نئون

 پاڪستان چين سان گڏجي سي پيڪ معاهدن تي هڪ دفعو ٻيهر غور ڪندو، فنانشل ٽائيمز

برطانوي خابرو اداري فنانشل ٽائيمز پاران چيو ويو آهي ته پاڪستان چين سان ٿيل سي پيڪ معاهدن تي ٻيهر غور ڪرڻ  چاهي ٿو جنهن بعد اهي معاهدا ٻيهر طئي ڪيا ويندا.اخبار مطابق قرض جي ادائيگي سميت منصوبن جي مدت وڌائڻ تي به غور ڪيو ويندو.  جڏهن چين پاران معاهدن تي ٻيهر ڳالهائڻ تي آمادگي ظاهري ڪري ڇڏي آهي. خابرو اداري مطابق وزير اعظم عمران خان پاران اقتصادي ڪائونسل کي سي پيڪ منصوبن بابت مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ته جيئن ادائيگين جي تفصيل معلوم ٿي سگهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو  ويو آهي ته پاڪستان معاشي عدم استحڪام باوجود عالمي مالياتي اداري آ ءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو. پاڪستان چاهي ٿو ته آءِ ايم ايف بجاءِ سعودي عرب ۽ چين سان ڳالهايو ڪئي وڃي. برطانوي اخبار کي هڪ انٽرويو ۾ پاڪستان جي  صنعت ۽ تجارت جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود ٻڌايو آهي ته سي پيڪ معاهدن تي پاڪستاني ڪمپنين کي نقصان رسي رهيو آهي. ۽ چين جون ڪمپنيون ناجائز فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. جنهن ڪارڻ سي پيڪ منصوبن کي هڪ سال لاءِ روڪيو وڃي. عبد الرزاق دائود جو چوڻ آهي ته گذريل حڪومت سي پيڪ معاهدن تي اهڙا فيصلا ورتا جيڪي پاڪستان جي معيشيت خلاف هيا. چين جي ڪمپنين کي ٽيڪس تي ڇوٽ ڏني وئي هئي. جيڪا ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان لاءِ بهتر نٿي  ٿي سگهي. هن جو اهوبه چوڻ آهي ته سي پيڪ منصوبن تي نظر رکڻ سان پاڪستاني ڪمپنين کي خساري کان بچائي سگهبو.