پاڪستاننيو‍‍ز

پاڪستان مسلم ليگ ن پاران سنڌ چيپٽر ختم ڪرڻ جو اعلان

پي ايم ايل ن جي صوبائي صدر سيد شاه محمد شاه پاران چيو ويو  آهي ته شهباز شريف جي چوڻ تي هو پارٽي جي سنڌ چيپٽر کي ختم ڪري رهيوآهيان. سنڌ چيپٽر ۾ سڀني ڊويزنن، ضلعي ونگز ۽ باڊيز کي ختم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهو قدم کڻڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن پارٽي کي اڃان مضبوط ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جي ٻيهر جوڙجڪ ڪرڻ لا ءِ  25 رڪني ايڊوائزري ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هن ڪميٽي جو چيئرمين سنڌ جو اڳوڻو گورنر محمد زبير هوندو. هن ڪميٽي پاران هڪ  مهيني اندر پارٽي ليڊرشپ کي سفارشون پيش ڪيون وينديون. ۽ محرم بعد شهباز شريف  سڄي ملڪ جو دورو ڪندو جنهن جي شروعات سنڌ مان ٿيندي. پريس ڪانفرنس سان ڳالهائيندي سيد شاه محمد شاه چيو ته 25 جولاءِ جي اليڪشن ۾  لڪل طاقتن پاران پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرايا ويا ۽ اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو. جنهن بابت ملڪ جي سڀني پارٽين جو موقف آهي ته  تازين  چونڊن خلاف  جانچ ڪئي وڃي.  هن اهو به چيو ته نواز شريف ۽ سند س ڌيءُ مريم نواز اهو ڄاڻڻ بعد به ملڪ واپس  آيا ته هنن کي گرفتار ڪيو ويندو ان عمل سان نواز شريف تاريخ رقم ڪئي آهي.