پاڪستانخاصنيو‍‍ز

عمران خان پاران مھانگائي خلاف احتجاج جو سڏ: مريم اورنگزيب پاران شديد تنقيد

عمران خان جي سڏ تي تحريڪ انصاف پاران مهانگائي خلاف ملڪ گير مظاهرن تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگ زيب چيو آهي ته عمران خان جو سازشي بيانيو دفن ٿي چڪو آهي، عمران خان هاڻي مهانگائي تي فساد پکيڙڻ چاهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته خان صاحب توهان جو ڪوڙو ۽ منافقت وارو چهرو عوام ڏسي چڪو آهي، عوام ملڪي مفاد کي ڪجهه هيرن عيوض وڪرو ڪرڻ وارن جي سڏ تي ڇو نڪري.