بلاگنئون

شهري مسئلا، شهري سياست ۽ شهرين جا عذاب

سموري صوبي جو حال به بدحال آهي، پر ڪراچي شهر جا سڀ روڊ رستا ڀڳا پيا آهن، پر سڀ کان وڌيڪ خراب حال اهي روڊ آهن جيڪي لانڍي، ڪورنگي، شير شاھ، اورنگي، حيدري ۽ گلشن حديد طرف آهن، انهن جو حال تمام خراب ٿي ويو آهي، ڪو پُرسانِ حال ناهي. ڪو به ان ڳالھ تي پريس ڪانفرس نٿو ڪري رياست يا وفاق جيڪي سي پيڪ جي آسري شهرن ۾ پروجڪٽ هلايا آهن، انهن جو ڪم ڪڏهن وري شروع ٿيندو، جو ماڻهن کي ته ساھ جون بيماريون ٿي ٿيون پون. روڊن ۽ رستن تي هڪ ته دونهون، ٻيو ڌوڙ، کڏا کوٻا، مٽي پٿرن جا ڍير، وري روڊن تي ”بلاڪيڊ“ نُما وڏا پٿر جيڪي روڊن کي انگڙ ونگڙ ڪيو بيٺا آهن. روڊن تي ٽريفڪ جي پيھ وري رمضان ۾ ته اهو ڏٺو ويو ته جيڪي به سخي مرد روڊن رستن تي پاڻيءَ جون بوتلون، کجور (ڪتل) فروٽ، سمبوسا، پڪوڙا ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون کنيو بيٺا هوندا هئا، انهن جي ته ڳالھ ئي ٻي آهي. سٺي ڳالھ آهي ته انهن ماڻهن وٽ الله جو گنج ڀريو پيو آهي، پر شين جي ترتيب ناهي. شهر جي ”اين جي اوز“ ٽائيپ فلاحي ادارا به هاڻي الائي جي ڪهڙي ڊوڙ ۾ لڳي ويا آهن ته ڪير گهڻو ٿو کارائي ۽ ڪير گهڻا ڇيلا ۽ ڪڪڙ قورما ٿو کارائي. مثال ”جي ڊي سي“، ايڌي، رمضان ڇيپا، جيلاني، سيلاني ۽ هينڊس يا ڪجھ ٻيون اين جي اوز آهن، جن جو سڄو ڏينهن هڪ ئي ڪم هوندو آهي ته صاحب استطاعت ماڻهن کان پنجاھ پنجاھ هزار ۽ ڪڏهن ته لکين رپيا رڳو انهن ڇيلن ۽ ٻڪرين جي مٿان هٿ گهمائي وٺي ويندا آهن، جن کي اهو چيل هوندو آهي ڪاري ٻڪري جو صدقو ڪڍو ته پوءِ سڀ خير ٿي ويندو. ان ڪري اهي ڪاري ٻڪري ۽ ڇيلي جا مالڪ انهن تي هٿ ڦيري اهو سڀ ڪجھ انهن اين جي اوز جي نالي ڏئي پنهنجو ڪارو ناڻو سفيد ڪيو هليا ويندا آهن، يا اهي بلڊرمافيا ۽ هڪ وڏو ڪلاس جيڪو بي تحاشا دولت جو مالڪ آهي، انهن وٽ اهڙي پئسي جي کوٽ ناهي، پر ان جو استعمال به صحيح ناهي. ڪو دور هو جو ايڌي وٽ شيلٽر هائوسز به هوندا هئا (اڄ به آهن) جيڪي اهڙن ماڻهن جي مدد ڪندا هئا جن وٽ کائڻ جي لاءِ ڪجھ نه هوندو هو يا جيڪي بي يارو مددگار هوندا هئا، ان جو ڪو اوهي واهي نه هوندو هو ته ايڌي انهن کي پناھ ڏيندو هو يا ٻي ڪي اهڙا فلاحي ادارا يا ايڌي ته يتيم ۽ لاوارث ٻارن کي به پاليندو هو ۽ هاڻي به پالي ٿ، پر جڏهن هي ويچارو هن دنيا مان رحلت ڪري ويو ته ڪو ملان مولوي هن جي نماز نه پيو پڙهي، رڳو ان ڪري ته هن معاشري ۾ حرامي ٻارن کي تحفظ ڏنو ۽ انهن ٻارن کي پيءُ جو نالو ڏنو، جن کي انهن جي ماءُ ڪنهن بي نام جهولي ۾ وجهي پاڻ هلي وئي ۽ گناھ ٻئي جي حوالي ڪري وئي، ته ايڌي انهن کي پنهنجو نالو ڏنو. پر ايڌي هن معاشري ۾ حلالي ۽ حرامي گڏائي ويو. مثال هاڻي به ڪيترائي وڏي درجي وارا فنڪار آهن جن ايڌي کان ٻار (پٽ ۽ ڌيءَ) پالڻ لاءِ ورتا