سنڌ جي هڪڙي نالي واري ڪهاڻيڪار پنهنجي محبوبه زال جيڪا خود به ڪهاڻيڪارا آهي، جي جنم ڏينهن تي، فيس بڪ تي فخريه پوسٽ رکي ته، هوءَ هر وقت منهنجو خيال رکي ٿي. هوءِ اهو به ڄاڻي ٿي ته آئون جڏهن ڪهاڻي لکڻ ويهان ٿو ته مون کي ڪيڏي مهل چانهه کپي ۽ ڪيڏي مهل ڪافي وغيره… اڄ سندس جنم ڏڻ تي سندس ارپيل محبتن کي وساري نٿو سگهان.
اهو مهان ڪلاڪار جيڪو هونئن ته انسان جي ڪومل ۽ نفيس جذبن، خواهشن، دردن ۽ خوشين کي لفظن جو روپ ڏئي ڪلا سرجي ٿو، اُن کي ڪهڙي خبر ته هِن بي رحم پدري، سماج ۾ هن عورت پنهنجي خواهش جو گلو گهٽي، پنهنجي اندر جي ڪلاڪارا کي ماري کيس وڏن ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ کڙو ڪرڻ لاءِ ٻارڻ بڻي آهي. هِن پدري سماج ۾ محبت ۽ اُن ۾ قرباني به ڄڻ عورت جي ذميواري آهي ۽ ڪوبه مرد پنهنجي محبوبه جي بلند مقام لاءِ ان قسم جي قرباني ڏيڻ ته ڇا پر ان بابت سوچڻ جي ضرورت به محسوس نٿو ڪري. اسانجي سماج ۾ عورت لاءِ اھا سوچ، ھڪ حساس (genius) اديب جي آھي ته ڀلا ھڪ عام مرد کي ڇو ڏوھي ٺھرائجي؟
***
عورت شادي کان اڳ محبوبه آهي. هن جو چهرو چنڊ جهڙو ۽ چال هرڻي جهڙي آهي، وغيره وغيره ۽ شادي کانپوءِ عورت پير جي جُتي آهي، شڪل ڏائڻ جهڙي ۽ نڀاڳ جي نشاني آهي. دنيا جي هر رذيل ترين گار هن جو مقدر بڻجي ٿي.
پدري سماج ۾ پرورش پائيندڙ مرد ڀلي اديب هجي يا شاعر يا دانشور ۽ ڀلي پاڻ ترقي پسند هئڻ جي ڪيڏي به دعويٰ ڪندو هجي، هو عورت جي درد ۽ ڪرب کي نه ئي سمجهي سگهي ٿو ۽ سماجي زندگي ۾ نه ئي هن سان انصاف ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس برابري جا حق ڏيئي سگهي ٿو. عورت کي آزادي ماڻڻ ۽ پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ عورت کي پاڻ ئي اُٿڻو پوندو.
***
پدري سماج ۾ ڪهڙي گار آهي جيڪا مرد عورت کي نٿو ڏي ۽ پوءِ هُو ڪهڙي منهن سان چوي ٿو ته ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي، يا نياڻي ڀاڳ جي نشاني آهي، يا نياڻي ست قرآن جي برابر آهي، عورت ديوي جو روپ آھي…
جيستائين پدري سماج نه ڊهندو، مرد جي سوچ ۾ تبديلي ڪونه ايندي ۽ نه ئي اُن جي حاڪمانه ذهنيت ختم ٿيندي.
***
هڪ سنگتراش ڪڏهن به نه چاهيندو ته هُو پنهنجي ٺاهيل مجسمي (رچنا) کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي.
جيئن مادي (جسم) کانسواءِ سايي (پاڇي) جو ڪو وجود ڪونهي، تيئن روح ڀلي جسم کان فيصلي ڪرڻ ۾ سگهارو ۽ جسم جي حرڪتن (Activities) جي سرواڻي(Command) ڪندڙ ڇو نه هجي، پر روح ايترو ڪجهه هوندي به جسم کانسواءِ ڪوبه الڳ وجود ڪونه ٿو رکي ۽ نه ئي اُن (جسم) کانسواءِ ڪا معنيٰ رکي ٿو.
***
جيڪڏهن رياست کي پنهنجي آئيني ذميواري ياد ڏياريندي چئون ٿا ته، عوام مان بک ۽ بدحالي ختم ڪريو ۽ اُن تي ظلم نه ڪريو ته پادر ٿي هڻي، وري جي پالڻهار کي پنهنجي جوڙيل جهان جي بندن جي بک، بدحالي ۽ بري حال ۾ نڌڻڪو ڇڏي ڏيڻ تي ميار ڏيندي شڪايت ٿا ڪريون ته پنڊت ناستڪ ۽ الاهجي ڇا ڇا ڪوٺيندي نرڳ(Hell) جا ڌڙڪا ٿو ڏي.
وڃون ته آخر ڪيڏانهن وڃون؟ انهي ڪري پاڻ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته، جيئبو ته پنهنجي انداز يا طريقي (ڍگر) سان جيئبو ۽ دنيا کي پنهنجي اک سان ڏسبو. باقي هِن دنيا ۾ جيڪو حشر پاڻ سان ٿئي پيو ۽ هُن جهان ۾ جيڪو حشر پاڻ سان ٿيئڻو آهي، اُن تي سوچڻ مان فائدو به ڪهڙو؟
***
نالي چڙهيو (وڏو يا سينئر) اديب، شاعر ۽ دانشور عام ماڻهو جي فيس بڪ تي ڀلي سٺي ۽ معياري پوسٽ هجي، ڪمينٽ ته ٺهيو، پر لائيڪ به نٿو ڪري. منھنجي خيال ۾ اها به فيوڊل مينٽلٽي آهي، يعني هرو ڀرو پاڻ کي معتبر سمجهڻ ۽ عام ماڻهو کي گهٽ ۽ پنهنجي معيار جو نه سمجهڻ.
جڏهن ته عام ماڻهو وري هرو ڀرو (نه ڏيندي نه وٺندي) اهڙن نام نهاد وڏن ماڻهن لاءِ پوسٽ رکي ٿو، يا انهن جي پوسٽ تي هرو ڀرو ڪمينٽ ڪري ٿو يا لائيڪ ڪري ٿو. اها سندس غلامانه ذهنيت/سوچ آهي، ڇو جو غلام ماڻهو کي آقا جي هر ڳالهه ۾ وڏائي نظر ايندي آهي ۽ هو پاڻ کي اُن جي ڀيٽ ۾ نيچ يا ڪجهه به نه سمجهندو آهي. اھي ٻئي عمل نندڻ جوڳا آھن.
***
اڙي موت! بيشڪ تون انهن کان سگهارو آهين، جن جو جيون چئن پلن (ننڍڙي) دنيا ۾ قيد آهي. منهنجي جيون جو ڪينواس ته پوري ڪائنات تائين ڦهليل آهي، اوستائين تنهنجي پهچ ڪٿي؟