ ۽ حد اندر کائو پيئو ۽ گهمي ڦري، هلڪي ڦلڪي ورزش ڪري کاڌو پيتو لاهي ڇڏيو، پر هن عيد تي شهري علائقن ۾ جانورن جي ذبح ٿيڻ جو مقدار ۽ نسبت ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو هجي ٿو، جنهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو ۽ سال سال ان ۾ خاطر خواھ اضافو به ٿيندو رهي ٿو، ان ڪري ته شهري آبادي ۾ خوشحالي جو تناسب به گهڻو هجي ٿو اهي گهر جا سڀ ڀاتي ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان لڳل هجن ٿا. شهري آبادي گهڻي ڀاڱي هن عيد جي لاءِ خاص بجيٽنگ به ڪري ٿي ۽ قرباني جا سڀ لوازمات، فرض ۽ واجبات به پورا ڪري ٿي. وري ساڳئي تناظر ۾ عيد جي دوران شهرن جي هر خالي پِڙَ، گرائونڊ، غيرآباد پارڪ، وڏن روڊن جي ڪناري، سروس روڊ جي پاسي ۾، راند جي خالي ۽ غيرآباد ميدانن ۾ به شهري انتظاميا جي آشيرواد سان مال جون پِڙيون لڳيون وڃن ٿيون. ان ڪري شهري ماڻهن جي لاءِ گهر کان هاءِ وي ۽ نئين سبزي منڊي ڏانهن شهري ٽريفڪ پار ڪري اچڻ وڃڻ هڪ خاص مصيبت هجي ٿي، اتي گاڏيون پارڪ ڪرڻ انهن جي پارڪنگ في، وري مٿان جانورن جي پڙيءَ جي زبردست ڌوڙ، دزَ ۽ مٽي، جانورن جي واڙ ۾ انهن جي ڇيڻن ۽ مال جي اوڳر، مُٽَ ۽ پاڻيءَ جي نيڪال نه هجڻ جي ڪري هڪ خاص قسم جي ڌپ جا مسئلا پنهنجي جاءِ تي، پر اتي عسڪري ادارن جي آشيروادن سان جيڪي به شهر کان ٻاهر مال جون پڙيون لڳن ٿيون (يا لڳيون) انهن کي سنڀالڻ ۽ ماڻهن کي مدعو ڪرڻ به ٻه وڏا مسئلا هئا (جيڪي سدائين هجن ٿا) جنهن ۾ هڪ واڌارو ٽيڪس لڳڻ جي ڪري مال جي اگھن ۾ به گهڻو اضافو ٿيندو رهي ٿو (يا هو) پر هيل ته مال، ڍڳا، ڍور، ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ به شهرن جي رستن تي به پڙي جا ڏيک ڏئي رهيا هئا ۽ سڀني آسانيءَ سان اتان کان پنهنجي گهرن تائين مال پئي ورتو ۽ ڪاٿو ۽ پاڻ لاءِ گهڻيون آسانيون ڪيون، ان ڪري ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي پاڙي مان ڪو ڇيلو ۽ ٻڪر ملي پئي سگهيو ۽ آسانيءَ سان لھ وچڙ ڪري، ڪو لاهو گاهو ڪرائي مال خريد پئي ڪري ويا ۽ قربانيءَ جا فرض نڀائين.
شهرن ۾ اڃان تائين اهو رواج ناهي ته ڪو ڪوس گهر هجي ڪو سينٽرڊ مال جي ذبح ڪرڻ جي جاءِ هجي، يا جيڪو به ماڻهو مال ڪُهرائي يا ذبح ڪرائي ته اهي شهر يا پاڙي جي ڪنهن ڪوس گهر ۾ اهي پنهنجا ڍڳا، ڍور مثال ڇيلا، ٻڪريون، ڳئون، گابا، ڏاند، اُٺ، پاڏا، مينهون يا دمبا ڪاهي وڃن ۽ اتان ڪهرائي واپسيءَ ۾ رڳو گوشت کڻي اچن، ان ڪري ته مال جا هڏا، کلون، ڪنُ، اوجهريون ۽ رافو رڳو انهن مخصوص ڪوس گهرن تائين محدود هجي ٿو، ان ڪري ته مال ڪنَ ۽ اوجھ جي گهڻي ڦهلاءَ ۽ جاءِ جاءِ تي وکريل هجڻ جي ڪري شهري هوا ڪنهن شاعر جي چواڻي وانگي ته هوا زخمي ٿي ٿي پئي ۽ عام معنائن ۾ شهري آبهوا تي ڪو خاص ڌپ جو اثر نٿو ٿئي ۽ هوا ۾ ڪا بدبوءِ به نٿي اچي، ان ڪري ته هڪ خاص ڪوس گهر ۾ نالين جي ذريعي مال جو رت وهي ٿو وڃي ۽ باقي جيڪي ٻيون شيون يا ڪنُ هجي ٿو، اهي اتي جو اتي فيڪٽريون کڻي هليون ٿيون جن ۾ خاص