آهن، ان ڪري ته انهن کي اولاد ناهي ۽ اهي يتيم ٻار انهن وٽ رهي اعليٰ تعليم به حاصل ڪن ٿا، انهن ۾ نالي وارا راڳي به آهن، ٽي وي آرٽسٽ به آهن ته واپاري طبقي وارا ماڻهو به، پر هاڻي اهي سڀ اين جي اوز ڪنهن لنگر خاني کان گھٽ ناهن جن جو استعمال يا ڪارج هاڻي ايڪسپلائٽ ٿي ويو آهي، جن کي معاشري جي ضرورت جي مطابق بهتر ڪجي، بهرحال شهر ۾ پاڻي جي ايتري ته قلت هجي ٿي جو ماڻهو گهرن جي ٽنڪيءَ ۾ پاڻي نٿا ڏين پر ماڻهو پلاسٽڪ جون بولتون ڀري ڀري گذارو ٿا ڪن ۽ اهو حيرت اها به آهي ته گهرن جي نلن ۾ پاڻي نٿو اچي، پر دڪاندار وٽ اچي ٿو، پر حڪومت جون ڪجھ ڌريون يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڪجھ پاڻي جا ”هائيڊرنٽ، به هلائين ٿا جن جي ڪمائي لکين رپيا هجي ٿي مثال ڊفينس ۾ نَلَ جو پاڻي ناهي ايندو، پر انهن وٽ هر مهيني ڪنٽينر لهن ٿا ۽ اهي ائين ئي سالن کان وٺي پيا زندگي گذارين، پر سسٽم پوءِ به بگڙيل آهي يا مثال 27 آگسٽ 2020 واري بارش ۾ جيترو پاڻي ڊفينس ۾ گڏ ٿيو هو اوترو پاڻي شايد ڪنهن ٻئي علائقي ۾ گڏ ٿيو هجي ان ڪري ته نالن جو نيٽ ورڪ جام ٿيڻ جي ڪري شهر جي ڪيترن علائقن ۾ اهڙي صورتحال هئي جيڪا بعد ۾ ڪنٽرول ٿي وئي، پر گٽر سائنس اڃان تائين سمجھڻ جي ضرورت آهي ته اهڙين بارشن ۾ ماڻهن جا لکين رپيا انهن ڪروڙن جي گاڏين تي ٻُڏي ويا هئا جيڪي گاڏيون ”اليڪٽريفائيڊ“ هيون ان ڪري شهري پريشر گروھ اهڙي سياست ڪري ڄاڻن جتي رڳو اها اڙَ ملي ته حڪومت ڪٿي ڳٿل آهي ۽ انهن جي ڀنگي (ٻالا) مافيا ڪيتري ته مضبوط آهي جو سسٽم جام ڪري ٿي ڇڏي ۽ ماڻهو وائڙو ٿي وڃي ته آخر ڇا ڪجي جو اهي گٽر سائنس جا نيٽ ورڪ سمجهي وٺجن ته ڪهڙو ڪاڏي ٿو وڃي ۽ ڪهڙو ڪاڏي؟ ۽ ان کي ڪير ايڪسپلائيٽ ڪري رهيو آهي.
شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو ايڏو آزار آهي جو اهڙو آزار شايد ڳوٺن ۾ به نه هجي، ان ڪري انهن ڪچين آبادين ۽ ڳوٺن کي هڪ آسرو آهي ته بجلي جي وئي ته وري رات جو ايندي يا صفا نه ايندي يا ڪن صورتن ۾ ڳوٺن جا ٽرانسفارمر ۽ بجلي جون لڳل تارون به چوري ٿي وينديون آهن، پر شهرن ۾ ان کان به وڌيڪ آزار آهي، جتي هاڻي هزارين رپيا رڳو بجلي جي بلن جي مد ۾ هليا ٿا وڃن، پر بجليءَ جو حال پورو سارو آهي، يا مصيبت اها به آهي ته بجلي جي هجڻ سان گيس ۽ پاڻي جا سسٽم به گنڍيل آهن يا وري ٻي مصيبت اها به آهي ته گرميءَ ۾ بجلي ۽ سردين ۾ گيس جو مسئلو هلندو رهي ٿو، پوءِ شهري آبادي هاڻي ته وڌيڪ پريشانين جو شڪار آهي، جو اهي بجلي نه هجڻ جي صورت ڇا ڪن يا جي گيس نه هجي تا ڇا ڪن، يا مثال هڪڙي ٻي به ڳالھ آهي ته گيس جي نه هجڻ جي ڪري ماڻهو گيس جا سيلينڊر وٺي ڪم هلائي ۽ بجلي نه هجڻ جي صورت ماڻهو سولر پينل وٺي ڪم هلائي، پر جيڪي وڏا وڏا پلازا آهن، اهي ته پوءِ بجلي جي هجڻ جي ڪري وڌيڪ مسئلن جو