خاصنئون

مهانگائي گهٽائڻ لاءِ 15 ارب رپين جو پئڪيج آڻڻ جو فيصلو

وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ لڳ ڀڳ 15 ارب رپين جو پئڪيج آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. فيبروري کان جون 2020 تائين مهانگائي تي ضابطي لاءِ هر مهيني يوٽيلٽي اسٽورن کي ٻه ٻه ارب رپين جي سبسڊي ڏيئي اٽو، کنڊ، چانور، داليون ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وينديون. اهڙو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جي ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم کي عوام لاءِ تيار ڪيل رليف پئڪيج کان آگاهه ڪيو ويو. اگهن کي ضلعي سطح تي انتظاميه ذريعي مانيٽر ڪري ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي. شيون يوٽيلٽي اسٽورن تي 10 کان 25 سيڪڙو سستي اگهه تي وڪرو ڪيون وينديون. سڄي ملڪ جي ست هزار يوٽيلٽي اسٽورن تي شيون سستيون موجود هونديون