غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جاري، لکين پناهگيرن مان ساڍا 5 هزار افغاني روانا، 6 هزار عارضي ڪيمپن ۾ ترسيل
غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو آپريشن جاري آهي. ڪالهه خيبر ۾ عارضي پناهه گاهن ۾ رهندڙ 5 هزار 650 افغاني پنهنجي ڏيهه روانا ٿي ويا. چمن ۾ 6 هزار غيرقانوني پرڏيهي ڏيهه واپسي لاءِ عارضي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن. بلوچستان جي نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو ڪم ٻن مهينن تائين هلي سگھي ٿو. اختيارين جو چوڻ آهي ته الٽيميٽم ڏيڻ کان پوءِ 1 لک 65 هزار کان وڌيڪ افغان شهري واپس موٽي ويا آهن. ٻئي پاسي چمن جي بولدڪ اسپن واري علائقي ۾ عارضي ڪيمپ ۾ ترسيل افغان عورت ٻار کي جنم ڏنو. جنهن کان پوءِ اختيارين ماءُ ۽ ٻار جي صحت بحال ٿيڻ تائين سندن خاندان جي ٻن ماڻهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن ڪراچي جي سپرهاءِ وي واري علائقي ۾ آپريشن ڪري گھر گھر تلاشي وٺي 50 کان وڌيڪ غيرقانوني ترسيل پرڏيهي گرفتار ڪيا ويا. ٻئي پاسي نگران گھرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارڙن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ حاصل هوندي. جڏهن ته نگران وزير داخلا سرفراز بگٽيءَ سان افغان ناظم الامور سردار احمد شڪيب ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفا معامرن ۽ افغان شهرين کي پنهنجي وطن واپسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزير داخلا سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وطن واپس ويندڙن سان انتهائي عزت ۽ احترام وارو رويو اختيار ڪيو وڃي. پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان اسٽيشن ڪارڊ جي رکندڙ ماڻهن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي، بدتميزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان غير قانوني افغانين جي بي دخلي بدران انهن جي رجسٽريشن لاءِ گڏيل مڪينزم جوڙي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي جي ترجمان قيصر خان آفريدي چيو ته افغان شهرين جي واپسي جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا ۽ انهن جي حياتين کي خطرا به پيش اچي سگهن ٿا. افغانستان جي صورتحال تي 8 ملڪن ۽ يورپي يونين به گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته غير دستاويزي افغانين جي رجسٽريشن جو نظام تيار ڪيو وڃي ۽ تحفظ جي طلبگار افغانين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. آمريڪي پرڏيهي کاتي ان حوالي سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪن. هوڏانهن افعانستان جي نائب وزيراعظم ملا عبدالسلام حنفي افغان پناهگيرن جي پاڪستان مان بي دخلي کي عالمي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي نائب وزيراعظم ملا عبدالسلام حنفي طورخم بارڊر جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪستان کان ايندڙ افغان پناهگيرن بابت صورتحال جو جائزو ورتو. هن چيو ته موجوده افغان حڪومت پاڪستان کان آيل پناهگيرن جي چئلينجن کي حل ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي. اسان جا ڀائر ڀينر واپس اچي رهيا آهن ته اهو سندن گھر آهي، جيڪڏهن ان حوالي سان مسئلا آهن ته اسان کي اهي حل ڪرڻا آهن، اهو اسان جو بنيادي ڪم آهي.

