خير سان عيد به ٿي گذري عيد جون به مبارڪون، پر گندگي به مبارڪ، جتي قرباني فرض آهي اتي صفائي به نصف ايمان آهي ان ڪري هر مومن مسلمان تي فرض آهي ته هو ٻئي فرض ۽ واجب دل سان نڀائي، توڙي جو اسان وٽ اڃان تائين اها روايت برقرار آهي ته ڪارو ٻڪر (ڇيلو) جي در جي چائنٺ تي ڪهبو ۽ قربان ڪبو ته ڌڻي پرچي پوندو ۽ ڏکيائيون دور ٿي وينديون، رزوي روٽي ۾ برڪت پوندي، بيماري بڙي معاف ٿي ويندي ۽ ان ٻڪر جي قرباني جي صدقي ڌڻي سڀ سُور به معاف ڪندو ۽ مصيبت مان ڇڏائيندو، ان ڪري درَ تي ڇيلو ڪهڻ ضروري آهي. قرباني جو خاص ڪانسيپٽ به اهو آهي ته پنهنجي مال جو صدقو ڏيو ۽ ٻارهو ئي معنيٰ سال ۾ هڪ دفعو ئي صحيح جيڪي به ڌڻي توهان کي نوازيو آهي، ان مان ڪجھ حصو غريبن جي لاءِ به ونڊ ڪڍو ۽ انهن غريبن ۾ گوشت ورهايو، ماڻهن کي گوشت کارايو ۽ سنت ابراهيمي پوري ڪيو، پر مصيبت اها به آهي جن غريب ماڻهن کي لوڻ مرچ خريد ڪرڻ جي طاقت يا سگهه به نه هجي انهن کي گوشت کارايو (اها ٻي ڳالھ آهي ته شهري آبادي هن عيد جي لاءِ خاص طور تي الڳ الڳ فرج ۽ ڊيپ فريز به خريد ڪندي آهي، ته جيئن سڄي جا سڄا ٻڪرا فرجن ۾ هليا وڃن ۽ پاڻ ذرو ذرو ڪري کائين ۽ انهن جي مال ملڪيتن جي زڪوات به ان طريقي سان پوري ٿي سگهي ٿي ۽ سنت جي پيروي به ان صورت ئي ممڪن آهي ته جيڪي مذهب جا ”سمبل“ (علامتون) آهن، انهن جي پورائي سان ئي مذهبن جي پوئواري سمجهي يا سڏجي سگهجي ٿي نه ته نه. جتي روزا ۽ نمازون ۽ حج زڪواتون فرض آهن اتي سگهه رکندڙ ماڻهن تي ان ڳالھ جو به فرض آهي ته اهي عملي فرد بڻجي مذهبي هجڻ جي علامت پوري ڪري ڏيکارين. ان ڪري هر سال، هر روز ۽ هر گهڙي فردن تي لازم ۽ فرض آهي ته اهي پوئوارن هجڻ جي بنياد تي هر ڳالھ جو پورائو ڪن ۽ انهن تي اها ڳالھ به ضروري آهي ته اهي مذهبن جي زنده رکڻ لاءِ مذهبن جون ضروري علامتون به پوريون ڪن ۽ عملي طور مذهبي پوئواري ڪن ۽ ثبوت طور پيش ڪن ته اهي مذهبي آهن.