بلاگخاصنئون

عيد جي موقعي تي بلدياتي ادارن طرفان صفائي جو اثرائتو نظام جس لهڻي

عيدالاضحيٰ ۾ قرباني جي جانورن جون آلائشون بروقت کڻڻ ۽ انهن کي شهر کان پري کڏون کوٽي انهن کڏن ۾ پورڻ جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي شهرن ۾ صفائي جو انتظام بهتر نظر آيو، گندگي ۽ بدبوءِ تمام گهٽ رهي، بلدياتي ادارن کي سندن ذميواري پوري ڪرڻ تي جس ڏجي ٿو. صفائي کي اڌ ايمان چيو ويو آهي، پر اها شايد اسان وٽ صرف ڪتابي ڳالهه آهي، عملي طور تي ان جي ابتڙ هوندو آهي.
شهر هجن يا ڳوٺ گندگيءَ جي ڍيرن جو ڏيک ڏيئي رهيا هوندا آهن. انهيءَ ۾ صرف بلدياتي ادارن جو ڏوهه نه هوندو آهي، پر عوام جو گندگي ڪرڻ ۾ ۽ گندگي ڦهلائڻ ۾ پڻ پورو پورو حصو موجود هوندو آهي. گهرن کي صاف رکندا آهيون، پر ڳلين کي گندگيءَ جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهيون. گهر جي صفائيءَ دوران ڪن ڪچري کي بجاءِ هڪ مخصوص جڳهه تي اڇلائڻ کان گهٽيءَ ۾ اڇلائڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون. اهوئي سبب آهي جو اسان کي شهر، ڳليون، روڊ رستا صاف نظر نه ايندا آهن. هن قرباني واري عيد تي پڻ اهڙو ئي انديشو هو جيئن گذريل سالن ۾ ٿيندو رهيو آهي ته قرباني جي جانورن جون آلائشون ڳلين ۾ ۽ روڊن رستن جي پاسن تي موجود هونديون آهن پوءِ ان مان نڪرندڙ بدبوءِ پوري ماحول کي بدبودار بڻائي ڇڏيندي آهي. انهن آلائشن مان نه صرف بدبوءِ، پر جراثيم بيمارين جي شڪل ۾ ماڻهن تي حملي آور ٿيندا آهن، پر هن دفعي ايئن نه ٿيو. عوام قرباني گهڻو ڪري گهر جي دروازي جي سامهون ڪئي، ايئن به ٿيو ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ قرباني ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه پلاٽ مخصوص ڪيا ويا هئا جتي ساڃاهه وند ماڻهو جانور ڪاهي اتي وڃي قرباني ڪئي، پوءِ گوشت کڻي واپس موٽي آيا ۽ انهن پلاٽن مان شهري ادارن جي صفائي ڪرڻ واري عملي هڪدم آلائشون کڻي شهر کان ٻاهر اڇلايون اهي پلاٽ ٻئي ڏينهن قرباني ڪرڻ جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر بهتر حالت ۾ موجود هئا. ان جي باوجود ڪجهه مهربانن پنهنجن گهرن جي اڳيان ۽ گهٽين ۾ قربانيون ڪيون، پر انهن ايتري مهرباني ضرور ڪئي ته جانورن جي آلائشن کي ڪجهه پئسا خرچ ڪري مقامي صفائي واري عملي جي مدد سان مخصوص جڳهين تي جن جي نشاندهي شهري ادارن طرفان ڪئي وئي هئي اتي پهچايو ۽ اهي مخصوص جڳهيون يعني ڪچرا ڪنڊيون پڻ پري نه هيون، گهٽيءَ جي منهن ۾ يا ڪجهه پري تائين موجود هيون. ان کانپوءِ صفائي ڪرڻ واري عملي به دير نه ڪئي. ان جو ئي سبب آهي ته سنڌ جا شهر هن دفعي قرباني جي جانورن جي آلائشن جي بدبوءِ کان پاڪ ۽ صاف رهيا. ڳوٺن جي خبر ڳوٺ وارن کي هوندي، پر جيئن ته اتي پهرين کان ئي وڏا وڏا کليل ميدان موجود آهن انهيءَ ڪري انهن جانورن جي آلائشن جو انهن پلاٽن تي موجود هجڻ جي ڪري عام گهرن کان پري هجڻ جي ڪري اثر گهٽ پوندو آهي. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن مان معلومات ورتي وئي، خبر پئي ته مجموعي طور تي صفائي جي صورتحال بهتر هئي. هڪ دفعو ٻيهر شهر جي بلدياتي ادارن کي جس ڏيون ٿا ته انهن سينيٽري ورڪرن کي جس ڏيون ٿا جن پنهنجي ذميداريءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ هر ڪنهن پنهنجي ڪم کي ذميداريءَ سان پورو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ شهر صاف ٿي ويا. نه ان ۾ ڪو وڌيڪ ناڻو خرچ ٿيو، نه ئي ڪو صفائي وارو وقتي عملو لڳايو ويو، بس نيت هئي هرهڪ عملدار پنهنجي ذميواري محسوس ڪئي ته شهر صاف ٿي ويا.
صفائي ٿي ته سگهي ٿي جيڪڏهن اسان ڪرڻ چاهيون ۽ ان جو مثال به اسان کي نظر اچي ويو. ٿي ته هر ڪم بهتر سگهي ٿو، نيت ۽ ذميواري جي کوٽ هوندي آهي. پوءِ ڀلا اها صفائي صرف چند ڏينهن لاءِ ڇو هجي اهي ادارا پورو سال پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ مشغول هجڻ کپن ته شهر صاف ٿيندا، ماحول صحتمند ٿيندو، گندگيءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين کان بچاءُ ٿيندو ۽ اهي ماڻهو به جيڪي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ گندگي پکيڙين ٿا اهي به شرمسار ٿيندا. گهرن جو ڪچرو کڻي مخصوص مقرر ڪيل جڳهين تي اڇلائيندا، اهو ڪم آسان آهي، ٿيڻ جوڳو آهي، پوءِ دير ڇا جي آهي. اچو ته سڀئي گڏجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون ۽ پنهنجين ڳلين، شهرن ۽ ڳوٺن کي صاف رکون.