ڪلاسيڪل ڪردار  “فقير محمد مقيم ڪنڀار.”

خالد پرويز

            نئون ڪوٽ کان مٺيء واري رستي ،قلعي کان اتر طرف  وارو رستو  وٺبو ،جيڪو  ھاڻ ته پڪو ٿي ويو آھي، ته اڳيان وري جنهاڻ ايندي  انهي کان ٿورو اڳيان هلبو ته نهٽو ايندو، محمد  اسماعيل  نون جو  ڳوٺ، انهي تر جو  مشهور  ڳوٺ آھي، منهنجي سانڀر ۾  بابا جن سان گڏ جنهاڻ وڃبو  ھو ته سڄي ڳوٺ ۾  هڪڙي پڪي ماڙي نظر ايندي ھئي، جيڪا ماڙي سڏبي ھئي، مريد خان جوڻيجي جي ماڙي. بابا جي وري سنگت چاچا عبدالقادر جوڻيجو سائين  فقير محمد جوڻيجو ۽ چنڱل خان جوڻيجو  سان هئي ، سو ھيڏانهن پيو ڀيرو ڀڃندو ھو. فقير مقيم  ڪنڀار جا نهٽي کان وٺي جنهاڻ ، نبي سر،.ھيدو ، نئون  ڪوٽ ۽  مٺيء تائين  جا  پنڌ هوندا  هئا، اھو ئي سندس تر    ۽  گام  هو. ڪنڀار ذات ۽  انهي سان گڏ ھٿ جو پورهيو ڪندڙ  ذاتيون  ، واڍا، درزي، کٽي، ڪوري، رازا، ڪاريا، ميگهواڙ، ۽ جيڪي به ھنر مند ذاتيون، جيڪي پنهنجو ھٿ جو پورهيو ڪنديون هيون . ۽  سماج ۾ سندن ھنر جي ضرورت رھي آھي.اھي  وڏيرڪي سماج ۾ سئون سڌيون جاگيرداڻي حاڪميت جو شڪار  ڪون رهيون آھن. نتيجي طور   اھي پورهيت ذاتيون، جاگيرداري غلاماڻا سوچ کان آجيون رهيون آھن. سندن ھٿن پنهنجو پورھيو وڪيو ۽ موٽ ۾  پنهنجي پورھيئي جي اجرت ورتي. اھو ئي سبب آھي ته انهن  پورهيت ذاتين ۾  خود داري  به رھي آھي، ۽ انهي سان گڏوگڏ پنهنجي ھنر جي سلسلي ۾  سندن سماجي لاڳاپا  مختلف ماڻهن سان رهڻ  ڪري، سماجي سمجھ به ٻين  جي ڀيٽ ۾  سرس رھي آھي.

            فقير  مقيم ڪنڀار، پورھيت جي گهر مين ڄائو، سمجھ ڀريو ٿيو ته سندس مٿي تي يتيمپڻي، جيجل ماء ۽ الله جو ھٿ هو. ننڍي  هوندي کان  پورهيا  ڪيائين، مال چاريائين، کوهن تان پاڻي جيون ڪنواٽيون ڀريائين، جنهگ وڍيائين، پنهنجي جيجل ماء جي ھٿ جو ڪيل  ھنر وڪيائين پر سندس خود داري اھا جو ڪنهن کان گهري ڪون کاڌائين.اڃان ڪجھ سانڀر آيس ٻارن ٻچن وارو ٿيو، ٻارڙا ڪجھ وڏيرڙا ٿيا. اسڪول وڃڻ جهڙا ٿيا  ته سندس دماغ مان ٺڪاء نڪري ويس.ير!  ھي جي وڏا ٿيا چار اکر پيٽ ۾  ڪون هوندن ته سڄي زندگي جا سور، اھو سوچي فقير مقيم اٺا اسي جي ڏھاڪي ۾  اچي مٺي  وسائي. اها   ھئي مقيم  فقير جي سماجي سمجھ، ۽   زندگي جو فيصلائتو   موڙ.  آء  ھر جاء   تي انهي ڳالھ جو  فخر  سان ذڪر ڪندو آھيان  ته اسان جي موجوده سول سوسائيٽي سماجي علم  کان  وانجهيل  آھي. پر ان جي ڀيٽ مون جڏهن به فقير مقيم جهڙن گهٽ پڙهيل آڪابرن سان ڪئي آھي ته مون کي مقيم فقير جهڙا ماڻهو علم، عقل، سماجيات ، مشاھدي جا ڀنڊار ۽ ڏاڍا وڏا ماڻهو لڳندا آھن.

