نئون

فلپائين جي انجنيئر اڏڻ واري ڪار تيار ڪري ورتي

هڪ طرف دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ اڃان اڏڻ واري ڪار جي منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي. ٻئي طرف فلپائين جي هڪ انجنيئر پاران اڏڻ واري ڪار ٺاهي ورتي آهي. هي ڪار جهاز جيان آسمان ۾ اڏي سگهي ٿي. انجنيئر  منڊوزا پاڻ  ڪار ۾ ويهي ان کي اڏائي به ڏيکاريو. جنهن جو وڊيو انٽرنيٽ تي موجود آهي. منڊوزا جي هي ڪار بيٽرين جي مدد سان 15 منٽن تائين اڏامي سگهي ٿي. جڏهن ته انهن بيٽرين کي اڍائي ڪلاڪن تائين چارج ڪرڻو پوندوآهي. انجنيئر منڊوزا کي هي ڪار ٺاهڻ ۾ 6 سال لڳا آهن.  منڊوزا هن ڪار کي کپائڻ  چاهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته هو هن  ڪار کي  اسپورٽس ڪار جي ڊيزائين ڏيڻ چاهي پيو پر خرچ گهٽ هئڻ ڪارڻ اهو ايئن نه ڪري سگهيو آهي. منڊوزا جو چوڻ آهي ته هن کي اميد آهي ته هن جي اها ڪار ماڻهن کي پسند ايندي ۽ هن ڪار کي وڪرو ڪري ان جي پئسن مان هو ٻن سيٽن واري اڏامندڙ  ڪار تيار ڪندو.