بلاگنئون

1857ع جا واقعا: آزادي جي جنگ يا بهانو!

برٽش انڊيا ۾ 1857ع ۾ پيش اچڻ وارن رتو ڇاڻ وارن واقعن کي ڪارل مارڪس به ٽربيون اخبار ۾ نيشنل ريوولٽ يا قومي بغاوت لکيو هو ۽ هندستان تي برطانوي بيٺڪي حڪومتي دور ۾ “بهاني” جي موضوع تي لکڻ منع هو. فاتح ۽ مفتوح تاريخ ۾ واقعن کي پنهنجن پنهنجن نظرين جي روشني ۾ بيان ڪن ٿا. ان صورت ۾ مورخ جي لاءِ مشڪل ٿيندو آهي ته هو دستاويزن جي روشني ۾ فيصلو ڪري. اهو به ٿيندو آهي ته وقت سان گڏ فتح ٿيلن جو خيال يا ڏسڻ جو زاويو غالب اچي ويندو آهي. 1857ع واري هندستاني مزاحمت جو جيڪا برطانوي حڪومت جي خلاف ٿي هئي، اهو مقصد هو ته هندستان کي بيٺڪيي نظام کان آزاد ڪرايو وڃي. 1857ع جي هندستاني مزاحمت جو، جيڪا برطانوي حڪومت جي خلاف ٿي هئي، مقصد اهو هو ته هندستان کي بيٺڪيي نظام کان آزاد ڪرايو وڃي. برطانوي نقطهءِ نظر کان اهو “بهانو” يا بغاوت هئي، جيڪا حڪمرانن جي خلاف انهن جي “قانوني حڪومت” جي خلاف هئي. حالانڪه “قانوني حڪومت” ته مغل بادشاھي هئي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ فوجي طاقت جي وسيلي اقتدار تي قبضو ڪيو هو. ان رتوڇاڻ تي پهريون رد عمل انگلستان جي وزيراعظم بينجمن ڊزرائيلي جو هو، جنهن ان کي نيشنل ريوولٽ يا قومي بغاوت جو نالو ڏنو هو. ڪارل مارڪس به ٽربيون اخبار ۾ ان کي “قومي بغاوت” ئي لکيو هو. وينانڪ دامودر ساورڪر اهو پهريون شخص هو، جنهن ان واقعي جي باري ۾ لکندي ان کي پنهنجي ڪتاب “هندستان جي آزادي واري جنگ” سان ڳنڍيو آهي. اهو ڪتاب 1901ع ۾ ڇپيو هو. ساورڪر اهو ڪتاب قومي نقطهءِ نظر سان لکيو هو. آزادي جي ان جنگ ۾ هندو ۽ مسلمان برابر جا شريڪ هئا. ان جنگ ۾ جن اڳواڻن مزاحمت ڪئي. ساورڪر انهن کي هيروز جو درجو ڏنو. انهيءَ ڪتاب جي لکڻ تي ساورڪر تي ڪيس هلايو ويو ۽ هن کي سزا جي طور تي ڪاري پاڻي ۾ قيد ڪيو ويو هو. هندستان ۾ برطانوي حڪومت جي دور ۾ “بهاني” واري موضوع تي لکڻ منع هو. صرف انهن ڪتابن جي ڇپائي جي اجازت هئي، جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت کي جائز قرار ڏنو ويو هجي ۽ “باغين” کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هجي. مثلن سر سيد احمد خان پنهنجي ڪتاب “تاريخ سرڪشي بجنور” ۾ جتي هو ان وقت ڪمپني جو ملازم هو. باغين کي ڪميڻو ۽ مردود لکيو. بهانو سڏرائڻ واري جنگ تي هندستاني نقطهءِ نظر کان لکڻ وارن تي پابندي جي سبب کان 1867ع جو برطانوي نظريو ئي سچائي جو سبب بڻيو رهيو. ايستائين ته جڏهن مشهور تاريخدان جادوو ناٿ سرڪار 1857ع جي واقعي تي تحقيق جو منصوبو بڻايو، ان کي فورن ئي ڇڏيو ويو. ان لاءِ ته هن کي برطانوي حڪومت جي ناراضپي جو خطرو هو ۽ پوءِ ان مورخ پنهنجي تحقيق کي مغلن جي زوال تي ئي محدود رکيو. 1947ع ۾ آزادي کانپوءِ ڀارتي حڪومت 1957ع ۾ ان موضوع تي تحقيقي ڪتاب ڇپرايا. مشهور مورخ ڊاڪٽر سريندر ناٿ سين پنهنجي ڪتاب جو ٽائيٽل صرف 1857ع ئي رکيو ۽ اهو چٽو نه ڪيائين ته اهو واقعو بهانو هو يا آزادي واري جنگ. مولانا ابوالڪلام آزاد جيڪو ان وقت ڀارتي تعليم جو وزير هو، ان ڪتاب تي پنهنجو ڪيس لکيو هو. هڪ بنگالي مورخ 1857ع کي Sepoy Mutiny يعني سپاهين جي بغاوت لکيو آهي. 1857ع جي باري ۾ ٻه سوچڻ جا زاويا آهن. پهرين نظريي ۾ اهو چيو ويو ته 1857ع جي مزاحمت ۾ هندستان جا اهي مقامي حڪمران شامل هئا، جن جون رياستون ڪمپنيءَ ضبط ڪري ڇڏيون هيون۔ جيئن جهانسي جي راڻي، نانا صاحب ۽ حضرت محل، ٻئي نظريي ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته ان مزاحمت ۾ هاري، ڪاريگر ۽ عام ماڻهو به شامل هئا. هفتيوار اقتصادي ۽ سياسي رسالي EPW جو هڪ شمارو 1857ع جي باري ۾ به هو، جنهن ۾ دلت طبقي جو به ذڪر آهي، جنهن مزاحمت ۾ حصو ورتو هو.

سبالٽرن مورخ جيڪو هڪ ڏکڻ ايشيائي عالمن جو گروهه هو، جنهن جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي. هنن جو مقصد تاريخ لکڻ جي روايتي طريقن تي تنقيد ڪرڻ ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي تاريخ کي سامهون آڻڻ هو. پنهنجي تحقيق ۾ هارين جي بغاوتن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا 1857ع جي رد عمل ۾ ٿي هئي. ڀارت ۾ تاريخي تحقيق جي ڀارتي ڪونسل 1857ع تي تحقيق جي لاءِ هڪ الڳ شعبو قائم ڪيو آهي، جيڪو انهن واقعن تي لکيل لکڻين کي شايع ڪري رهيو آهي، جيڪي سالن کان گم هيون۔ انهن ۾ ماڻهن جون لکڻيون، عوامي گيت، واقعن جو اکين ڏٺو احوال سڀ ڪجھ شامل آهي. پاڪستان ۾ هينئر پنجاب ۽ سنڌ به 1857ع واري آزادي جي جنگ ۾ پنهنجي ڪردار تي تحقيق ڪري رهيا آهن. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ جيڪي بغاوتون ٿيون هيون. انهن جو حال ڪنهيا لال پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. پنجاب ۾ احمد خان کرل کانسواءِ عوامي گيتن ۾ جيڪو 1857ع جو ذڪر آهي، ان کي به گڏ ڪيو ويو آهي.