            مقيم فقير جي نيازمندي، سهڻي سڀاء ۽  آئي وئي سان سندس آڌرڀاء کيس چڱن ڀلن سان صفا ويجهو ڪري ڇڏيو. ڪرشن شرما، ڊاڪٽر غفار جوڻيجو، صادق فقير، کاٽائو جاني، آسو مل ( ڪوٽ مير جان محمد ) ارباب نيڪ محمد، ۽ ٻيا کوڙ  سندس صفا گھاٽا يار هوندا ھئا.مقيم  فقير جي دوڪان ٿي وڃبو ، جيڪو ھاڻوڪي پريس ڪلب جي  ۽ پراڻي  زرعي ترقياتي بينڪ ۽ کاٽائو جاني جي “ٿرڪتاب گهر” جي ڀرسان هوندو هو.  ھمراه مشڪي آڌرٻاء ڪندو. ڀڳل سڳل ڪرسي کي ڪپڙي سان ڇنڊي  ويهاريندو  ھو. پن جي  ٻيڙي  وات  ۾ ، خالد بابا اڌڙي چانھ جي  هلندي؟  بنا  جواب  جي  ڇوڪري  کي چوندو  ابا چانھ ڪا صفا ڪٽنگ ٺھرائي اچ. پوء ٿيندي ھئي اسان جي ڪچهري شروع. بابا کي سڏيندو ھو “ماما”.  خالد،  يار  ماما  الياس  جهڙا  ماڻهو  ڪٿي،پوء جڳ جهان جا قصا ڪچهريون.سندس دوڪان تي اسٽامپ وينڊري جا اسٽامپ، اسٽامپن جون ٽڪليون، سفيد ڪاغذ، پينون پيون هونديون هيون، دوڪان جي اڳيان دلا، مٽ، دانگيون، ۽ ڪنڀارڪي هنر جا سڀ وڙ رکيل هوندا هئا. بابا ڪجھ اسٽامپ وينڊري ڪريون ڪجھ اباڻي ڌنڌي جا ٺڪر رکيو ويٺا آهيون، مڙئي ٻچن جو گذر ٿيئي پيو  شڪر آھي. خليل اڪثر دوڪان تي ايندو هو، شاعري جو شوق تڏهن کان  هوس، خالد  تڏهن  جوڳيء  ڪون  ٿيو  ھو. بس  بابا ڇوڪرڙا پڙھي پون، ڪنهن اڀري سڀري نوڪري کي لڳي پون، انهي ڪري نهٽو ڇڏي اچي مٺيء  وسائي آھي. پٺاڻي سان گهڻي دل هوندي ھئس. خالد بابا دعا ڪر بس پٺاڻي پڙھي پوي . مقيم فقير ٿر جو سفير هوندو ھو ، سڄو ٿر سندس اندر ۾  برسات جيئن وسندو ھو، ڪٿي ٻڌئين ته ڪو مور مري ويو  آھي ته  سندس دل وسامي  ويندي  ھئي، ساڳي ڪيفيت، ڪنهن ڪومڀٽ جي وڻ وڍجڻ تي يا ھرڻ جي شڪار ۾  مارجي وڃڻ تي ٿيندي ھئس.

          سياسي سوجھ ٻوجھ وري اھا جو سنڌ جي سموري قوم پرستن جي سياست کي ڇڏي،ممتاز علي ڀٽي جي سنڌ فرنٽ جوائن ڪيائين،  اهو  دور اھڙو  ھو جو  ٿر جي سياست ۾  اربابن جي مرضي کان سواء ڪو سياست ۾ پکي پر ڪون ھڻي سگهندو ھو، پر فقير مقيم فرنٽ جو جھنڊو  ھڻي پڙ  تي بيهي رهيو. جنهن وقت ممتاز علي ڀٽو  جن جي نگران وڏ وزارت هئي، ته فقير کي کڻي ڪيائين ٿر ضلعي جو ايڊمنسٽريٽر ، هاڻ ابا فقيراڻو مزاج رکندڙ فقير محمد مقيم کي نڪو بجيٽون کائڻ اچن نڪو حرام جي پئسي تي اک ٻڏيس، بس جيئن تيئن ڪري ايمانداري سان پنهنجو وقت پاس ڪري  پنهنجي مان ۽ شان کي  برقرار  رکيائين. منهنجي جيڪا فقير مقيم لاء  راء جڙي  ته ھو صوفياڻه رنگ جو فقير منش  انسان ھو. جيڪو سمورن  مذهبن  جو احترام ڪندو هو. سندس خيال هو ته هر انسان جو مذهب ڀلي ڪهڙو به هجي پر جنهن کي جتي رب ملي. ممتاز ڀٽي سان سندس نيازمندي آخر تائين رھي. سندس هڪڙو ڇوڪرو جي نالو نٿو وسران ته سليم جي ٻانهن ممتاز ڀٽي جي حوالي ڪري ويو جيڪو اڃان تائين ، ممتاز ڀٽي سان مقيم فقير واري رشتي جي ريت نڀائيندو اچي.

          بهرحال سندس خوابن جي ساڀيان ٿي ، اولاد ۾ سڀ ٻار سٺين شان مان وارين نوڪرين ۾  آهن، خالد جوڳي ته نوڪري سان گڏ انٿروپالاجسٽ،۽  سٺو لکندڙ به آھي،سندس روح وري خورشيد قائم خاني وانگر سنڌ جي خانه بدوش قبيلن سان جڙي ويو آھي .خليل شاعري  به  ڪري ۽ پوليس کاتي ۾ آهي ، پٺاڻي جنهن جو ذڪر فقير مقيم  اڪثر ڪندو هو ۽ مٿس ساھ ڇڏيندو هو، اها به ٿر  ۾  سماجي ڪم ڪار جي حوالي سان ايوارڊ يافته خاتون آھي. ۽  ڪو سماجي ادارو پئي ھلائي فقير مقيم جتي به ھجي آرامي ھجي ۽   سک جي ننڊ ستل ھجي. ۽ سندس پونير سدائين شاد ۽ آباد ھجن.

 

 

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي  ۾  ليفٽ جي  شاگرد  سياست  ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر  به  رهيو  آهي، سنڌي  ڪالمن  کانسواءِ اردو  جا بلاگ  پڻ  لکندو  آھي. سندس  لکڻ جو  محور، اقليتون، عورتون  ۽ ٻار  آهن. پاڻ  حيدرآباد ۾  رهندا آهن.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments