سنڌ حڪومت جو 11 کرب 44 ارب رپين کان وڌيڪ جو بجيٽ پيش
سنڌ جي وزير اعليٰ ۽ صوبائي وزير خزانا سيد مراد علي شاهه بجيٽ تجاويز جي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ آئنده سال 19-2018جو 11 کرب 44 ارب ۽ 44 ڪروڙن جو بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو. بجيٽ پيش ڪندي مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت پوري سال جو بجيٽ تيار ڪيو آهي پر ايوان کان درخواست ڪئي ته اهو صرف ٽن مهينن جي خرچن جي منظوري ڏي. هن اهو به چيو ته آئين مطابق اسان کي پوري سال جو بجيٽ پيش ڪرڻ جو اختيار آهي پر جڏهن ته پارٽي جي اصولن مطابق هو سمجهن ٿا ته اهو ايندڙ حڪومت جو حق آهي ته اها نئين مالي سال جي باقي 9 مهينن جو بجيٽ پيش ڪري. سنڌ حڪومت پاران ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ ۾ آمدني جو هدف 11 کرب 20 ارب رپيا رکيو آهي. جڏهن ته بجيٽ خساري جو هدف 22 ارب رپيا رکيو ويو آهي. ان سان گڏ وفاقي، غير ملڪي فنڊنگ تي مشتمل ترقياتي بجيٽ لاءِ 3 کرب 44 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ غير ترقياتي خرچن لاءِ 7 کرب 70 ارب رپيا رکيا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي. سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کي ٽيڪس فري بجيٽ قرار ڏنو آهي ۽ هن ۾ ڪنهن به قسم جي نون ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ناهي ڏني. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 2 کرب 44 ارب رپين کان 2 کرب 82 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وزيراعليٰ چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ 105 ارب رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا ويندا. جڏهن ته بلدياتي بجيٽ 72 ارب رپيا هوندو. ان کان علاوه ڪراچي اندر روڊ، پُلون، فلائي اوور ۽ انڊر پاس ٺهرائڻ لاءِ 15 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.