شڪار ٿين ٿا، توڙي جو انهن وٽ اسٽيڊباءِ بجليءَ جنريٽر هجن ٿا، جن جي ڪري انهن جا مينٽيننس جا خرچ ٻيڻا چوڻا ٿيو وڃن، هاڻي شهر ۾ به زندگي ڪلاسيفائيڊ ٿي وئي آهي، پوءِ ماڻهو آخر ڪيڏانهن وڃي يا ڪهڙو حل ڳولهي، ان ڪري ته گهڻي ڀاڱي جيڪي ماڻهو پگهاردار آهن، اهي ته گهڻي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ٽريفڪ جام جا مسئلا ته حد درجي جا آهن، جنهن ۾ ماڻهن کي شديد پريشاني ڏسڻي ٿي پئي، ان ڪري جو هڪ ته ڪمپني ٽرانسپورٽ نه هجڻ جي برابر آهي، جو ماڻهو الڳ الڳ گاڏين ۾ جڏهن نڪرن ٿا ته اهي هڪ ته دونهون گهڻو ٿا ڇڏين ٻيو ته ٽريفڪ جام به ڪن ٿا، ٽيون ته سڀني جي آفيس ٽائيمنگ ۽ واپسي نڪرڻ جو ٽائيم به تقريبن ساڳيو ئي هجي ٿو ۽ ڇوٿون ته ماڻهن ته ليز تي گاڏيون وٺي ڇڏيون آهن (۽ اڃان به وٺن ٿا پيا)، پر اهو ريشو اڃان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي، جيڪو 1000 تي 12 گاڏيون به ناهي جيڪو ڀارت ۾ 200 گاڏين تائين پهتو آهي. معنيٰ هزار مان 200 ماڻهو هر سال نئين گاڏي وٺن ٿا، پر پاڪستان ۾ اها شرح سموري ملڪ جي آهي، وري مصيبت اها به آهي ته روڊن جي واڌ نٿي ٿئي ۽ جيڪي روڊ آهن انهن تي قبضا تمام گهڻا آهن يا اڌ روڊ ته انهن دڪاندارن جي گاڏين جي لاءِ ڇڏيل هوندو آهي ته پوءِ روڊن جون گاڏيون ڪاڏي وڃن يا اهي گاڏيون جڏهن روڊ جا حصا قبضي ۾ رکيون ويٺيون آهن ته روڊ تي ايندڙ گاڏيون ڪيڏانهن وڃن، ان ڪري صوبائي سرڪار انهن ڳالهين تي به ڌيان ڏئي. ان ڪري جو ماضيءَ ۾ گهڻائي دفعا جمشيد روڊ جون گاڏيون هٽايون ويون هيون، پر وري ساڳي ئي مهيني انهن جون ڳالهيون طئي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ وري اهي سڀ گاڏيون هيٺ لاهي بيهاري ٿا ڇڏين. ان ڪري اهڙيون بازارون ۽ مارڪيٽون جيڪي شهر ۾ هوندي ٽريفڪ جي لاءِ مصيبت جو ڪارڻ آهن ته انهن کي فوري طور تي شهر کان ٻاهر ڪڍيو وڃي. يا وري پارڪنگ جي لاءِ پارڪنگ پلازه ٺاهيا وڃن، وري شهر جون گٽر لائينون ايتريون ته خراب رهن ٿيون ته انهن جو پاڻي پيئڻ وارين لائينن کي به بگاڙي ٿو ڇڏي، ان ڪري جو اهي لائينون ڪڏهن به صحيح يا دائمي صحيح نه ٿيون ڪيون وڃن جنهن جي ڪري روڊن جي حالت ويتر خراب ٿي ٿي وڃي. ان ڪري سبب کڻي اهو به هجي ته پاڻي، گيس، بجلي، گٽر لائين جيڪا مثال 200 ماڻهن جو بار يا لوڊ کڻي سگهي ٿي يا ڪيپسٽي مطابق 200 ماڻهن جو پريشر برداشت ڪري سگهي ٿي ته اها ئي لائين وري 2000 ماڻهن جي لوڊ پوڻ تي ڦاٽي ٿيون پون يا گٽر جو پاڻي ٻاهر روڊن تي نڪري ٿو اچي يا بجلي جي تارن ۾ اهو دم نه هوندو آهي جو اهي لوڊ برداشت ڪري سگهن. ان ڪري آبادي جي ورڇ مطابق ۽ موجود سسٽم جي پائيدراي ۽ طاقت تحت به سسٽم فعال يا بحال ڪيا وڃن، جنهن سان شيون به صحيح هلن، ماڻهن کي به ڪا تڪليف پهچي ۽ شيون بهترين طريقي سان ڪم به ڪن.