خاص

سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13 سيپٽمبر تائين واڌ

سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي. سائيفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي، ايف آءِ اي جي اختيارين پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل اندر قائم ڪيل اسپيشل ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو.  اطلاعن موجب ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل سلمان صفدر به عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي. سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو ڪيس ٺهي ئي نه ٿو، مٿس سياسي انتقام لاءِ سائيفر ڪيس ٺاهيو ويو آهي، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.