مال جون کلون ۽ هڏا هجن ٿا، ان ڪري ته فيڪٽرين جي لاءِ اهي به ڪم جا هجن ٿا ايستائين جو مال جا سڱ به کڻي ٿا وڃن جن مان اهي ڪي شيون ٺاهين ٿا، پر نظام اڃان تائين سڌرن نٿا، ان ڪري ماڻهن ۾ ڪجھ فرسودگي به آهي جيئن مٿي چيوسين ته ماڻهو جيستائين پاڻ پنهنجي قربانيءَ جي جانورن تي هٿ نٿو گهمائي يا پاڻ ڇُري يا ڪاتي وهائي ڪُهي يا ذبح نٿو ڪري، تستائين انهن جي به تسلي نٿي ٿئي، ان ڪري ڪوس گهرن جو ڪانسيپٽ اڃان ڪنهن صديءَ جي دوريءَ تي آهي، جيڪو ممڪن به ناهي، ان ڪري ته اسان جي شهرن جا ڪوس گهر رڳو عام روڊ، رستا، ميدان، کُليل پَٽَ ۽ ويران عام پارڪ ئي آهن، جتي اهي سڀ ماڻهو قطار ڪيو پنهنجي ڪاسائي جي اڳواٽ بُڪنگ ڪرائي ويهندا آهن، انهن سان خاص في ۾ لاهو گاهو ڪرائي، انهن کان ٽائيم سيٽ ڪري ٿا وٺن، ان ڪري هڪ ٻي ڳالھ به ڏٺي وئي آهي ته صبح جو ساڍي ڇهين وڳي جي نماز کان اڳ اهي ڪاسائي ڪاتيون تکيون ڪيو موٽرسائيڪلن تي ٻه ٻه ٽي ٽي ڄڻا چڙهي پڄي ٿا وڃن ته پاڻ ڪڏهن ۽ ڪهڙي نماز پڙهندا هوندا؟ ان ڪري ته ماڻهن جي نماز جي واپسي جيڪا صبح جو ستين کان اڳ ٿي چڪي هوندي آهي ته اها ڏٺو ويو آهي ته روڊن تي رَتُ ڦهليو پيو هوندو آهي ۽ ماڻهن جا ڍور ڍڳا منٽ ۾ ڪسجي ڪپجي ويندا آهن ۽ گهڙي ۾ انهن مالڪن تائين اهي گوشت پڄي ويندا آهن، يا ڪنهن انهن ڪاسائين کان اهو سوال نه ڪيو هوندو ته توهان عيسائي آهيو يا ڪي ٻيا غير مسلم مذهبي ماڻهو جو انهن ته صبح جي نماز به نه پڙهي هوندي، پر ڪوس ڪرڻ لاءِ پڄي ٿا وڃن ۽ اهي ايترا ته ڦڙت ۽ ايڪسپرٽ هوندا آهن جو پنجن منٽن ۾ ڍورن کي ليٽائي ڪهي کل لاهي ٿا وڃن، جو کل تي ٽُڪو به نه اچي ۽ واپسيءَ تي گوشت جون ٿيلهيون ڀري پنڌ وهائي نڪري ٿا وڃن.
شهرن ۾ انهن سڀني وافر اندزا ۾ ٿيل قربانين جي ڪري صفائي سٿرائي جو مسئلو تمام گهڻو ٿو رهي، جو جنهن به روڊ رستي تي ڏسجي اتي رڳو مال جي اوجھ جا ڍير لڳا پيا هوندا آهن ۽ رستن تان گذرڻ ۾ ساھ منجهائي ٽپڻو ٿو پوي ۽ اها خاص ڌپ هفتن جا هفتا رهي ٿي، پر گذريل سال وانگي هن سال شهري انتظاميا، خاص وڏن شهرن جي ميئرن جي سِرُ توڙ ڪوشش هوندي آهي (۽ هيل به هوندي) ته اهي شهرن جي صفائي ۾ تڪڙ ڪن ۽ مهل سان شهري انتظامن واريون خاص گاڏيون، ٽريڪٽر ۽ ٽراليون هلائين يا هاڻي ته چين جي مدد سان خاص گاڏيون آيل آهن، جيڪي پاڻ گند ڪچرو ڍَلن ۾ ڀري کڻي ٿيون وڃن ۽ ڪنهن ڪُنڊ پاسي تي اڇلائي، پنهنجو وقتائتو فرض مهل سان نڀائن ٿيون. ان ڪري شهري آباديءَ جي هڪڙي خراب عادت به آهي ته جڏهن مينهن وسي ته شهري ۽ صوبائي انتظامن واريون گاڏيون انهن جي درَ تي بيهي رهن ۽ جيئن برسات وسي ته اهي صوبائي سرڪار وارا عملدار ٿالھ کڻي بيهن ۽ پاڻيءَ جو ڦڙو به هيٺ ڪِرڻ نه ڏين، تيئن هاڻي به شهري انتظامن مٿان اها ڳالھ فرض ٿي ٿئي ته پنهنجي عائد ٿيل فرضن مان هاڻوڪي عيد تي گڏ ٿيل گند ڪچرو به فورن ميڙي وڃن، ڄڻ ڍور ڍڳا ڪُٺا ئي نه هئا، مينهن وسڻ وانگي هاڻي به اهو ثبوت ڏين ته انهن وٽ شهري آباديءَ جي اوليت آهي ۽ اهي هر ڪم ۾ اڳ کان اڳرا هوندا.